رات جي لڳ ڀڳ سوا نائين لڳي وائرليس تي خبر ملي ته ڳوٺ وڏل شاهه جي سيداڻي حويلي کي ڪنهن باهه ڏني آهي. اها خبر ٻڌي منهنجا ته تاڪ ئي لڳي ويا ۽ سوچڻ لڳس ته زمانو ڪيڏو نه خراب ٿي ويو آهي جو هاڻي پاڪ سيدن جا گهر به محفوظ ڪونه آهن… اها ته قيامت جي نشاني ٿي نه… باقي ڇا بچيو… اهو فعل ته يزيدي فعل ٿيو نه… سڌي قيامت جي نشاني…
جي… جي جناب اعليٰ!
معاف ڪجو، پر سيد سڳورن لاءِ عقيدت ڏيکارڻ منهنجو فرض آهي، ڀلا اسان امتين وٽ ٻي ڪهڙي واٽ آهي! جي بلڪل مان ڪم جي ڳالهه ڪريان ٿو.
حضور!
مان جيئن ئي حويلي وٽ پهتس ته ڏٺم هر پاسي باهه جا شعلا هئا، باهه اهڙو ٿي ڀڙڪو کاڌو جو آسمان کي ٿي وڃي چمي ڏنائين. حويلي سڙي رهي هئي ۽ اندران رڙيون اچي رهيون هيون ننڍڙو سيد صداقت به سڙي ويو… مالڪ اڃان اسان سيدن کان ڪهڙا امتحان وٺندين! ۽ پوءِ هڪ وڏي رڙ آئي… اها زائفائڻي رڙ هئي. اسان اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه اهڙي جو اندر وڃي ڪونه سگهياسين.
جناب اعليٰ!
انهيءَ باهه ۾ حويلي اندر موجود ڇهه ڀاتي سيد حاڪم شام، جيجي صدوري، جيجي املتاس، سيد مرجان شاهه، سيد اتفاق شاهه ۽ ننڍڙو سيد سڳورو صداقت شاهه اجل جو شڪار ٿيا. جڏهن ته حويلي جون ٻه ٻانهيون ميران ۽ سانجي به باهه ۾ سڙي مري ويون. اهي سڀ لاش کڻائي سول اسپتال آندا ويا.
جناب اعليٰ!
انهيءَ رات لڳ ڀڳ هڪ لڳي ڌاري او هي همراهه جيڪو اڃان به بي حيا ٿيو اوهان جي آڏو بيٺل آهي ٿاڻي تي آيو ۽ گرفتاري ڏيندي اعتراف ڪيائين ته هن ئي حويلي کي باهه ڏني ۽ سيد حاڪم شاهه خلاف بڪواس ڪرڻ لڳو. اسان هن جو بيان قلم بند ڪري کيس ترت ئي لاڪ اپ ڪيو.
نه… جناب اعليٰ!
مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو ته هن همراهه تي ڪا به زور زبردستي نه ڪئي وئي. هن پاڻ ئي هر ڳالهه جو اعتراف ڪيو.
۽ ها… جناب اعليٰ!
اسان جي ڄاڻ موجب حويلي مان هڪ بيبي سڳوري جيجان رحمت گم آهي، ڪجهه ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته حويلي کي باهه لڳڻ وقت هنن هڪ جوان مائي جنهن کي ڪاري چادر اوڍيل هئي کيس ڪنهن همراهه سان ٻنين ڏانهن ڀڄندي ڏٺو. مون کي پوري پڪ آهي ته هي ڪميڻو بيبي سڳوري کي پاڻ سان ان رات ڀڄائي ويو… ڌڻي ٿو ڄاڻي هاڻي اها بيبي سڳوري ڪهڙي حال ۾ هوندي… ڌڻي در زاري آهي… قيامت اچي ڪڙڪي آ…
جج اڳيان جهوني مريد صابو ڏتي جو حلفيه بيان:
حضور!
