بلاگنئون

والدين ڏانھن کليل خط

فائزه مصطفيٰ
مالھي اگر جي گلن کي نه ڏسندا
سندن سار لھندو پوءِ دنيا ۾ ڪير
والدين ھونئن ته پنھنجي اولاد لاءِ رات ڏينھن محنت مزدوري ڪري کين معاشري ۾ جيئڻ لائق بڻائيندا آھن ته جيئن سندن اولاد دنيا جي لاھن چاڙھن کي منھن ڏئي سگھي، پر گھڻو ڪري ٻھراڙين ۾ رھندڙ والدين سندن اولاد طرف توجهه نه ڏيڻ به ڪنھن الميي کان گھٽ ناھي. جتي ھڪ ته غربت سبب اھي پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن لاءِ سهولتون ميسر ڪرڻ کان قاصر ھوندا آھن ٻيو ته سندن اولاد طرف غير ذميواري جو مظاهرو به  نظر اچي ٿو جيڪو ڪنھن ظلم کان گھٽ ڪونھي.
ھڪ استاد جي حيثيت سان منھنجو پنھنجو مشاھدو آھي ته ٻھراڙين ۾ اڪثر ٻار پيرين اگهاڙا پيا گھمندا آھن سردي ھجي يا گرمي سندن والدين کي ڄڻ ته ڪا پرواھ ئي ناھي ھوندي ته اسان پنھجي ٻچي کي ڏسون ته سھي ھو ڪھڙي حال ۾ آھي.  جيڪي ٻار اسڪول  اچن ٿا انھن جو حال به ساڳيو آ، نه پيرن  ۾ جتي، نه سخت سردي کان بچڻ لاءِ ڪي گرم ڪپڙا، نه ئي کين ڪو پڙھائي جو گھربل سامان، جيڪا تمام ڏک جھڙي ڳالھ آھي. ھر استاد پنھنجي وس آهر ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو ته پنھنجي روحاني اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي ڀرپور توجهه ڏئي، پر ھڪ ٻار کي ڪنھن منزل تي پھچائڻ لاءِ والدين ۽ استاد ٻنھي جو گڏيل ڪردار گھربل آھي، مطلب ته تاڙي ٻنھي ھٿن سان وڄندي آھي. اڪثر والدين ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ تيار ناھن، کين طرح طرح سان آماده ڪرڻ کان پوءِ به نتيجو ڪو خاطر خواهه ناھي مليو، ڪجھ والدين ڪنھن استاد جي منٿن تي ڪن ڏئي ٻار اسڪول موڪلڻ لاءِ ته تيار ٿين ٿا، پر ٻار جي پوئيواري ڪونه ٿا ڪن ته سندن ٻار اسڪول ڪھڙي وقت ويو؟ ڪھڙي وقت واپس آيو؟ اڄ ڇا سکي آيو اسڪول مان؟ يا ٻار کان ڪڏھن پڇن ته اڄ تو ڪھڙي نئين شيءِ سکي؟ اڄ تو وٽ ڪاپي، ڪتاب، سليٽ، پينسل وغيرہ ته ھئي نه يا ختم ٿي ويون آھن ته وٺي ڏيون. يا ٻار جي اسڪول يونيفارم تي ڪا توجهه ڏين. اھڙو ڪو به رجحان والدين ۾ نظر نٿو اچي، اھا انھن والدين جي ڳالھ ٿي ھلي جن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھن ٿا، ساڳي جاءِ تي جيڪي ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙھڻ لاءِ وڃن ٿا اھي بلڪل تيار ٿي وڃن ٿا. انھن وٽ ٿيلھو، ڪاپيون ڪتاب، ڊريس, جوتا وغيرہ ضرورت جون سڀ شيون ھونديون آھن، پوءِ الائي ڇو سرڪاري اسڪولن ڏانھن والدين جو رويو ڇو ڪونه ٿو بھتر ٿئي.
مون ڪافي والدين کي ذاتي طور عرض ڪيو ته مھرباني ڪري ٻارن کي اسڪول موڪليو ۽ کين گھربل سامان مھيا ڪري مناسب ڪپڙا وغيرہ پارائي اسڪول موڪليو، مون کي ته ٺلھا آسرا ئي مليا ته ھا ھا بلڪل ٻار موڪلينداسين، پر سندن آسرا فقط آسرا ئي رھيا. جيڪي ٻار اچن پيا انھن وٽ لکڻ لاءِ نه سليٽ آھي نه ئي ڪا ڪاپي، پوءِ اھڙي صورتحال ۾ ذميوار صرف استاد کي ڄاڻايو ويندو ته توھان ٻارن کي ناھي پڙھايو. منھنجو انھن غير ذميوار والدين کي ھٿ ٻڌي عرض آھي ته جيئن پنھنجي ذاتي ڪمن لاءِ توھان پٽ سٽ ڪري به پورت ڪري ويندا آھيو ايئن پنھنجي معصوم گلن جھڙن ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت تي به خرچ ڪيو اھا رقم توھان جي ضايع ڪونه ٿيندي بلڪه ھڪ باشعور پڙھي لکئي فرد جي صورت ۾ واپس ٿيندي.