برف باري سان بجلي ٺاهڻ جو انقلابي اوزار تيار

آمريڪا ۾ رهندڙ مصر جي سائنسدان ماهر القادي پاران اهڙو اوزار تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو  برف باري جي مدد سان بجلي تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.هن اوزار ۾ ٽرائبو اليڪٽرڪ جو سادو اصول ڪم ڪري ٿو يعني جڏهن ٻه مختلف مادا پاڻ ۾ ملن ٿا ته  هڪ چارج پيدا ٿيندو آهي. هن اوزار کي ٺاهڻ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته برف جي ذرن ۾ قدرتي طور تي پازيٽو چارج هوندي آهي. ان ڪري اهڙو اوزار تيار ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. جنهن جي مدد سان مخالف چارج کي رکي برف باري جي وقت  بجلي تيار ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. هن طريقي کي ايجاد ڪندڙ ماهر القادي جو چوڻ آهي ته هن قسم جي طريقي بابت پهريان ڪڏهن به نه سوچيو ويو آهي. جڏهن ته ٽرائبو اليڪٽرڪ جي طريقي تحت هلڪي حرڪت، ٽائرن جي رڳڙ ۽ خاص بورڊ تي هلڻ سان به بجلي تيار ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر ماهر القادي وڌيڪ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ چار ڪروڙ سٺ لک چورس ڪلوميٽر جي رقبي تي برف پوندي آهي. اهڙي طرح وڏي پئماني تي برف باري سان وڏي پئماني تي بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي.  ان کان علاوه ڪنهن به ماڻهو جي جوتي هيٺان ان قسم جي اوزارکي هڻي ڪري برف  تي گهمڻ سان به بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments