خاص

سنڌ ھاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن جي في ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار رکي ڇڏي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن جي في ۾ 20 سيڪڙو رعايت وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ اسڪول فين ۾ 20 سيڪڙو گھٽتائي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت شاگردن جي والدين جي درخواست تي اسٽي آرڊر واپس وٺندي چيو آھي ته ڪنھن به اسڪول اپريل يا مئي مھيني ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس ورتي آھي ته شاگردن جي والدين کي واپس ڪئي وڃي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا آرڊيننس 2019 تي عملدرآمد لاءِ ٻه درخواستون داخل ڪرايون ويون ھيون، جن مان ھڪ درخواست شاگردن جي والدين ۽ ٻي درخواست نجي اسڪولن طرفان ڏني وئي ھئي. اسڪول مالڪن فيصلي خلاف ٽيون ڀيرو عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي. عدالت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي ڪندي. ياد رھي ته عدالت سنڌ سرڪار جي فيصلي خلاف نجي اسڪولن جي درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو ھو