سنڌي ادب ۾ هن وقت ڪيترين ئي مشڪلاتن جي باوجود تمام گهڻو لکجي به رهيو آهي ۽ تمام گهڻا پڙهندڙ به موجود آهن. لکڻ احساسن جي اظهار جو خوبصورت ۽ بهترين ذريعو آهي. قلمڪار جي قلم ۾ اها طاقت آهي جو هو معاشري اندر تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿو يا انهن برائين کي جيڪي سندس دور ۾ موجود آهن، انهن کي پنهنجي قلم جي طاقت سان وائکو ڪري سگهي ٿو. لکڻ سان هڪ شخص پنهنجن پيچيده خيالن، احساسن ۽ اندروني ڪشمڪش کي منظم ۽ صاف طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي سوچ کي هڪ وڏي حلقي تائين پهچائي سگهي ٿو. اڄ جيڪو شعور اسان حاصل ڪيو آهي ان جي پٺيان ڪيترن ئي ليکڪن جي علمي، فڪري ۽ ادبي بحثن اسان جي ان شعور جي اوسر ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي ۽ اسان کي ان قابل بڻايو آهي، جو اسان سوال ڪري سگهون ۽ شين کي تنقيد جي نگاهه سان ڏسي سگهون.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي جي وسيلي لکڻ جا ذريعا تبديل ٿي ويا آهن، اشاعتي مشڪلاتون به گهڻي حد تائين گهٽجي ويون آهن، پر ان جي باوجود به اسان کي سٺو لکڻ لاءِ اڃان تائين جيڪي چئلينج موجود آهن، انهن بابت تمام گهٽ ڳالهايو وڃي ٿو. سڀ کان اهم چئلينج جيڪو ليکڪن لاءِ موجود آهي، اهو آهي ته هو پنهنجي شوق سان لکي ٿو ۽ هن کي لکڻ سان گڏوگڏ ٻين ذميدارين کي پورو ڪرڻو پوي ٿو، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اديب ڪل وقتي اديب هجڻ ڪري لکڻ کي هڪ پيشي طور اختيار ڪن ٿا ۽ پوءِ ان کي پنهنجي گذر سفر جو ذريعو بڻائين ٿا، پر اسان جو اديب پنهنجو وقت سيڙائي مختلف شيون لکي ٿو، جنهن ۾ شاعري، نثر نويسي، ڪهاڻيون ۽ ناول شامل آهن، پوءِ انهن کي هو پنهنجن پئسن سان شايع ڪرائي پنهنجن دوستن ۽ حلقن ۾ مفت ۾ ورهائي ٿو، جيڪو هڪ تمام گهڻو مهانگو شوق بڻجي وڃي ٿو. اها سنڌي ادب جي راهه ۾ حائل هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، جيڪا سنڌي ادب کي بين الاقوامي ادب جي برابر اچڻ نٿي ڏئي، پر ان جي باوجود به اسان وٽ تمام سٺيون ڪهاڻيون ۽ ناول جن جا پلاٽ تمام سٺا آهن، وقت جي تبديلين سان تجرباتي موضوع استعمال ڪري خاص طور تي جديد سائنسي، نفسياتي ۽ عالمي مسئلن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ گڏوگڏ انهن تي صحتمند تنقيد به ٿيندي رهي ٿي. گڏوگڏ افسوسناڪ صورتحال اها به آهي ته اسان وٽ عالمي معيار جو لکيل ادب اڄ ڏينهن تائين انگريزي يا فرينچ ٻولين ۾ ترجمو ناهن ٿي سگهيا، جنهن جي ڪري اسان جا عالمي معيار جا ڪتاب ادب جي دنيا ۾ منظر تي نه اچي سگهيا آهن. هن وقت نوجوان مرد ۽ خواتين ليکڪ ۽ ليکڪائون لکي رهيا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ خوش آئند ڳالهه اها آهي ته انهن ليکڪن کي پڙهڻ لاءِ نوجوانن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي، جيڪي پنهنجا خرچ گهٽائي مختلف وقتن تي ميلن ۾ يا ڪتابن جي سيل لڳڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن ته اهي وڌ کان وڌ ڪتاب خريد ڪري پڙهي سگهن.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ليکڪ به موجود آهي، پڙهندڙ به موجود آهي، پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ پرنٽر جيڪو ڪتاب ڇاپي ٿو ان وٽ اها پروفيشنل صلاحيت، مهارت ۽ نظام موجود نه هجڻ جي ڪري ڪتاب جو معيار اهو نٿو رهي جيڪو پڙهندڙ جي اڃ اجهائي سگهي. ڇو ته اسان جو پرنٽر خود ان قابل ناهي ته هو ان ڪتاب کي جيڪو وٽس ڇپجڻ لاءِ آيو آهي، ان جي ايڊيٽنگ ڪري سگهي يا ان جو پروف درست ڪري سگهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجن نوجوان پڙهندڙن کي معياري ڪتاب، معياري ڇاپي سان مهيا ڪريون. ان لاءِ ضروري آهي ته ليکڪ کي نه صرف پنهنجي ڪتاب کي ڇپرائڻ لاءِ جلد بازي نه ڪرڻ گهرجي، پر ان کي ان ڳالهه تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته هو ڇا لکي رهيو آهي، ڪهڙي صنف لکي رهيو آهي ۽ ڪهڙن موضوعن تي لکڻ وڃي رهيو آهي ۽ ڪتاب لکڻ کان اڳ لکڻ جون سڀئي تقاضائون پوريون ڪري ان کانپوءِ لکي ته جيئن هو جيڪا به تخليق ڪري ان جي اندر فني گهرائي موجود هجي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي ليکڪن کي لکڻ کان اڳ دنيا جو بهترين ادب، فلسفو، سائنس، شاعري ۽ ادب جي اندر موجود نون رجحانن جي باري ۾ گهرائيءَ سان ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جيئن هو نون موضوعن کي بهتر طريقي سان نڀائي ۽ لکي سگهن. ليکڪ لاءِ ان ڳالهه جي جيتري اهميت آهي ته هو پنهنجو ڪتاب جلدي پڙهندڙن تائين پهچائي. ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه جي انتهائي گهڻي اهميت آهي ته هو ڪتاب جنهن به ٻوليءَ ۾ لکي رهيو آهي ان ٻوليءَ جو املا، گرامر، چوڻيون، استعارا اهي سڀ درست استعمال ٿيل هجن. سندس ڪردار نگاري ماحول سان مطابقت رکندڙ هجي، ڪهاڻيون وڌيڪ حقيقي ۽ اثرائتيون هجن، جيڪي سماج جي عڪاسي ڪري سگهن. گڏوگڏ اسان جي پبلشر ۽ ايڊيٽر کي به پنهنجي پيشه وراڻين صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ضروري آهي ته جيڪي پرنٽر پنهنجو پاڻ کي پبلشر سمجهن ٿا، اهي پنهنجي ادارتي ٽيم ۾ سٺا پروف ريڊر ۽ سٺا ايڊيٽر شامل ڪن ته جيئن اهي ڪتاب اندر اوڻائين کي بهتر ڪري هڪ خوبصورت ڪتاب جي صورت ۾ تبديل ڪري پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري سگهن. ان کان علاوه پبلشر لاءِ اهو به ضروري آهي ته اهو ڪتاب وٺڻ کان پهرين ڪتاب جي معيار کي جاچي ته ڇا اهو ڪتاب شايع ڪرڻ جوڳو آهي يا نه؟
پبلشرن کي گهرجي ته اهي ايڊيٽرن ۽ ڊزائينرن تي سيڙپڪاري ڪن. ڇو ته ادب ڪنهن هڪ ڏينهن يا ڪنهن هڪ نسل جي لاءِ نٿو لکيو وڃي، ڇو ته اهي ڪتاب نسلن جي امانت هوندا آهن. ان کان علاوه پبلشرن کي گڏجي پنهنجي لاءِ ڪو هڪڙو فورم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جتي اهي ليکڪن لاءِ ورڪشپاپ ڪرائي سگهن. موجوده دور ۾ ادب جي معيار ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اديب جو جلدي لکڻ وارو رويو ۽ پبلشر جو پئسي ڪمائڻ واري لالچ آهي، جيڪي ادب کي اوج تائين پهچائڻ جي وچ ۾ رڪاوٽ آهن، ان مسئلي کي ارتقا جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. سڀني ڌرين کي گڏجي ان جي حل ڳولهڻ جي ضرورت آهي. سماج ان ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سڌريل ملڪن ۾ هر ماڻهو پنهنجي اخبار، پنهنجو ڪتاب ڌار وٺي ٿو، پر اسان جي سماج ۾ نوبيل پرائيز جا خواب ته ڏٺا وڃن ٿا، پر اتي ڪتاب خريد ڪرڻ بجاءِ اوڌر تي وٺي پڙهڻ يا مفت ۾ حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه هڪ حقيقي ليکڪ جي همت افزائي ٿيڻ بجاءِ سرڪاري اديبن جي همت افزائي ٿيندي نظر اچي ٿي. اسان وٽ هن وقت ادبي محفلون، ادبي سنگتون ۽ ادارا موجود آهن، پر انهن جو موثر استعمال نظر نٿو اچي. اسان هن وقت پنهنجي سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي مقصد پوري نه ٿيڻ تي به آڱر نٿا کڻون، اهو عمل قوم جي بيحسيءَ جو اظهار آهي.
ان کان علاوه اسان وٽ جيڪي ادبي ميلا سجايا وڃن ٿا انهن ۾ ادب سان لاڳاپيل ڪابه اهڙي سرگرمي نظر نٿي اچي، جنهن سان مستقبل ۾ اسان پروفيشنل ليکڪ، نقاد يا ايڊيٽر ۽ پروف ريڊر پيدا ڪري سگهون. ان کان علاوه اسان جتي سٺن ڪتابن جي ڳالهه ڪيون ٿا اتي اسان کي خراب ڪتاب به چونڊي ڪڍڻ گهرجن ته سال جا ڪهڙا خراب ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ لکڻين جي حوالي سان ۽ فني حوالن سان تنقيد ڪئي وڃي، پبلشر ۽ پرنٽر تي دٻاءُ وجهڻ جو ڪلچر به اسان کي پيدا ڪرڻ گهرجي. انهن سڀني مجبورين ۽ چئلينجن جي هوندي به اڄ جي دور ۾ اسان جو اديب پنهنجي قلم جي طاقت کي استعمال ڪندي پنهنجي روشن خيالي ۽ عالمي فڪر کي پنهنجي تخليق جو حصو بڻائي مختلف موضوعن تي لکي رهيو آهي، اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي اميد جهڙي ڳالهه آهي. يقينن اهو ڏينهن ايندو جڏهن اسان جو اديب بين الاقوامي معيارن تي لکي رهيو هوندو ۽ اسان جا پبلشر ۽ پرنٽر ان کي بين الاقوامي معيارن مطابق شايع ڪري رهيا هوندا.