بلاگنئون

ڪئنالن بابت قوم کي ڇوٿا گمراهيءَ ۾ رکو؟

ڪيترن ئي مهينن کان مرڪز ۽ وڏي صوبي طرفان سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. سنڌ جون قومپرست جماعتون واضح چئي رهيون آهن ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه نئون ڪئنال ۽ ڊئم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ نه ئي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون قبول آھن. اسان چشما- جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال کي به ھميشه لاءِ ختم ڪرڻ ٿا چاهيون. سموري سنڌ جو هڪ آواز آهي ته گريٽر ڪئنال فيز ٽُو منصوبي کي رَد ڪريو. ڀاشا ۽ اکوڙي ڊيم جا منصوبا ختم ڪريو. جيڪڏھن توھان واقعي به گرين پاڪستان چاھيو ٿا ته پوءِ اُن لاءِ پاڻيءَ جا قدرتي وھڪرا ۽ خاص طور تي سنڌو درياءَ جي بَحالي لازمي آھي! انهن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ جي هر شهر ۽ شاهراهه تي ڌرڻا هڻي ان ظلم خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌجن پيون، پر حڪمرانن کي شايد ڪنن ۾ ڪپهه ۽ اکين ۾ مرچ پيل آهن، جو ارسا جي تصديق باوجود سنڌوءَ کي سڪائڻ وارن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن.

سنڌوءَ جو دشمن وڏي واڪي اهو چئي رهيو آهي ته سنڌو درياءَ جو سنڌو نالو ختم ڪري پنجاب درياءَ رکو، پر مجال آهي جو ان جي خلاف ڪنهن جي زبان مان ڪو لفظ نڪري. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جو وزيراعليٰ شطرنج جي بازي پيو کيڏي سو به ھڪ اسڪول جي نياڻي مهڪ مقبول سان شطرنج کيڏندي ھارائي ويو ۽ اھو سڀ سنڌ جي عوام جي ٽئڪس جي پئسن تي لائيو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيش سنڌ زاهد علي عباسي، سماجي شخصيت شهزاد راءِ به موجود هئا. سندس حامي چون ٿا اهو سندس ذاتي فعل آهي ان تي تنقيد اجائي آهي. افسوس اهڙي سوچ رکندڙن تي ٿئي ٿو هڪ حڪمران اگر اهڙيون حرڪتون ڪري ته رعيت تي ڪهڙي ميار ڏجي. جيڪڏهن اهو فعل معاف ڪجي ته پوءِ انتظامي سربراهه جو اهو بيان ڪيڏانهن ڪريون جنهن ۾ صاحب جو چوڻ ھو ته ڪئنال بابت آئيني رستو وٺنداسين، ڪير ٿو چوي ته ڪئنال ٺهن ٿا؟ وري چون ٿا پنجاب پنهنجي پاڻيءَ تي ڪئنال ٿو ٺاهي. سندن ترڪندڙ زبان هڪ سچ کي لڪائڻ لاءِ ڪيترائي ڪوڙ هڻي رهي آهي. ڪالهه وري سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪئنالن خلاف تحريڪون هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پ پ چئي چڪي آهي ڪئنال نه ٺهندا ته نه ٺهندا. جڏهن ته ارسا جي نمائندي سر عام چئي ڇڏيو ته صدر زرداريءَ جي صحيح سان اجازت نامو ملي ويو آهي ته سنڌوءَ تي ڇهه ڪئنال ٺاهيا وڃن. صدر پاڪستان اهي هدايتون ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو (جي پي آءِ) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. هن کي گرين پاڪستان انيشيئيٽو لاءِ ڇهن اسٽريٽجڪ ڪئنالن جي تعمير بابت به بريفنگ ڏني وئي. هن اجلاس ۾ گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي هئي. صدر کي ٻڌايو ويو هو ته ڇهن اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير، يعني. چشما رائٽ بئنڪ ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، ريڻي ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال، چولستان ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال، پاڪستان جي زرعي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڏين ٿا، جن سان ملڪ جي زراعت جي قابل ايراضيءَ ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ جي جانورن ۽ ماهيگيري جي صلاحيت ۾ به اضافو ٿيندو.هي پراڻو دور ناهي جو ظلم ڪري ڍڪ ڏئي ڇڏيوس، هاڻي سوشل ميڊيا تي هر پل جي خبر هوا جي رفتار کان به تيز ٿئي ٿي پوءِ ڪوڙ ڪنهن سان ٿا هنيا وڃن ۽ ڪنهن سان دوکيبازي ڪئي پئي وڃي. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم مري چڪو ھو تنھن مردہ ڪالاباغ کي پيپلز پارٽي سرڪار فنڊ رکي زنده ڪري مردہ گھوڙي ۾ ساھ وڌو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ دشمن ڪالاباغ لاءِ ڪنھن حڪومت فنڊ رکڻ جي جرئت نه ڪئي، پر اھو ڪم پ پ پ سرڪار ڪيو..! سائين جيڪڏهن توهان جي بقول ڪوبه ڪئنال نه ٺهندو ته پوءِ هي ڪئنال ڪنھن جي نگراني ھيٺ ٺھي رھيو آھي، ان ڪئنال سان بلوچستان جي 7 لک 13 ھزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ۽ بدلي ۾ سنڌ جي زمين کي پاڻي ڪٿان ملندو سنڌ جون سبزي منڊيون ويران ٿي وينديون ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ڪپهه ڪٿان ٿيندي سبزي جي پوکائي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. جيڪڏهن اھڙا 6 ڪئنال نڪرندا توھان جي زمينن کي پاڻي ڏيندڙ موريون، شاخون سڪي وينديون پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو ھي مسئلو صرف قومپرستن جو ناھي جو ھو روڊن ۽ رستن تي نٽهڻ اس ۾ واويلا ڪن پيا، جيلن سختيون سهن پيا، هي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا جو جو مسئلو آھي سنڌ سرڪار کي اک جي پڪائي ڇڏي ھن ڪئنالن واري معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گھرجي.

