خاصنئون

وزيرن کي ڪڍي عمران خان پنهنجي ناڪامي کي نه ٿو لڪائي سگهي، بلاول ڀٽو زرداري

ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري  الزام هڻندي چيو ته وزيرن کي ڪڍي عمران خان پنهنجي ناڪامي کي لڪائي رهيو آهي. پارليا مينٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته بجٽ اچڻ کان هڪ مهينو ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ کان صرف هڪڙو هفتو اڳ خزاني واري وزير اسد عمر کي ڪڍڻ تي عوام حڪومت کان سوال ڪري رهي آهي. جنهن جو هن کي جواب ڏيڻو پوندو. مهانگائي سبب عوام جي چيلهه ڀڄي پئي آهي، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ دوائن جي قيمتن وڌڻ سبب پاڪستان جي عوام سونامي ۾ ٻڏي رهي آهي. حڪومت جي نئين وزير داخلا تي بينظير جي قتل جو الزام آهي. خزاني واري وزير کي ڪڍي آصف زرداري جي دور واري خزاني واري وزير کي آندو ويو آهي. مان ته پهريون ئي چئي رهيو هيس ته حڪمران نااهل آهن.اطلاعات واري وزارت تان فواد چوڌري کي هٽائي فردوس عاشق اعواڻ کي آندو ويو آهي جنهن جو تعلق به پيپلز پارٽي سان رهي چڪو آهي. بعد ۾ اسپيڪر، عمر ايوب کي ڳالهائڻ جوموقعو ڏنو. جنهن چيو ته اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته الذوالفقار ڪنهن ٺاهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان کي  “ڊيڊي” چوندو هيو. عمر ايوب جي خطاب دوران  پيپلز پارٽي جا ميمبر عمر ايوب جي ڪرسي جي سامهون اچي گوڙ ڪندا رهيا  ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. احتجاج جي شديد ٿيڻ سبب اسپيڪر اسمبلي جو اجلاس ايندڙ ڏينهن 11 بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.