گمشدگيون ۽ مظلومن جو آواز
بلوچستان حڪومت پاران صوبائي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هڪ نئون ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندو ۽ ان واعدي سان ته اهي جبري گم ٿيل بي ڏوهي ماڻهو پنهنجي پيارن کي صحيح سلامت ملندا. هونءَ ته سپريم ڪورٽ پاران جبري گمشدگين بابت انڪوائري ڪميشن اڳ ۾ ئي قائم ڪيل آهي، جيڪو خاص بلوچ قوم تي وڏو احسان آهي ته اهي ڪجھه گم ٿيل ماڻهو صحيح سلامت ۽ ڪجھه چچري چچري ماري مٺُ ڪري اماڻي ٿا ڇڏين جن جي شناخت ئي مشڪل ٿئي ٿي، ۽ ان ڏس ۾ جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به اهڙي ڪميشن جوڙي چڪي آهي، جنهن جا ميمبر بلوچستان ۾ گم ٿيلن ماڻهن جي وارثن سان دلاسي واري ڳالھه ٻولهھ ڪندا، انهن جا انگ اکر ڪٺا ڪندا ۽ انهن جي ڳولها جي لاءِ ملڪي ايجنسين ۽ بيروني لڪيل هٿن سان بلوچن جي بدران وڪالت ڪندا ۽ وقت سر انهن سان ڳالهائيندا ته جيئن انهن بي ڏوهي بلوچن جي جان آجي ٿئي ۽ اهي پنهنجن پيارن سان وڃي ملن، پر رياست بجاءِ جو اهڙيون ڪميشنون ٺاهي، ان جي بدران انهن رياستي عنصرن کي مورڳو ئي گرفتار ڪري جيڪي ان عمل جا ذميوار آهن ۽ انهن جو احتساب ڪيو وڃي، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته انهن جي ان جبري گمشدگين جي پويان ڪهڙا مفاد آهن، اهي ڇا ٿا چاهين، انهن جو مقصد آخر ڪهڙو آهي؟ جو اهي ڪنهن به مهل بلوچن کي کنڀي کڻي ٿا وڃن يا انهن معصوم ۽ بي ڏوھه نوجوانن جو آخر قصور ڪهڙو آهي، اهي به ملڪ جي ٻين نوجوانن وانگي ڪجھه ڪري سگهڻ جي سگهھ سارين ٿا، اهي به پنهنجن پيارن جا ڀرجهلا آهن، انهن جو به ڪو مستقبل ۽ آئيندو آهي، اهي به ڪجهھ ٿيڻ چاهيندا هوندا، ان ڪري بي سبب انهن کي کنڀڻ جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ آخر ڪيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهندو يا آخر ان ڳالھه جو دنگ ڪٿي وڃي ٿيندو؟ يا انهن جي دماغ ۾ هنن ڪا اهڙي فطور واري ڳالھه ڳولهي لڌي آهي جو ايجنسيون رڳو انهن جي پويان لڳل آهن يا ان تاڙ ۾ آهن ته رڳو اهي گهرن ۾ رات جو سمهن ته انهن کي رات جي پيٽ ۾ منهن تي ڪپڙو چاڙهي انهن جون اکيون ٻڌي ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل هنڌ منتقل ڪن جو انهن کي واپسي جو رستو نه جيئري ملي نه مُئي.
جبري گمشدگين کي ختم ڪرڻ ڀلي ڊگهو پراسيس هجي، پر جيڪڏهن رياست جا سول ۽ فوجي ونگ گم ٿيلن کي گهر واپس آڻڻ ۽ رياستي عملدار پاران غير قانوني نظربندين کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن ته پوءِ انهن ڪميشنن جي گهڻائي تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو بهترين حل ڳولهيو وڃي ۽ ان جي بدران هڪ بااختيار اداري کي گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ جو ڪم ڏنو وڃي. ان کان علاوه تازو قائم ڪيل بلوچستان ڪميشن صرف انهن ماڻهن کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي جيڪي رياست مخالف يا دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث نه هئا. هتي مسئلو اهو آهي ته رياست مخالف ڪير آهي يا ڪير حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي طاقت جو غلط استعمال ٿو ڪري ته انهن کي به سزا ڏين، يا جيڪو آزاد تقرير جي بهاني رياستي ادارن تي تنقيد ٿو ڪري انهن جو ڇا ڪندا؟ حقيقت اها آهي ته بلوچستان هجي يا ملڪ جا ٻيا هنڌ جتي قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي الزام هيٺ آيل شهرين کي رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عدالتون ئي پڄي سگهن ٿيون، جيڪي قانون جي پاسداري ڪري کين گرفتار ڪن ۽ انهن جي خلاف مقدما هلائن. هر لحاظ کان اهي ماڻهو جيڪي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ رياست جي خلاف جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، انهن جي خلاف پوءِ مقدمن ۽ سزائن جي ضرورت آهي. پوءِ اھو ڪو شفاف عمل ھئڻ گھرجي جنھن ۾ منصفاڻي ڳالهھ تائين پھچي سگهجي.
ماڻهو جيڪي رات جي اونداهي ۾ کڄي ٿا وڃن، اهي غائب ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ واپس سالن بعد ٿين ٿا يا پوءِ توبهھ ٿا ڪن، يا ان کان به بدتر ڳالھه اها آهي ته اهي تابوت ۾ گهر موٽي ٿا اچن يا کين ڪنهن ڪِنَ جي ڍير تي اڇلايو ٿو وڃي يا انهن جي لاشن کي چچري سڃاڻپ جي ڳولها ۾ اڇلايو هليا ٿا وڃن، جن جو ڏوھه رڳو اهو هوندو آهي ته انهن جا صوبا پٺتي پيل آهن، انهن صوبن ۾ لائيف انڊيڪس ڪنهن ڪم جي ناهي، انهن جي صوبن ۾ نه پوري تعليم آهي، نه صحت جون بنيادي سهولتون موجود آهن، نه روزگار جي ذريعن تي سندن حق مڃيو ٿو وڃي، ماڻهن کي ٻه ويلا ماني نٿي ملي، اهي ماڻهو سُکي زندگي رڳو ڊرامن ۽ فلمن ۾ ئي ڏسي سگهن ٿا، انهن ماڻهن کي روڊ رستا ناهن، اهي ماڻهو پيئڻ جي صاف جي لاءِ سِڪن ٿا، اهي ماڻهو پنهنجي علائقن جي ڍنڍن ۽ ڍورن مان جانورن سان گڏ پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، انهن ماڻهن جي لاءِ سڏ پنڌ تي ڪا سرڪاري اسپتال نه ٿي هجي، انهن جا ٻار ٻچا ڪنهن ورلڊ ڪلاس يونيورسٽي ۾ تعليم نه ٿا پرائي سگهن، اهي ماڻهو پنهنجن پيرن هيٺان سوئي گيس وهندي ڏسن ٿا، پر اهي پنهنجن گهرن ۾ ماني ٽِڪِي جي لاءِ ڀرواري جهنگ مان ڪاٺيون ڪري گذارو ڪن ٿا، اهي سخت سيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ باھه ٻاري وقت ٿا ٽپائن، اهي ماڻهو ٽين دنيا جي ملڪن کان به پٺتي پيل آهن، ان ڪري اهي ماڻهو جي آواز اٿارين ٿا ته کنڀجي ٿا وڃن، ان ڪري اهي گونگا ٿي گذارين ٿا، جو متان پنهنجن گهرن مان رات جي پيٽ ۾ کنڀجي وڃن.
