ماورائيت ۽ غلامي (Transcendentalism & Slavery)
ماورائيت بنيادي طور تي ويچار کان مٿڀري يا سمجھه کان مٿڀرائپ کي چيو ويندو آھي. مثال جي طور تي زرعي دور ۾ سمجھه ۾ نہه ايندڙ ھر ڳالھه کي خدا ڄاڻي يا وڌيڪ خدا کي خبر چئي جان ڇڏائي ويندي ھئي. ذھني ۽ جسماني پورهيئي جي ورھاست جي عمل جو باقائده منظم آغاز طبقاتي سماج کان ٿيو. جڏھن رياست جو بنياد پيو (Division of mental & Physical labour) جي ڪري پراڻي دور جي مذھبي ٻاون پنڊتن پروھتن پاڻ کي سيد سڳورن ۽ برھمڻ جي بيھودگين جيان عام خلق کان بالاتر ٿي ڄاتو ۽ اھي برھمڻ يا پروھت بڻجي ويا، اھي بادشاھن کي تخت تي ويھارڻ ۽ لاھڻ لاءِ درٻاري سازشن جا منصوبا گھڙيندا ھئا۔. جيئن ته رياست جو ڪاروھنوار معاشري جي ھڪ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ميگا پراجيڪٽ يعني حڪومت کي ھلائڻ ھوندو آھي، جيڪو عام ماڻھوءَ جي سوچ سمجھه کان مٿاھون ھوندو آھي. تنھنڪري رياست جو ڪاروھنوار عام رعايا لاءِ ماورائيت بڻيل ھوندو ھو ۽ اڄ به آھي، ان لاءِ رياست کي اھي فرد يا سڀائون للڪارينديون ھيون، جيڪي سياست کي سمجھنديون ھيون، يعني رياست جي علم کي سمجھنديون ھيون. ان جو مثال پراڻا جنگي اڪابر (ارسطو، چاڻڪيا، ڪوٽليا-سنزو، لائو-توزئي، وغيره آھن.
خود نبي يا رشي مني جيڪي پڻ مذھبي پروھت ھئا، اھي ان دور جي مذھبي سياست کي سمجھندي بغاوتون يا انقلاب برپا ڪري وجھندا ھئا، ان کان به اڳ شروع شروع ۾ مذھبي اڳواڻ ڀڳوان بڻيل ھئا جن ۾ رام، راوڻ، ڪرشنا وغيره سڀ حڪمران به ھئا ته مذھبي طور تي فرعونن کان اڳ خلق خدا جا يعني پنھنجي رعيت جا خدا بڻيل ھئا، ڇاڪاڻ جو اھي عام ماڻھن کان سماجي، سياسي ۽ ٻين مسئلن جو فھم رکندا ھئا.
ماورائيت ھڪ اڻ ڏٺي دنيا جي اڻ ڏٺي خوف لالچ Superstition جي روپ ۾ انڌ عقيدي ۽ انڌن وشواسن جي روپ ۾ ماڻھن مٿان راڄ ڪـندي آھي، جيئن نرڳ (دوزخ) ۽ سورڳ (جنت) جو تصور جنن ڀوتن ديون پرين جو تصور ٽوڻن فيڻن ۽ ڪاري جادوءَ جي ڊپ جو تصور بلڪل ائين جيئن اوندھه ۾ جنن جي ڀؤ ۾ ننڍڙا ٻار وڏن کي چنبڙي پوندا آھن.
