بلاگنئون

شڪارپور ۾ نصب ٿيل ڪجهه ڪتبن جو تعارف!

ڪتبو 2:

هو الغفور

بسم الله الرحمٰن الرحيم

مغفور بارگاهه الٰهي غفور شاه- زين تنگنائي در بجنت چريافت راه

هنگام ساعت اوشب جمعه بودهم- بد هفدهم زماه رجب غير اشتباه

از نسل غوث اعظم و سيد منجيب بود- معروف روز و شب در اطاعت الله

مخلص چو کرد سال وفاتش بدل شمار- معلوم شد بطرز چنمينم خدا گواه

شادي برفت قطح به ابهتاج شد            درياب سال فوتش زاهم غفور شاه

واضح باد که تعداد حروف غازي و الف- ابتهاج است چون ز حروف. 1082

غفور شاهه…….. شنيد باقي 1176 خواهد…… سطه سن 1276 هجرت.

افغانستان جي هڪ بادشاهه شير علي جو پوٽو، سردار پير محمد خان ولد سردار محمد ايوب خان شڪارپور ۾ رهندو هو. هڪ واقعي ۾ سندس وفات 1284 هجري ڌاري ٿي. سندس وفات کانپوءِ افغانستان جي فوج شڪارپور ۾ تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ مختلف خاندانن توڙي سرڪار سان تمام گهڻي لکپڙهه ڪئي. گهڻي گوڙ کانپوءِ به متاثر خاندان کي ڪجهه به حاصل ٿي نه سگهيو. سردار پير محمد خان کي حيدر شاهه محلي ۾ (جهنگل شاهه روڊ تي) هڪ ڪمري ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار ٻاهران هڪ ڪتبو لڳل آهي.

خانقاه عالي تبار مرحوم شاهزاده پير محمد خلف مرحوم و مغفور

عالي جاه شاه ايوب شاه بادشاه ملک افغانستان، حال قيام شکارپور

تاريخ 10 ستمبر 1867ع، تاريخ تياري خانقاه 20 نومبر 1912ع

خانقاه تيار کننده- شاهزاده شاه محمد.

مزارن ۽ مسجدن کان علاوه شڪارپور شهر جي قبرستانن ڏانهن رخ ڪريان ٿو ته اتي موجود قديمي قبرن مٿان لڳل ڪتبن کي ڏسي تعجب ۾ پئجي وڃان ٿو ۽ اهو لکڻ تي مجبور ٿي وڃان ٿو ته هن شهر جي ماڻهن جو علم ۽ ادب سان اهڙو ڪو گهرو تعلق هو جو عام ماڻهن جي وفات تي به ڪتبو تيار ڪرائي فارسي ۾ شعر لکي ان مان وفات جي تاريخ ڪڍي يادگيريءَ کي محفوظ رکندا هئا. آئون سمجهان ٿو ته اهو رواج انگريزن جي دور تائين ايترو ته مقبول ٿي ويو هو جو گهڻي ڀاڱي قبرن تي ڪتبا نصب ڪرايا ويا هئا. افسوس جو توجهه کان گهڻو پري رهڻ سبب ۽ ڪجهه سِم توڙي ڪَلر جي قهر سبب آهستي آهستي ڪتبا خاڪ ٿيندا ويا. ڪجهه ماڻهن شوق وچان شاعريءَ جا به ڪتبا مزارن تي هڻايا هئا سي پڻ چند رپين جي عيوض نشي جي عادي ماڻهن لاهي ڪري وڪرو ڪري ڇڏيا. اهي حالتون اسان کي ڏک ۾ مبتلا ڪن ٿيون ته اسان پنهنجي قديم ڪتبه نگاريءَ واري فن يا آرٽ کان ڪيڏا نه محروم رهجي وياسين. منهنجي آڏو شڪارپور جي نئين مقام ۾ سنڌي صحافت جي باني مرزا مخلص علي علويءَ جي مزار آهي. جنهن سنڌ ۾ پهريون خانگي ڇاپخانو قائم ڪري سنڌ مان فارسي اخبار “مفرح القلوب” جاري ڪئي هئي. جيڪا پنجاهه سال مسلسل شايع ٿي هئي. مرزا صاحب “مطلع خورشيد” اخبار پڻ جاري ڪئي هئي. کيس “شمس العلماءَ” جو شخصي خطاب پڻ مليل هو. سندس قبر تي ڪتبو لڳل آهي.

