بابا تفصيل ٻڌائڻ بدران ويتر سڏڪڻ لڳو. کيس سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو، مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، ڪنهن جي هليو وڃڻ سان بابا منهنجي ڪلهي تي سر رکي روئيندو ۽ مان کيس حوصلو ڏينديس، تڏهن بابا جي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن ۾ ڪنهن پنهنجي جي وڃائڻ جو دک ۽ ڪرب محسوس ڪيم.
ڪيڏا نه اياڻا آهيون پاڻ ماڻهون جنهن کي ڪابه خبر ناهي، زندگي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي بيوفائي ڪري وڃي. اڳئين پل ڇا ٿيندو ۽ ڇا ٿي وڃي ٿو. اهو اتفاق آهي يا نه ڄاڻ ناهي، اڃان رات جي ئي ته ڳالھ آهي. جڏهن اسان انڪل آڪاش جي ٿي پچر ڪئي. سندس شاعري جي وسعت ۽ گونا گونيت تي ٿي ڳالهايوسين، ساڻس ملاقات ڪرڻ جا ٿي رٿ رٿياسين ۽ سانباها ٿي ڪياسين.
الا کن پل ۾ ڇا مان ڇا ٿو ٿي وڃي. هڪڙي بندي جي من ۾ ٻي ڪري الله. ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي، بابا آڪاش انصاري کي منهنجي ڪجھ شاعري موڪلي جيئن پاڻ پڙهي پنهنجي راءِ ڏين. بابا سندن رپلائي مون کي پڙهائي، جنهن ۾ لکيو هئائين: (زندگي ڪيتري نه مختصر آهي، هئين مان هئائين ٿي ويا) اديءَ نثري نظم لکيا آهن ۽ بهترين لکيو اٿس، پر اڃان کيس جهجهو مطالعو ڪرڻ گهرجي، لطيف اياز ۽ آڪاش کي اک مان ڪڍي. مان اهو ٽيڪسٽ پڙهي ايڏي خوش ٿيس، هر هر پيئي ڀاءُ کي ڏيکاريان منهنجي ڪچين ڦڪين لکڻين تي آڪاش جهڙي قداور ماڻهوءَ پنهنجي راءِ سان نوازيو هو.
هڪ دفعي بابا چيو، بخت آور ڪجھ لطيف ۽ اياز کي بر زبان ياد ڪر. وراڻيم بابا مون کي ڪهڙيون اسٽيجن تي تقريرون ڪرڻيون آهن. چيائين ڀلا ڪڏهن هلندي ڦرندي ڪنهن رائيٽر سان ملاقات ٿي وڃي ۽ اها پڇي ويهي، لطيف جي ڪا وائي ٻڌائي يا اياز جو ڪو نظم ٻڌائي ته تو وٽ متاثر ڪرڻ لاءِ ڇا هوندو ۽ تڏهن ڪهڙو هٿيار استعمال ڪندينءَ؟
مون سوال کي گول ڪندي چيو، ازل کان موجود آدم جي اولاد ۾ هڪٻئي لاءِ جا قدرتي ڪشش ۽ ڇڪ موجود آهي، ٻيو ته کيس متاثر ڪرڻ لاءِ مون وٽ سادگي معصوميت ۽ خاموشي هوندي. ڪجهه گهڙين جي ماٺ کانپوءِ چيم، بابا اياز ۽ لطيف کي مان ائين ازبر ياد ناهيان ڪري سگهي. جيئن آڪاش جي هر سٽ ذهن جي ڪينواس تي هڪ ئي ڀيرو پڙهڻ يا ٻڌڻ سان چٽجي ويندي آهي. آڪاش جي شاعري ۾ رومانوي رنگ به آهي ته انقلابي ۽ مزاحمتي پاسو پڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ اها سگھ ۽ جماليات موجود آهي جا دل سميت روح کي پڻ گرمائي ڇڏيندي آهي. سندس هر سٽ لهو گرمائي روح تان ڪٽ لاهيو ڇڏي، سندس شاعري جنهن ۾ دار جو درد به آهي، قيد خانن جي ڪشش به آهي ته ڦاهيءَ جا ڦندا به آهن ته نيڻن جون نرمل چانڊوڪيون به آهن ته ٻانهن جون ڪچيون ڪومل وليون به آهن.
آڪاش جهڙي اڏول ۽ اڻموٽ انسان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مون وٽ جوڳا ۽ موزون لفظ ئي ناهن، باري تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي ۽ درجات بلند فرمائي-آمين. تون پڇين ٿو مان هليو ڇو ويس، انڪل آڪاش دل مڃي ئي ڪونه ٿي ته تون هليو ويو آهين. بابا ته مون سان واعدو ڪيو هو ته پٽ توکي ڊاڪٽر آڪاش جي گهر وٺي هلندس. توکي تنهنجي انڪل آڪاش سان ڪچهري ڪرائيندس، پر انڪل توهان ته اوڏانهن هليا ويا آهيو جتان ڪير به نه موٽيو آهي. انڪل توهان کي رات جي رهزنن ڪيئن قتل ڪيو آهي؟ پر انڪل آڪاش توهان کي هي ماري نٿا سگهن ڪڏهن ڪو آڪاش به مئو آهي؟ قطعي نه آڪاش زنده هو آڪاش زنده رهندو. گيتن جي صورت ۾، همتن حوصلن جي صورت ۾، اوهانجون اکيون ولهارين جي وسڪاري ۾ ياد رهنديون، چنڊ جي چلولاين ۾ ياد رهنديون.