سندن ھر ڳالھه مڃڻ لاءِ راضي ٿي ويندا آھن، جنھن ماورائيت کي اڻ سمجھيو اڻ ڏٺل شين جي ذھن تي سوار ڊپ جي روپ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. جنهن جي طابع مذهبن ۽ عقيدن جي ذريعي انسانن جي مٿان حڪمران پروهتن يعني پنڊتن ٻاون، ملن مولوين، پيرن، ولين، درويشن، پادرين ۽ بشپن جي ذريعي پٽڻ يا پاراتن جي ڊپ ۽ محرومين مان نجات جي ڪوڙن دلاسن تحت راڄ ڪندا آيا آهن ۽ پاولوف جي روين جي علم جي روشني ۾ ان کي مشروط رد عمل چئي سگھجي ٿو، مطلب ته ھڪ ڀيرو ناٽڪ ڪري ڪنھن تي خوف تاري ڪري ان کي پنھنجي اشارن تي اٿارڻ ويھارڻ جو فن جيڪو ملن پيرن بزرگن عاملن وغيره اختيار ڪيو آھي.
خود رياستون پراڻي دور کان ويندي ھن جديد دور تائين ماڻھن جي مٿان انھن جي سمجھه کان مٿاھين خوف ذريعي حڪومت ڪن ٿيون، جيڪو هٿرادو طور تي ڪنهن سيڪنڊري سگنل سسٽم جي ذريعي ڪنهن عام حيوان کان ويندي انسان ۾ اهڙو رويو پيدا ڪيو ويندو آهي. مثال طور هاٿيءَ کي لڳل زنجير هن جي هڪ طاقتور سٽ سان ٽٽي سگھي ٿو، پر هاٿي کي جيئن ته اهو زنجير سندس ڌڻيءَ پاران ننڍپڻي کان ٻڌو ويندو آهي، جنهن کي هو ٻاروتڻ ۾ زنجير مان پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪندو آهي، پر پنهنجي جان نه ڇڏائي سگھندو آهي. سندس ننڍڙي عمر جون سڀ ڪوششون ناڪام وينديون آهن ۽ حوصلو هاري وجھندو آهي. اهڙي ريت هو زنجير مان پاڻ ڇڏائڻ جي خواهش ختم ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن جي ڪري جڏهن اهو جوان ۽ طاقتور ٿي ويندو آهي ۽ زنجير ٽوڙڻ جهڙو ٿي ويندو آهي، تڏهن به پاڻ کي زنجير ڇڏائڻ کان لاچار سمجھندو آهي ۽ اهڙي طرح ان مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڇڏي ڏيندو آهي ۽ تعبيداري ۾ عمر گذاري ڇڏيندو آهي. مطلب ته هاٿيءَ جو ٻاروتڻ جو خوف ان کي ڊڄڻو بڻائي ڇڏيندو آهي، بزدلي منجھس تعبيداريءَ جا گڻ پيدا ڪندي آهي ۽ تعبيداري ان کي غلاماڻي گڻن سان جوڙائتو ڪري مستقل غلام بڻائي ڇڏيندي آهي. ساڳي طرح قومون به حڪمران قومن جي غير قومي تشدد کان ائين ئي گھٻرائجي خوف وچان بزدل تعبيدار، غلاماڻي ذهنيت جون مالڪ بڻجي غلاميءَ کي قبول ڪري حڪمران قوم جي حاڪماڻي فڪر کي هضم ڪنديون آهن. اھڙي ريت ٿاڦيل غلاماڻي سوچ کي ھضم ڪري ان سان متفق ٿي غلام بڻجي وينديون آهن. ان لاءِ سامراجي قوتون تشدد کان ويندي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان خوف حراس پکيڙي ماڻھن جي بغاوت جي جن کي بوتل ۾ بند ڪنديون آھن، جنھن کان عام خلق بي خبر ھوندي آھي. خوف مان نڪري ئي حڪمت عملي سان رياستي خوف کي شڪست ڏئي خود حڪمران سامراجي قوتن تي خوف تاري ڪري سگھجي ٿو، پر اھو تڏھن ٿي سگھي ٿو جڏھن ان اتم ليول جي انقلابي سڀا ھجي جيڪا رازداري ۽ لڪ ۾ رياست جي گماشتي ادارن کي به پٺتي ڇڏي وڃي.