اٺ آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو غير آئيني قرار: پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ڪرايون وڃن: سپريم ڪورٽ
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ 30 اپريل کان 15 مئي جي وچ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سُپريم ڪورٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو آرڊر ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، چونڊن جي تاريخ بابت صدر جو فيصلو بحال ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