پنهنجي سٺ سالن جي ڄمار ۾ منهنجي اکين اهڙي قيامت اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺي… مرشد سڳورو جيڪو اسان امتين جو دنيا ۽ آخرت ۾ وسيلو هو کيس سندس گهر ڀاتين سڌو ائين شهيد ڪرڻ… الله سائين منهنجي توبهه… ڀلا ان جو ڪو ازالو ٿي سگهندو ڇا!
حضور!
اسان جو ڳوٺ سکيو ستابو هو، هرڪو ڌڻي جي رضا تي راضي رهندو هو… ۽ پوءِ اها ڏائڻ اسان جي ڳوٺ ۾ ماسترياڻي ٿي آئي. اها ڏائڻ هر وقت پئي ماڻهن کي مڇرائيندي هئي ته سيد حاڪم شاهه ٻيلي مان وڻ وڍرائي وڏو ڏوهه ڪري رهيو آهي.
حضور!
ڳوٺ سيد بادشاهه جو، اسين سيد بادشاهه جا… ۽ اهو ٻيلو به سيد بادشاهه جو… پوءِ خبر ناهي ان رن کي ڪهڙو پيٽ ۾ سور پوندو هو.
حضور!
ان ڏائڻ هڪ ڀيرو وڻ وڍڻ خلاف ٻاهريان ماڻهو گڏ ڪري سيد سڳوري جي حويلي ٻاهران احتجاج ڪيو. ان ۾ سندس يار او هي حرامي به هن سان گڏ هو. سيد سڳوري خلاف نعرا هڻڻ لڳا. چوڻ لڳا ٻيلي مان وڻ وڍڻ قتل ڪرڻ برابر آهي.
حضور!
ڀلا ڪنهن رن جي اهڙي ڪڌي ڪرتوت تي امتي ڇو نه مڇرجن ها… ٻيو ته حضور! ان رن مڙس جي هوندي به هن حرامي کي يار ڪيو هو. سج لٿي کانپوءِ ٻئي وڃي سوئرن جيان ٻني ۾ ملندا هئا.
جي حضور!
جيئن اوهان جو حڪم… پر سچ ته اهو ئي آهي نه… ان ڏائڻ جون ڳالهيون سيد سڳورن جي مريدن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويون ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان ڏائڻ جو سر ٻني جي هڪ حصي مان مليو ته ڌڙ ٻئي حصي مان… صدقو وڃا مٺي مرشد جي غيرتي مريدن تان جن اهو ڪارنامو ڪيو ۽ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿيا… ها منهنجا ڀاڳ! جيڪر مٺڙي مرشد لاءِ اها خدمت مان ڪريان ها…!
جج اڳيان علي حيدر جو اعتراف:
جناب اعليٰ!
هتي اڳواٽ ئي مون کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو ويو آهي، ان ڪري مان پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه به نٿو چوڻ چاهيان. ها، پر اوهان کي ان ڳالهه جي درخواست ڪريان ٿو ته مون کي موڪل ڏيو ته مان ان عظيم عورت جيڪا اڄوڪي زماني جي سورمين مان هڪ آهي تي اڇلايل گند کي صاف ڪريان!
جناب اعليٰ!
هو هڪ عظيم استاد هئي جيڪا ڳوٺ جي نياڻين کي علم جو نور ڏيندي هئي. انسانن کانسواءِ کيس وڻن ٻوٽن ۽ باقي جيوت سان به عشق هو. هو چوندي هئي ته انسان هن ڪائنات جو مرڪز نه آهي، پر ٻي هر جيوت جيان هن ڪائنات جو خوبصورت حصو آهي. هر جيوت کي زنده رهڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو انسان کي! هو هر مهيني وڻ پوکڻ جي مهم ۾ اڳيان اڳيان هوندي هئي.
جي… جناب اعليٰ!
