خاص

افغانستان ۾ عورتن لاءِ مخصوص شاپنگ مالَ کلي ويا

افغانستان جي شهر هرات ۾ عورتن لاءِ مخصوص 2 شاپنگ مالَ کلي ويا. آمريڪي نشرياتي اداري مطابق هرات ۾ عورتن لاءِ کوليل 2 شاپنگ مالن ۾ دڪاندار ۽ خريدار عورتون آهن. انهن شاپنگ مالن ۾ فيملي کانسواءِ مردن جو داخلا منع آهي. رپورٽ مطابق عورت دڪاندارن جي 6 مهينن جي مسواڙ به معاف ڪئي وئي آهي. عورتن لاءِ مخصوص شاپنگ مالن ۾ هر عمر جون عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان پهرين طالبان کي ڇوڪرين جي تعليم سميت عورتن تي مختلف پابنديون لاڳو ڪرڻ تي عالمي برادري طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.