نيوزيلينڊ جو دورو رد
وزيراعظم ۽ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. سيريز ملتوي ٿيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪيوي ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي هڪ طرفي خاتمي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو اهم بيان سامهون آيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سيريز نه ٿيڻ تي هر ڪنهن کي افسوس آهي. رانديگرن جي حفاظت جي لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم جي فيصلي جي حمايت ڪيان ٿي.

