دنيا جي هڪ بدترين انساني الميي مان هڪ الميو غزه جي پٽيءَ تي ظاهر ٿي رهيو آهي، جتي معصوم ٻار جنگ، بک ۽ نفسياتي صدمن جي ور چڙهيل آهن. موجوده اسرائيلي حملي ۾، جنهن کي ڪيترائي عالمي مبصر “نسل ڪشي” جي برابر قرار ڏئي رھيا آهن، هزارين ٻار پنهنجيون زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ جيڪي زنده بچيا آهن، سي جسماني ۽ ذهني طور تي زخمي ٿي چڪا آهن.
اقوام متحده جي رپورٽن مطابق، غزه ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن. هڪ سال جي ٻار کي جنهن کي عام حالتن ۾ ٽن وقتن جو کير پيئڻ ۽ هلڪي غذا کائڻ گهرجي، اتي کيس ٻن ڏينهن ۾ صرف هڪ وقت جو کاڌو يا کير جو پيڪٽ ملي ٿو. مائرون پنهنجن ٻچن کي پاڻ نٿيون کارائي سگهن، ڇاڪاڻ ته سندن جسم ۾ کير پيدا ڪرڻ جيتري صلاحيت ئي نه رهي آهي. انفرادي ادارن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هيءَ صورتحال ڏڪار کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ٻارن جي جسماني واڌ کي هميشه لاءِ متاثر ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته غذائي کوٽ سبب ٻارن جا هٿ پير ڪمزور ٿي رهيا آهن، سندن نظر تي به اثر پئجي رهيو آهي. هڏا نرم ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه ٻار ته هلڻ کان به لاچار ٿي ويا آهن. ڪيترن ئي ٻارن ۾ رت جي کوٽ، ڪيلشم جي کوٽ ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب چمڙي ۽ هڏن جون بيماريون وڌي رهيون آهن.
يونيسيف جي تازي رپورٽ موجب، غزه جا ٻار شديد نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آهن. بمباري جي آواز، پنهنجن پيارن جي لاشن جا منظر ۽ لڳاتار خوف سندن معصوم ذهنن تي اهڙا نقش ڇڏيا آهن، جيڪي زندگيءَ ڀر وسرڻ مشڪل آهن. ڪيترائي ٻار رات جو سمهڻ کان ڊڄن ٿا، ڪجهه پنهنجو آواز وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪجهه ته مسلسل خاموشيءَ جو شڪار آهن. ڊاڪٽرن ان حالت کي “گهائيندڙ ٻالڪ نفسيات” (Wounded Child Psychology) سڏيو آهي، جتي ٻار جذباتي طور مفلوج ٿي وڃن ٿا. نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جنگ بند به ٿي وڃي ته به انهن ٻارن کي ٻيهر نارمل زندگي ڏانهن آڻڻ لاءِ سالن جي ٿراپي جي ضرورت پوندي. ڪيترن ٻارن جي دل ۾ مستقل خوف ويهي ويو آهي ته هو ڪڏهن به ۽ ڪٿي به محفوظ ناهن. اهو خوف سندن مستقبل کي خطري ۾ وجهي ٿو.
انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافي مسلسل آواز اُٿاري رهيا آهن ته غزه جي ٻارن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪيو وڃي، پر عالمي طاقتور ملڪن جي خاموشي حيرت جوڳي آهي. اقوام متحده جي مذمتي بيانن کان اڳتي ڪجهه به نٿو ٿئي، جڏهن ته انساني حقن جون تنظيمون به محدود وسيلن سان جدوجهد ڪري رهيون آهن. هتي سوال هيءُ آهي ته ڇا انساني حق رڳو لفظن تائين محدود آهن؟ سوشل ميڊيا تي روزانو تصويرون ۽ ويڊيو شيئر ٿين پيون، جن ۾ ٻار پنهنجي ڀائرن جي لاشن تي روئي رهيا آهن، يا ٻار وري خوف مان رڙيون ڪري رهيا آهن، پر انهن دل ڏاريندڙ منظرن باوجود عالمي ضمير اڃان تائين جاڳي نه سگهيو آهي.
غزه جي ڀيانڪ حالتن باوجود، اتي جي ڪجهه مقامي استادن، رضاڪارن ۽ ڊاڪٽرن ٻارن جي مدد لاءِ پنهنجيون حياتيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن. اهي کين پڙهائي، رانديون ڪرائي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مسڪراھٽ موٽائي کين انسان هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا. انهن ماڻهن جي ڪوششن سان ئي غزه جي ٻارن ۾ جيئڻ جي اميد باقي آهي. ڪي ٻار جيڪي ڀڳل پينسلن سان مٽيءَ تي الفابيٽ لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، سي جنگ جي وچ ۾ به علم جي شمع کي روشن رکڻ جي علامت آهن. هيءَ مزاحمت جي هڪ خاموش صورت آهي، جيڪا ثابت ڪري ٿي ته اُميد اڃان زنده آهي.
غزه جا ٻار رڳو جنگ جا متاثر ناهن، پر عالمي بيحسي جا به شاهد آهن. جيڪڏهن وقت سر هن الميي کي روڪيو نه ويو، ته ايندڙ نسل هڪ نفسياتي زخمن سان ڀرپور نسل هوندو، جيڪو نه صرف غزه پر سڄي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي ثابت ٿيندو. وقت اچي ويو آهي ته دنيا انساني همدردي جي بنياد تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رڳو لفظن سان نه، پر عمل جي به ضرورت آهي.