اهو سچ آهي ته ٻيلي مان وڻ وڍي انهن کي وڪرو ڪري منافعو ڪمائڻ تي هن کي سيد حاڪم شاهه سان اختلاف هو ۽ هن ان حوالي سان ٻيلي کاتي کي ڪيتريون ئي درخواستون به لکيون. هن لاءِ وڻ ايترا ئي اهم هئا جيترا اسين ماڻهو. هن لاءِ ڪنهن وڻ کي وڍڻ ائين هو ڄڻ ڪنهن جيئري جاڳندي انسان کي ڪاتي سان وچان ٻه اڌ ڪري ڪهي ڇڏڻ. ٻيلي کاتي هن جي درخواستن تي ڪوبه قدم نه کنيو ته هن مختلف اين جي اوز کي خط لکيا ۽ اسان هن سان گڏ احتجاج ڪرڻ لڳاسين.
جناب اعليٰ!
ها اهو سچ آهي ته اسان جو پاڻ ۾ عشق هو، پر هن جهوني جيڪو منهنجو سڳو چاچو آهي ۽ وڏي وقت کان جنهن جي نظر منهنجي ٻني جي ٽڪري تي آهي، وڏي مڪاري سان اهو ته چيو ته هو مڙس جي هوندي به يار ڪندي هئي، پر هن مڪار جهوني هن ڪورٽ سڳوري کي اهو ڪونه ٻڌايو ته هو شادي جي ٻن سالن کانپوءِ به ڪنواري ئي هئي. هن جو مڙس هن سان زوري غير فطري طور زنا ڪندو هو… هو ڪهڙي نه عذاب مان ٿي گذري… هن مڪار جهوني ڪورٽ سڳوري کي اهو به ڪونه ٻڌايو ته هن جو مڙس سڄو ڏينهن سيد حاڪم شاهه جي اوطاق تي پيو هوندو هو ۽ ڳوٺ ۾ هر ماڻهو جي زبان تي اها ڳالهه عام هئي ته هُن جا ۽ سيد جا اهڙا ناتا آهن جهڙا زال مڙس جا هوندا اهن.
جناب اعليٰ!
اهڙي عظيم مائي سان عشق ڪرڻ، هن جي پوڄا ڪرڻ جيڪڏهن ڏوهه آهي ته پوءِ اهو ڏوهه مان وري وري ڪندو رهندس. پوءِ هڪ ڏينهن هن جو لاش ٻنيءَ مان هٿ آيو. منهنجي من اندر ۾ باهه لڳي وئي، ارادو ڪيم ته سيد حاڪم شاهه جي حويلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس. ننڍڙي شهر جي ڪيمڪل ليبارٽري ۾ هن جو ننڍو ڀاءُ ڪم ڪندو هو، مون هن کان اهڙو ڪيميڪل هٿ ڪيو جيڪو اک ڇنڀ ۾ سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن ته مون وٽ به ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس جي ڊگري آهي ان ڪري ڀلي ڀت ڄاڻ اٿم ته ڪهڙو ڪيمڪيل ڪيئن ڪيتري وقت ۾ پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي اندر جي باهه وسائڻ لاءِ حويلي کي باهه ڏيڻ نڪري پيس.
جج اڳيان رحمت بيبي جو ڇرڪائيندڙ بيان:
جناب اعليٰ!
