سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردياڻين طرفان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته کين هاسٽل ۾ بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. هاسٽل ۾ صفائي سٿرائي جي تمام گهڻي کوٽ آهي. واشرومن ۾ استعمال لاءِ پاڻي اڻلڀ آهي، نه صرف روز مره جي استعمال لاءِ پاڻي مهيا ناهي، بلڪه پيئڻ جو پاڻي به هاسٽل ۾ موجود نه آهي ۽ جيڪڏهن مهيا ڪيو ٿو وڃي ته اهو غير معياري آهي، جيڪو سندن صحت جي لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو. ان قسم جون سوشل ميڊيا تي لڳل پوسٽون وائرل ٿيڻ کانپوءِ ماروي گرلس هاسٽل جي پرووسٽ ناهيد آرائين طرفان انهن شاگردياڻين کي آفيس ۾ گهرائي حراسان ڪيو ويو ته هو پنهنجون پوسٽون سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏين، ڇو ته ان طريقي سان هاسٽل انتظاميه بدنام ٿي رهي آهي.
ان کانپوءِ ناهيد آرائين جون تصويرون ٻيهر سوشل ميڊيا تي هلائي وائرل ڪيون ويون. جيڪڏهن اسان کي ياد هجي ته ڪجهه سال اڳ بوائز هاسٽل ۾ به پاڻيءَ جي کوٽ تي ڇوڪرن احتجاج ڪيا ۽ انهن جي مٿان تشدد ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي هڪ اهڙو ادارو آهي، جتي سنڌ جي مختلف شهرن مان نوجوان شاگردياڻيون ۽ شاگرد پنهنجي تعليم جي سلسلي ۾ هاسٽلن ۾ قيام پذير هوندا آهن. هاسٽل ۾ رهڻ جي لاءِ اهي شاگرد باقائدگي سان في ڀريندا آهن، جنهن ۾ هاسٽل ۾ رهڻ جا خرچ ۽ ميس ۾ ماني جا خرچ شامل هوندا آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ شاگردن جون بنيادي سهولتن جي فقدان جون رڙيون سوشل ميڊيا تي يا اخبارن ۾ اينديون رهنديون آهن ته هاسٽلن ۾ سندن بنيادي ضرورتون پوريون نٿيون ڪيون وڃن، جيڪا ماني شاگردن کي ملي ٿي ان جو معيار تمام خراب آهي، بجلي تمام گهڻي وڃي ٿي، واءِ فاءِ جا پئسا ورتا وڃن ٿا، پر واءِ فاءِ جي سهولت ميسر ناهي. ان کان علاوه هاسٽل ۾ واشرومن جي صفائي جو معيار تمام گهڻو خراب هجڻ جي ڪري شاگردن کي تمام گهڻي پريشانيءَ جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.
هن ترقي يافته دور ۾ جڏهن صفائي ۽ سٿرائي جي معيار کي برقرار رکڻ مشڪل ناهي ۽ اها اسان جي صحت ۽ زندگيءَ جي لاءِ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. اهڙي وقت ۾ هاسٽل جي ماحول ۾ جتي هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻا شاگرد رهندا هجن، انهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي صفائي ۽ سٿرائيءَ جو خيال نه ڪيو وڃي، کين صاف سٿرو پاڻي مهيا نه ڪيو وڃي ۽ جڏهن شاگرد شڪايت ڪن ته سندن استاد يا انتظاميه کين سڏرائي ڌمڪيون ڏين ته انهن شڪايت ڇو ڪئي، اها هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي جيڪا اسان جي هڪ اهڙي مادرِ علمي ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا سنڌ جي تعليمي ادارن جي ماءُ آهي. هونئن به سنڌ يونيورسٽيءَ اندران ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مختلف وقتن تي مختلف طريقن سان ٻاهر اينديون رهن ٿيون، پر ميڊيا ۽ عوام انهن ڪهاڻين جو گهڻو نوٽيس ان ڪري نٿو وٺي جو اهو سمجهيو ٿو وڃي ته ايئن ڪرڻ سان تعليمي ادارن جي ساک کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
خبر پئي آهي ته شاگردن جي شڪايت ڪرڻ تي کين انتظامي ڪميٽيءَ طرفان حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ کين پنهنجا بيان واپس وٺڻ جي لاءِ چيو ويو. بهرحال جڏهن ڇوڪرين احتجاج ڪرڻ لاءِ هاسٽل کان ٻاهر اچي ڌرڻو هنيو ته پوءِ بوائز هاسٽل جا شاگرد به ڇوڪرين سان گڏ ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا ۽ گڏجي احتجاج ڪيو. جڏهن شاگردن جو احتجاج وائرل ٿي ويو ته پوءِ هاسٽل پرووسٽ کي مجبورن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان هاسٽل ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ٻه الڳ الڳ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. هڪ ريلي جساف طرفان سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي کان ماروي گرلس هاسٽل تائين ته ٻي ريلي سپاف طرفان آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر ان کان هڪ ڏينهن اڳ ماروي گرلس هاسٽل ۾ هڪ ڊسيپلين ڪميٽي ويهاري وئي جنهن شاگردياڻين کي گهرائي پڇا ڳاڇا ڪئي، پر شاگردياڻين جو اهو موقف آهي ته سندن شڪايتن ٻڌڻ بجاءِ کين ڊسيپلين ڪميٽي طرفان حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل وقتي وائيس چانسلر به موجود نه آهي، جنهن جي ڪري حالات قابوءَ کان ٻاهر ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هاسٽل جي شاگردياڻين کي اها شڪايت آهي ته سندن بنيادي شڪايتن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي، سندن شڪايتن جي حل لاءِ قدم نٿا کنيا وڃن. بهرحال هن وقت ناهيد آرائين پنهنجي جاءِ تان استعيفيٰ ڏيئي چڪي آهي. اميد آهي ته يونيورسٽي جي انتظاميه اسان جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شڪايتن کي ٻڌندي، انهن جي شڪايتن جي جاچ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي سندن شڪايتن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي هاسٽلن ۾ رهيل هوندا آهن، انهن کي جيڪڏهن پرسڪون ۽ باعزت ماحول ملندو ته اهي پنهنجي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي سگهندا. نه ته سندن ذهن منتشر رهندو ۽ اهي ڪنهن به سياسي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهندا، ان جي لاءِ اميد ڪجي ٿي ته يونيورسٽي انتظاميه سوچي سمجهي شاگردن ۽ انتظاميه ڪميٽي کي گڏجي ويهاري ڪو مستقل حل ڪڍندي.