ڪورونا جو ٽيسٽ سرڪاري ليبارٽري مان مثبت ۽ پرائيويٽ مان منفي ايندو آھي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ڪورونا جي شڪي مريض جو سرڪاري ليبارٽري مان ٽيسٽ پازيٽو ۽ پرائيويٽ ليبارٽري مان نيگيٽو اچي ٿو. سپريم ڪورٽ لاھور رجسٽري جي ملازمن سان به ائين ئي ٿيو. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراھي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ ڪورونا پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.