جبري گمشدگيون جمهوري حڪمراني جي توهين آهن، جيڪي صرف رياست ۽ نظام جي لاڳاپن کي خراب ٿيون ڪن. جيڪي سمجهن ٿا ته غير قانوني طور ماڻهن کي ڪڍڻ سان ملڪ جي سلامتي ۾ اضافو ٿيندو اهي غلط آهن ۽ اهو بڇڙو عمل صرف پٺتي پيل گروهن کي بنياد پرست بڻائڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿو. جيئن بيشمار ڀيرا اها ڳالھه ورجائي وئي آهي ته جيڪڏهن رياست يا سيڪيورٽي فورسن کي يقين آهي ته ڪو فرد انتهاپسند سرگرمين ۾ ملوث آهي ته ان کي قانون جي عدالت ۾ آڻيو ته جيئن هو پنهنجو دفاع ڪري سگهي. جنهن ۾ سياسي قيادتون ۽ ان سان گڏ هر نئون آرمي چيف به ان افسوسناڪ عمل کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ان ڪري جبري گمشدگين کي ماضيءَ جي ڳالھه بڻائڻ ۽ گم ٿيلن کي واپس آڻڻ لاءِ هڪ ادارو بڻائجي جيڪو فيصلا ڪرڻ جي سگھه رکي، ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي جن جي خلاف رياست وٽ قابل اعتماد ثبوت به هجن. اها ڳالھه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته قانون جي احترام سان ئي رياست کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو نه ڪي گمشدگين سان. تاريخ طرفان هن رياست کي سبق سيکاريا ويا آهن، پر بلوچن جو سوال اهو واضح ٿو ڪري ته هن رياست ڪجهه به ناهي سکيو. درحقيقت گذريل هفتي اسلام آباد جا منظر دنيا کي اهو يقين ڏيارڻ ۾ وڌيڪ آسان هئا ته هن جمهوري وفاق ۾ رڳو بلوچن سان تعصب پرستي آهي ۽ بلوچ قوم کي اڃان به حقيقي شهريت جي ضرورت جي ضرورت آهي. يقينن رياستي ڌرين جي رويي ۽ عملن کي بيان ڪرڻ جو ٻيو ڪو مناسب طريقو ناهي جنهن ۾ پنجابي ۽ غيرپنجابي جي هڪ واضح لڪير ڪڍي سگهجي، جنهن مان اها ڳالهھ ثابت ڪري سگهجي ته رياست پراڻي طرز جي نوآبادياتي رياستي جبر ۽ سازش وانگي حڪمراني ٿي ڪري.
اسلام آباد مارچ ڪندڙن جو رڳو اهو مطالبو هو ته کين وفاقي راڄڌاني ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انهن جي ڳالهھ ٻڌي وڃي، ڇو ته اهي اسلام آباد کي پنهنجو وفاق سمجهي اتي دانهن کڻي آيا هئا، توڻي جو انهن جي ٻولي آڳ لڳائيندڙ نه هئي، پر رڳو ڳالهھ ٻڌڻ جي درخواست هئي. اهي يقيني طور تي تمام گهڻي اميدن سان آيا هئا، انهن گمشدگين جو هڪ تاريخي ٽريڪ رڪارڊ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان عورتون ۽ مائرون، جيڪي پنڌ گاديءَ جي هنڌ آيون هيون، جن وفاق کي انصاف جي علامت سمجهيو، جيڪڏهن انهن کي پرامن طريقي سان احتجاجي ڪيمپ ڏانهن وڃڻ ڏنو وڃي ها، انهن تي لٺون نه ورسايون وڃن ها، واٽر ڪينن ۽ هٿيارن سان نه ڳالهايو وڃي ها ته شايد مسئلو ايترو خراب نه ٿئي ها. ان ڪري رياست کي ڪجھه خاص مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عمليون مرتب ڏيڻيون پونديون، خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي جيلن ۾ بند آهن، انهن مان ڪيترائي جن سان هاڻي لٺ باٺي وارو تجربو نه ڪيو وڃي، اهي بيان بازي ڪري پڇن ٿا ته ڪيئن ۽ ڇو انهن سان ايترو وحشياڻو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سچ ته اهو آهي ته ڪيترن ئي بلوچن ۽ انهن سان يڪجهتي ۾ بيٺل ماڻهو ڪافي عرصي کان برداشت ڪري رهيا آهن. ان کي تسليم ڪرڻ واقعي هڪ بهترين جمهوري راھه ۽ امڪان کولڻو پوندو. ڇو ته ان سڄي صورتحال جو فائدو اسانجو پاڙيسري دشمن ملڪ به وٺي رهيو آهي، جنهنجو فائدو يقينن اسان کي مستقبل ۾ نه ٿيندو. درحقيقت لانگ مارچ جي رستي ۾ جيڪا يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، ان کي وسارڻ نه گهرجي. لانگ مارچ اسلام آباد ۾ ان ڪري داخل نه ٿيو هو ته اهي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن کان ڪو حساب ڪتاب وٺندا، پر سڀني ترقي پسند سوچ رکندڙن ۽ عام ماڻهن لاءِ فقط اها اُميد هئي ته ان معاملي کي آرام سان حل ڪيو ويندو ۽ اهي نيڪ نيتي سان ان مسئلي کي حل ڪن ۽ جيڪي مظلوم روڊن تي نڪري آيا هئا انهن جو مقصد صرف اهو هو ته اهي جبري گمشدگين لاءِ پنهنجي نفرت کي واضح ڪن، ۽ شايد هيءَ رياست کين هڪ منصفاڻي ۽ جمهوري حل ڏانهن وٺي ويندي.