نئون

پاڪستاني باڪسر محمد وسيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب

ڪوئيٽا ڄائو باڪسر محمد وسيم آچر ڏهاڙي پاناما ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي پاناما جي باڪسر ڪارلوس ميلو کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. 30 سالا باڪسر لڳاتار 8 مقابلن ۾ ڪامياب رهيو آهي. باڪسر پنهنجي پيغام ۾ قوم جي دعائن ڪرڻ لاءِ ٿورو مڃيو. ياد رهي ته وسيم جي 8 مقابلن مان 7 ناڪ آئوٽ طور کٽيا آهن. وسيم جو ايندڙ مقابلو هاڻي جنوري 2018 ۾ ٿيندو. ياد رهي ته نواز شريف به هنن لاءِ 3 ڪروڙ 30 ملين رپين جي انعام جو اعلان ڪيو هو