ان رات حويلي کي لڳل باهه جي حوالي سان هن مهل تائين اوهان رڳو افسانا ئي ٻڌا آهن. ان جي حقيقت رڳو مونکي ئي خبر آهي. مان هي بيان پنهنجي پوري هوش حواس ۾ ڏئي رهي آهيان ۽ ياد رکو مون تي ڪوبه ذهني دٻاءُ ڪونه آهي. مان رحمت بيبي، سيد حاڪم شاهه جي ڌيءَ آهيان. مون کي ننڍي هوندي کان ئي دمي جي بيماري آهي ۽ ننڍي هوندي کان ئي جڏهن به منهنجو حويلي ۾ ساهه منجهندو هو ته ستن پردن ۾ ٻيلي ڏانهن ويندي هيس، اتي فطرت جي ويجهو اچي اوچن وڻن کي ڏسي فرحت ملندي هئم. پوءِ هوريان هوريان وڏي ٿيڻ لڳيس، ٻيلي جي وچ ۾ ٽالهيءَ جو هڪ گهاٽو قديمي وڻ هو، مان ان وڻ جي ٽارين تي چڙهي ويهي رهندي هئس، هوريان هوريان ڄڻ مون کي ان وڻ سان عشق ٿي ويو، ائين لڳندو هئم ڄڻ اهو وڻ مون سان ڳالهيون ڪندو هجي، منهنجا ڏک سور ٻڌندو هجي ۽ مون کي پنهنجا ڏک سور ٻڌائيندو هجي. مون سان گڏ ايندڙين ٻانهين کي احساس ٿيڻ لڳو ته ان وڻ ۾ ڪو جن هو جيڪو مون تي عاشق ٿي پيو هو. هنن اها ڳالهه اچي حويلي ۾ ڪئي ۽ پوءِ منهنجي حويلي مان نڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. ڪجهه وقت اڳ خبر پيم ته بابا منهنجي ان محبوب وڻ کي وڍرائي ڇڏيو آهي، ان سان گڏ اڌ ٻيلو به وڍرائي ان کي وڪرو ڪري مال ڪمائي رهيو آهي. ان کانپوءِ مون کي عجيب خواب اچڻ لڳا. هڪ رات خواب ۾ اهوئي ٽالهيءَ جو وڻ ڏٺم ان جي هر شاخ ڄڻ رت ۾ رڱيل هئي ۽ ڄڻ ان وڻ مون کي دانهن ٿي ڏني ته ڇا مان هن جو پلاند نه ڪنديس. مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس.
جناب اعليٰ!
ٻئي ڏينهن صبح جو اسان جي حويلي ٻاهران ان ماسترياڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو. هوءَ ڇا ته دلير مائي هئي، مان سمجهان ٿي هر مائي ان جيان ئي دلير هجڻ گهرجي. هن کي ڏسي مون ۾ به همت آئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ خبر پيم ته ان ماسترياڻيءَ کي سندس مڙس ۽ اسان جا ڪجهه ٻيا مريد بابا جي اوطاق تي کڻائي آيا، کيس سڀني اڳيان اگهاڙو ڪري هن جي لڄالٽ ڪرڻ لڳا، هن جي جسم تي تتل شيخن جا ڏنڀ ڏيڻ لڳا ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هن جي سسي ۽ ڌڙ ٻني مان مليا. ان خواب ۽ ڳوٺ جي ماسترياڻيءَ جي اهڙي نموني ٿيل قتل مون کي چريو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مون پنهنجي خاص ٻانهي هٿان حيدر علي کي نياپو ڪرايو، جنهن مونکي اهو ڪيميڪل ڏنو. مون ان ڪيميڪل سان حويلي ۽ ان ۾ موجود سڀني ڀاتين کي جيئرو ساڙي ڇڏيو ۽ اتان ڀڄي نڪتيس.
جناب اعليٰ!
مون کي خبر آهي ته هن بيان کانپوءِ مون کي موت جي سزا ڏني ويندي. بس منهنجو رڳو هڪڙو ئي ارمان آهي ته مون کي مرڻ کانپوءِ ٻيلي ۾ اتي پوريو وڃي جتي اهو ٽالهيءَ جو وڻ لڳل هو.
هن واقعي کي ڏهه سال گذري چڪا آهن، رحمت بيبي کي خواهش موجب انهيءَ هنڌ پوريو ويو جتي اهو قديم ٽالهيءَ جو وڻ لڳل هو. اڄ سندس قبر وٽ ٽالهيءَ جو هڪ وڏو وڻ بيٺل نظر اچي ٿو، جنهن جون ٽاريون هن جي قبر کي ڇانو ڏينديون آهن. ڳوٺ وارا هاڻي رحمت بيبي کي سندس نالي بدران “اڄوڪي زماني جي سورمي” طور ياد ڪندا آهن.