خاصنئون

قطر جي امير جي دوري بابت پاڪستان جو پڌر نامون مختلف معاهدن تي صحيحون

حڪومت پاران جاري ڪيل پڌر نامي ۾ چيو ويو آهي ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي. سندس همراهه مختلف وزير ۽ اهم عهديدار به وفد ۾ شامل آهن. دوري دوران امير قطر ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. جنهن ۾ پاڪ قطر تعلقات تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پڌر نامي مطابق پاڪستان ۽ قطر ٻه طرفا ڪاروبار تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ايل اين جي، ايل پي جي سميت توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه زراعت ۽ سياحت ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ٻنهي ملڪن افغان امن عمل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفدن جي سطح تي ملاقات بعد مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان علاوه مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي مالي معاونت کي روڪڻ خفيه معلومات جي ڏي وٺ جي ياداشت تي به صحيحون ڪيون ويون. امير قطر صدر عارف علوي سان به  اهم ملاقات ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ڀائپي وارن لاڳاپن کي بهتر بڻائيندو.