تاريخ گواهه آهي ته سنڌو درياءَ صدين کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ جي وجود ۽ جياپي جو سبب رهيو آهي، پر پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي راتاهو هڻي سنڌين کان سندن جياپو کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي سنڌ سرڪار زرداري مافيا سان ها ۾ ها ملائي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي.

 مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي وانگيئڙن جي واڙي ۾.

درياءَ جو مسئلو زندگين سان سلهاڙيل آهي، جيڪڏهن درياءَ سڪي ويو ته نه صرف زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، پر جر جو پاڻي به ختم ٿي ويندو ۽ اسان ٿر جي وارياسي پٽ وانگي پيئڻ جي پاڻيءَ کان به محروم ٿي وينداسين. هونئن به سنڌ هن وقت بدترين پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سمنڊ ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ڊيلٽا وارو سڄو علائقو تباھه ٿي چڪو آهي. تمر جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي نقصان جو ڪاٿو ئي ناهي بدين ۽ ٺٽي واري سموري ساحلي پٽي درياءَ جي سمنڊ ۾ مناسب ڇوڙ نه ٿيڻ سبب موسمياتي تبديلين جي ور چڙهيل آهي، جنهن جا نقصان سموري سنڌ پئي ڀوڳي. ان ڪري اسان کي سجاڳ ٿي پنهنجي جيئڻ لاءِ جاکوڙڻو پوندو ۽ درياءَ ڪارڻ هر سطح تي آواز اٿارڻو پوندو. جيڪڏهن هن وقت به خاموشي اختيار ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهياسين ته مستقبل ۾ روئڻ کانسواءِ ٻيو چارو نه رهندو. سنڌ جي سرسبزي خوشحاليءَ ۽ جياپي جو دارو مدار سنڌو درياءَ سان سلهاڙيل آهي، پر درياءَ سڪڻ سان پوري سنڌ سڪي ويندي. ماضي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ پنجاب دنگ تي ڪمون شهيد وٽ قومپرست اڳواڻن سان گڏ ڪالاباغ ڊيم خلاف تاريخي ڌرڻو هڻي سنڌ ۽ سنڌو جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهي هئي، پر اڄ جي پارٽي ان سڄي معاملي تي روايتي بي حسي جو مظاهرو پئي ڪري ۽ غلط بياني ڪري سنڌي قوم کي گمراهيءَ طرف ڌڪي رهي آهي. هن ڳنڀير صورتحال ۾ سنڌ جي عام ماڻهو کي پنهنجي زندگي جي بقا جي هن مسئلي کي سمجهڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي سنڌ وطن جي بقا خاطر ڳوٺ ڳوٺ واهڻ واهڻ وستي وستي شهر شهر ۽ جهر جهنگ ۾ درياءَ جي لاءِ جدوجهد جو پيغام پهچائڻو پوندو ۽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سنڌوءَ جي دشمن وزيرن جو گهيراءُ ڪرڻو پوندو ته جيئن سنڌ کي اهنجن مان دائمي نجات ڏياري سگهجي.