سنڌو درياءَ سنڌ لاءِ جيون ريکا سمجھيو ويندو آھي. حڪومت طرفان شروع ڪيل سرسبز پاڪستان پراجيڪٽ ھڪ متنازع پراجيڪٽ بڻيل آھي. ڇاڪاڻ جو ان منصوبي تحت سنڌو درياءَ مان ڇهن نون ڪئنالن ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. سموري سنڌ ۾ ان اعلان کانپوءِ ڳڻتيءَ جي فضا ڇانئجي وئي آھي.
سنڌ واسين جي اعتراض جو بنيادي ۽ اھم سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ڪمي آھي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جا ساحلي پٽيءَ وارا علائقا اڳ ئي بُري طرح متاثر آھن. اتي جي دريائي جيوت تباھي جو شڪار آھي ۽ ڪيترن ئي ساحلي علائقن ۾ موجود تمر جا ٻيلا اڳ ئي ختم ٿي چڪا آھن. نه صرف اھو، پر پاڻيءَ جي کوٽ سبب جَر پڻ کارا ٿي چڪا آھن.
ٻيو اھم سبب ماحولياتي توازن جو آھي. آبپاشي نظام جي ماھرن موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي اڳ ئي 14 ايم. اي. ايف پاڻيءَ جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنھن سبب انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي زندگي خطري ۾ پيل آھي. انڊس ڊيلٽا سمنڊ کي اڳيان وڌڻ کان روڪي ٿو جنھن ڪري وڌيڪ ڪئنالن جي تعمير ھاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿي.
نصير ميمڻ (ڪلائميٽ چينج صلاحڪار) موجب چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ سڀني کان وڌيڪ نقصانڪار آھي جيڪو (ٿَل ڪئنال سميت) 6.6 ملين ايڪڙ زمين جي ايراضي کي سيراب ڪرڻ جو ذميوار آھي. سندس چوڻ مطابق چولستان ڪئنال جي گنجائش ۽ صلاحيت 400 ڪيوسڪن جي آھي. ھن پراجيڪٽ جي پھرين فيز ۾ ئي چولستان جي ريگستان جي 452000 ايڪڙ زمين جي آبپاشي ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو ويو آھي. ٻئي فيز ۾ وڌيڪ 744،000 ايڪڙ زمين کي سيراب ڪيو ويندو. ايڏي وڏي ايراضيءَ جي آبپاشي ڪرڻ ڪھڙيءَ ريت ممڪن آھي؟ جڏھن ته ھن وقت سسٽم ۾ سر پلس پاڻي به موجود ناھي. 1976 کان 1999 تائين سنڌو درياءَ جو وھڪرو 40 ايم. اي ايف ھو، پر 1999 کان 2024 تائين رڳو ڪوٽڙي بئراج ۾ ئي 14 ايم. اي. ايف تائين گھٽتائي ٿي چڪي آھي. سموري صورتحال کي سامھون رکندي ايتري وڏي پراجيڪٽ جو افتتاح يقينن ڳڻتيءَ جو سبب آھي، جڏھن اسين اڳ ئي 35 ايم. اي. ايف پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ کي منهن ڏيئي رهيا آهيون.
ھڪ اھم مسئلو سنڌ جي زرعي نظام جي متاثر ٿيڻ جو به آھي. سنڌ جا ھاري اڳ ئي پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. پاڻيءَ جي مناسب فراهميءَ جي بغير ڪپھ، چانورن، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ممڪن ئي ناھي. فصلن جي تباهي صوبائي توڙي ملڪي معيشت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي. ھزارين ايڪڙ زرخيز زمينن جو بنجر بنجڻ ھڪ وڏو خطرو آھي، جنھن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. حڪومت کي گھرجي ته ھن مسئلي تي نظرثاني ڪري پراجيڪٽ لاءِ متبادل منصوبا جوڙي، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ھي ھڪ حساس مسئلو بڻجي چڪو آھي. ھي پراجيڪٽ سنڌ جي عوام ۾ سياسي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي رھيو آھي. ان ڳالھ کي نه وسارڻ گھرجي ته پاڻي ھر جيوت جو بنيادي حق آھي. سنڌو درياءَ ئي سنڌ ۾ زندگيءَ جي بقا جو ضامن آھي، جنھن تي سڀ کان اڳ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو حق آھي.