ڏندن جي صحت جو عالمي ڏينهن
اڄ 20 مارچ تي سڄي دنيا ۾ ڏندن جي صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته صحت مند ڏند، صحت مند جسم ۽ صحت مند زندگي لاءِ ضروري آهن. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڏندن جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڏينهن ۾ 2 دفعا برش ڪرڻ گهرجي ۽ هر ڇهين مهيني ڏندن جي ڊاڪٽر کان پنهنجي ڏندن جو معائنو پڻ ڪرائڻ گهرجي. جنهن کان علاوه پان گٽڪو ۽ اهرين ٻين شين جي استعمال کان به پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن مختلف بيمارين کان بچي سگهجي.