ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آف پاڪستان ناجي بنحيسن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان هڪ وڊيو جاري ڪندي پاڪستان جي معيشت بابت هڪ مثبت پيغام جاري ڪيو آهي. سندس چوڻ مطابق پاڪستان معاشي مضبوطي حاصل ڪري رهيو آهي. ناجي بنحيسن جي ان بيان مطابق اسان پاڪستانين کي خوش ٿيڻ گهرجي ته ڪجهه مهينا اڳ جتي پاڪستان ڏيوالپڻي جي حد کي ڇهي رهيو هو اتي پاڪستان پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي گواهي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پيغام ۾ ڏني. سندس چوڻ مطابق ته ورلڊ بينڪ پاڪستان کي ترقياتي منصوبن جي لاءِ 20 ارب ڊالر قرض ڏيندو، جنهن جو استعمال توانائي ۽ ماحوليات جي بحاليءَ جهڙن شعبن کان علاوه ٻين ڪيترن منصوبن ۾ ڪيو ويندو.
جڏهن ته منصوبن جو آغاز 2026 کان ٿيندو. هن وقت پاڪستان ۾ ورلڊ بينڪ جي دلچسپي تمام گهڻي نظر اچي رهي آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستان جي ڊجيٽل اڪانامي ۾ به ورلڊ بينڪ سيڙپڪاري ڪندو، ڇو ته ورلڊ بينڪ جي اها خواهش آهي ته پاڪستان جي اندر ڊجيٽل اڪانامي تي سيڙپڪاري ڪري سڄي پاڪستان اندر جيڪا سگهه آهي ان کي استعمال ڪري سگهجي ۽ سڄي پاڪستان کي ڊجيٽل ترقيءَ سان ڳنڍي سگهجي. پاڪستان جيئن ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جتي صنعتون نه هجڻ جي باوجود به ماحوليات جا ناڪاري اثرات ظاهر ٿين ٿا، جنهن جو مثال پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏون ۽ بي وقتيون برساتون آهن. ان جي لاءِ پڻ ورلڊ بينڪ هتي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاريءَ جا منصوبا تيار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ واٽر مئنيجمينٽ، بئراجن جي تعمير ۽ مرمت، ماحوليات سان لاڳاپيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڪلائيمٽ سمارٽ ايگريڪلچر تي سيڙپڪاري شامل آهي. ان کان علاوه هڪڙو ٻيو منصوبو آهي واش (WASH) واٽر سينيٽيشن ۽ هائيجين ان منصوبي تحت سڀني ماڻهن کي صاف سٿرو پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ جنهن ۾ خاص ڪري ڪراچيءَ جي شهري آبادين کي سندن گهرن تائين صاف سٿري پاڻي جي فراهمي جو منصوبو اهم آهي. انهيءَ منصوبي تحت ورلڊ بينڪ جو هڪ اهم مقصد اهو به آهي ته پاڪستان جي اندر انرجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سسٽين ايبل انرجي جا منصوبا شروع ڪري توانائي جي مسئلن کي ختم ڪري سگهجي. ورلڊ بينڪ جو زراعت جي سپورٽ لاءِ به هڪ اهم منصوبو شامل آهي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ چاهي ٿو ته پاڪستان اندر قرض ڏئي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارجي ته جيئن هو زراعت جي ميدان ۾ پنهنجن ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جي معاملي ۾ پاڻڀرو ڪري سگهي. ان کان علاوه ورلڊ بينڪ جي دلچسپي ان ڳالهه ۾ به آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر کي جوڙيو وڃي ته جيئن عوام صرف سرڪاري نوڪرين تي نه ڀاڙي ۽ بيروزگار نوجوانن کي خانگي شعبن ۾ نوڪرين لاءِ به ڪيترائي موقعا ملي سگهن ۽ پاڪستان جي اندر جيڪا معاشي سگهه موجود آهي، ان مان سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪري وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهن. ورلڊ بينڪ پاڪستان جي تعليم ۽ صحت واري شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن سان يقينن تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ بين الاقوامي سطح جي بهتري آڻي سگهجي ٿي، جيڪا ڪنهن به ملڪ جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. تعليم کانسواءِ ڪوبه سماج ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ بنيادي صحت جي نظام کان سواءِ به نظام جڏو هوندو آهي.
اميد آهي ته ورلڊ بينڪ جي انهن منصوبن سان پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي نظام ۾ بهتري ايندي ۽ انهن فنڊن کي شفافيت سان خرچ ڪيو ويندو. ورلڊ بينڪ شفافيت جي لاءِ ڪونه ڪو نظام ضرور ٺاهيندي ته جيئن ان سيڙپڪاري جو فائدو پاڪستان جي عوام کي حقيقي طور تي ملي سگهي ۽ پاڪستان ۾ ترقيءَ جو دور شروع ٿئي، نوجوانن جون نا اميديون ختم ٿين ۽ اهي سڀ گروهه جيڪي پاڪستان کي ڦري لٽي رهيا آهن، انهن جو خاتمو ٿي سگهي. جڏهن پاڪستان ۾ معاشي ترقي ايندي ته يقينن پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن جي ماڻهن کي مختلف طريقن سان پرڪشش بڻجي ويندو ۽ انهن کي سياح کان وٺي ٻين ڪيترن ئي ڪاروبارن لاءِ پاڻ ڏانهن مائل ڪري سگهندو ۽ ترقي جا نوان باب کلي پوندا.