بسم الله الرحمٰن الرحيم

الله- محمد- علي- فاطمه- حسن- حسين

قبر مطهر سلسل الطياب مويد السلام شمس

العماء فردوس آشيان جناب آقا مخلص علي

ميرزا علوي خلف الصدق خلد آشيان مويد

الاسلام جناب آقا سلطان محمود خان ميرزاي

علوي القذويني موسس دارالطبعه السلاميه و اسلاميه

واخبار نامه اسلاميه مطلع خورشيد در سکهر نو و

جرديه فارسي در کراچي سند موسوم به مفرح

القلوب و صدر انجمن محفل اول و قديم اماميه

وجماعت صُلح کُل علويه رحمت الله عليهم وفات

مرحوم در عمر 82 سالگي 1294 هه رمضان 21

درين سر اي سپنجي وفا مجود و داد

که از ازل به فنا طرح اوشده بنياد

شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد واري قبرستان ۾ خيرپور رياست جي وزيراعظم آغا قادر داد خان پٺاڻ جي مزار موجود آهي. سندس آخري آرامگاهه خوبصورت طرز سان جوڙيل هئي. قبر تي ڪاشيءَ جو ڪم ۽ نيري توڙي سائي رنگ جون سرون لڳل هيون. گهڻو وقت گذري وڃڻ سبب، ڌيان نه رکڻ ڪري ۽ زوردار برساتون پوڻ ڪري ننڍڙي مقبري سميت قبر ۽ ڪتبي کي تمام گهڻو نقصان رسيو هو. 19 آگسٽ 2012ع تي آئون پنهنجي دوست محسن ناياب سنڌي سان گڏ شڪارپور جون تصويرون ڪڍڻ نڪتو هئس ته ان وقت آغا صاحب جي قبر تان ڪتبو اکڙي هيٺ فرش تي ڪريل پيو هو تنهن کي مون يڪدم نوٽ ڪري ڇڏيو هو. عبارت ڪجهه هن طرح لکيل هئي:

وصال

مرحوم مغفور جنت مکان

خلد اشيان ميان قادر داد خان

شب دو شنبه بتاريخ 3 ماه

ربيع الاول 1321 هجري

مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته آئون جڏهن شڪارپور جي مشهور شاعر مير علي نواز علوي جي مزار تي فاتحه لاءِ هر جمعي تي ويندو هئس ته سندس مزار واري دروازي تي، سندس ئي لکرايل مير شاهه نواز علوي جي مزار جو ڪتبو لڳل هوندو هو، مير شاهه نواز، مير علي نواز علوي جو وڏو ڀاءُ هو. هاڻي جڏهن سندن مزار تي وڃان ٿو ته اهو ڪتبو گهڻي وقت کان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. مون گهڻو وقت اڳ اهو ڪتبو نوٽ ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي ڪجهه هن طرح لکيل هو:

از جهان رفت مير شاهه نواز- پانزدهم رجب شنبه يوم.

بود دائم به ذکر عشق مشغول- شاد مي بود با صلوات و صوم.

آن چنان کرد هجرت از دنيا- بود گويا به زندگي در نوم.

گفت سال وصال او “علوي”- رفت ماه بيوت والا قوم. 1328 هه

شڪارپور جي مشهور عالم فاضل ۽ علمي شخصيت خليفو يار محمد قريشي جي نالي سان مشهور هڪ مسجد جيڪا اڄ تائين سيد ميهر شاهه قبي واري روڊ تي قائم آهي، جي تعمير 13 شوال 1327 هجري تي ٿي. خليفه عبدالغفور قريشي هي مسجد تعمير ڪرائي ته هڪ ڪتبو ڪاٺيءَ جي دروازي مٿان اُڪر ڪرايو. 10 مارچ 2024ع تي شڪارپور جي سينئر شاعر سائين نعيم الله صابر قريشي کي عمري تان واپس موٽي اچڻ ڪري مبارڪ ڏيڻ ويس ته مسجد شريف ۾ وڃڻ ٿيو. اندرين دروازي مٿان لکيل عبارت کي مون ان ئي وقت نوٽ ڪري ڇڏيو.

بسم الله الرحمٰن الرحيم

خدايا تو هستي کريم غفور

ببخشائي بربنده عبدالغفور

13 شوال 1327 هه

حاجي امام بخش “خادم” بدوي شڪارپور جو مشهور شاعر، اديب ۽ قصه نويس توڙي مترجم ٿي گذريو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي پروفيسر لطف الله بدوي جي ڪتاب “ڪليات خادم” ۾ پڙهي سگهجي ٿو. خادم شڪارپوري جي وفات 1918ع ۾ ٿي. سندس مزار شڪارپور جي نئين مقام ۾ آهي. سندس مرقد تي سندس ڀائٽي ميان عبدالرئوف بدوي هڪ ڪتبو لکرائي نصب ڪرايو:

روز سه شنبه ربيع الثاني هفمي تاريخ بود

همنشين شد با اسد در بزمگاه مصطفيٰ. 1336 هجري

شڪارپور ۾ حضرت حاجي فقيرالله علوي رح جي مقبري جي ٻيهر تعمير جو ڪم ٿيو ته نامور شاعر مير علي نواز علوي ڪيتريون ئي تاريخون لکي ڪتبو نصب ڪرايو. هڪ تاريخ ڪجهه هن طرح لکيل آهي:

زهد و آل سيد الثقلين- سال تعميراوش گفتند

علوي از بهر ياد تاريخش- واه اين بارگاه خلد نشان. 1337 هه

مولانا عبدالرحمٰن ميمڻ شڪارپور جو نالي وارو استاد ۽ عالم هو. سندس وفات 8 ربيع ال-آخر 1340 هجري تي ٿي. سندس مزار اسٽورٽ گنج لڳ باقر شاهه قبرستان ۾ آهي. سندس مرقد تي پڻ هڪ ڪتبو نصب ٿيل آهي:

آه و افسوس که آن عارف سر سبحان- عالم و اهل واقف رمز قرآن

زکر و زنده دل ماهر هر فن علوم- در لطافت سخن بود شاد سبحان

رحلتي کرد به هشتم ربيع ال-آخر- کشت در قرب خدارا جع رفت از دوران

شڪارپور جي نئين مقام ۾ هڪ ٻيو قديمي ڪتبو مرحوم رحيم بخش ولد محمد بچل بدوي جي مزار تي لڳل آهي، جيڪو سندس پٽ عبدالرئوف بدوي لکرائي والد جي قبر تي نصب ڪرايو. ياد رهي ته رحيم بخش بدوي سنڌ جي مشهور شاعر فقير ميان غلام علي “مسرور” بدوي جو والد هو. ڪتبي تي لکيل آهي ته:

فرد من از درد دل اين طور گفته سن وقوع

جادو راز دي در الم او با خدا محو لقا. 1350 هه

شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ميري ويدر پويلين جي مهاڙي تي نصب ٿيل ڪتبي تي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ جيڪي عبارتون تحرير ٿيل آهن تن مان انگريزي عبارت کي هيٺ پيش ڪريان ٿو:

This Building

The Meriwether pavilion

Was designed By Capt. Philips S. R. E

The foundation stone was laid on the 24th May and

The building was completed in September 1871.

COLONEL SIR W. MEREWETHER C.B AND K.C.S.I

Being commissioner in Sind

AND

MAJOR R.R WALLAGCE ACTING COLLECTOR OF SHIKARPOOR

شڪارپور ۾ فقط اهي ئي قديمي ڪتبا موجود نه آهن جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. مان اوهان جي آڏو گذارش ڪندو هلان ته چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ لڳل ڪتبا، راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال وارا ڪتبا، هاءِ اسڪول نمبر ون، هاءِ اسڪول نمبر ٽو، قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول وارا ڪتبا، هاٿي در واري گرلس پرائمري اسڪول، جڳتناٿ لائبريري، گنگا ٻائي اسپتال هزاريدر تي لڳل ڪتبا، سادات حويلي لکيدر جي دروازي ٻاهران لڳل ڪتبو به اهم ۽ تاريخي آهي. ان کان علاوه مختلف مندرن، درگاهن، مسجدن، قبرستانن ۽ ٻُڍا آشرم واري بلڊنگ جي ٻاهران لڳل ڪتبو پڻ خاص ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ آهي. انهن سڀني ڪتبن جي حفاظت لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. خانپوري دروازي وٽ، ميمڻ محلي ۾ ٻن مزارن جي سامهون هڪ دڪان وٽ، هندي ۾ لکيل ڪتبو نصب ٿيل آهي، جيڪو ورهاڱي کان اڳ جو آهي، تنهن کي پڙهڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا، مگر هن وقت تائين ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي. تنهن متعلق ڄاڻ ورتي وڃي. انتهائي افسوس سان لکي رهيو آهيان ته ڪڙي عطا محمد محلي ۾ موجود هڪ جاءِ ۽ مرزا محلي ۾ هندن جي جاءِ جي ٻاهران مون ديو ناگريءَ ۾ لکيل ڪتبا ڏٺا هئا، مگر هاڻي اُهي مڪمل ختم ٿي چڪا آهن. اسان گهڻي قدر ته پنهنجو تاريخي ورثو وڃائي ويٺا آهيون، ڇا هاڻي به بي ڌيانيءَ ۾ پنهنجي تاريخ کي اکين آڏو ختم ٿيندي ڏسنداسين؟؟

…(پورو ٿيو)…