خاصنئون

رنگن جو ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ هولي جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ جتي به هندو رهن ٿا اتي هولي جي ڏڻ جون خوشيون ملهايون پيون وڃن ٿر ريگستان ۾ به هولي جي رنگن ۾ رنڱجي ويو آهي. هولي جي ڏڻ تي هولي ملهائيندڙ هڪٻئي کي رنگ هڻندا آهن، هڪٻئي کي تحفا ڏيندا آهن ۽ خوشي جي هن موقعي تي مٺايون به ورهايون وينديون آهن. خوشي جي هن موقعي تي هندو برادري کي وزيراعظم ۽ سياسي اڳواڻن پاران مبارڪون پيش ڪيون ويون آهن.  همسري جي پاران سڀني کي هولي جون واڌايون.