دنيا جي سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ توانائي اهم ترين عنصر بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جهڙا ترقي ڪندڙ ملڪ، جيڪي تيل ۽ گئس جي درآمد تي گهڻو دارومدار رکن ٿا، عالمي سياسي ڇڪتاڻ کان سڌو متاثر ٿين ٿا. تازو ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ نه رڳو وچ اوڀر کي، پر سڄي دنيا جي توانائي مارڪيٽن کي به غير يقيني صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جا واضح اثر پاڪستان جي معيشت ۽ توانائي جي فراهمي تي نظر اچي رهيا آهن. فيبروري 2026 کانپوءِ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ سخت بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنگ کانپوءِ ايران طرفان آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ تي پابنديون ۽ حملا رپورٽ ٿيا، جنهن سبب عالمي تيل جي فراهمي متاثر ٿي. آبنائي هرمز دنيا جي سڀ کان اهم سامونڊي رستن مان هڪ آهي جتان لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو عالمي تيل جي ترسيل ٿيندي آهي. جڏهن هن سامونڊي رستي ۾ خلل پيو ته عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. تجزيه نگارن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته تيل جي قيمت 100 کان 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي مهانگائي وڌڻ جو خطرو آهي. هن سڄي صورتحال ۾ جنهن ۾ پاڪستان جي توانائي جي نظام جو وڏو حصو درآمدي تيل تي دارومدار رکي ٿو، جنهن مان گهڻو تيل خليجي ملڪن مان آبنائي هرمز ذريعي پاڪستان پهچندو آهي. جيڪڏهن هن رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته پاڪستان لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي. تازو وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب پاڪستان حڪومت کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪرڻو پيو، جنهن سان پيٽرول جي قيمت 320 رپين کان وڌيڪ ٿي وئي. ان کان علاوه، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته توانائي جي وڌندڙ قيمتن سبب پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي سگهي ٿو ۽ صنعتن جي پيداوار تي به منفي اثر پئجي سگهي ٿو، جنهن سان نه رڳو توانائيءَ بحران بجلي يا تيل تائين محدود رهندو، پر ان جا اثر سڄي معيشت تي پوندا. جيڪڏهن تيل مهانگو ٿيندو ته ٽرانسپورٽ، زرعي پيداوار، صنعت ۽ عام زندگي جون قيمتون به وڌنديون. ڪجهه شپنگ ڪمپنين خليجي علائقن ڏانهن مال برداري عارضي طور روڪي ڇڏي آهي، جنهن سبب واپار ۾ به رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. ان سان گڏ پاڪستاني ٽيڪسٽائل ۽ ٻيون برآمداتي صنعتون به پريشان آهن، ڇاڪاڻ ته توانائي جي قيمتن ۾ اضافو پيداوار جي لاڳت وڌائي ڇڏيندو. هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت متبادل رستن تان تيل جي درآمد جا امڪان ڳولهي رهي آهي. رپورٽن مطابق پاڪستان سعودي عرب سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته تيل کي آبنائي هرمز بدران ريڊ سي جي بندرگاهه ينبوع ذريعي موڪليو وڃي. ان سان گڏ حڪومت توانائي بچت، متبادل توانائي ذريعن جهڙوڪ: شمسي ۽ ونڊ پاور جي واڌاري تي به زور ڏئي رهي آهي ته جيئن درآمدي تيل تي دارومدار گهٽائي سگهجي. انهن سڀني متبادل رستن ڳولهڻ باوجود به جيڪڏهن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ٿي ته نه رڳو پاڪستان، پر سڄي دنيا کي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. خاص طور تي ترقي پذير ملڪن جي معاشي استحڪام لاءِ اهو بحران هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي هن بحران مان سبق وٺندي توانائي پاليسي ۾ بنيادي سڌارا آڻڻا پوندا. مقامي وسيلن جو استعمال، وري استعمال ٿيندڙ توانائي جي ترقي ۽ توانائي جي بچت جي حڪمت عملي ئي مستقبل ۾ اهڙن عالمي بحرانن کان بچڻ جو واحد حل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته توانائي جو بحران پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو.