رائو انوار بري
نقيب الله محسود جي قتل ڪيس جو مرڪزي ملزم رائو انوار آزاد ٿي ويو. رائو انوار کي هڪ مقدمي مان 10 جولاءِ ۽ ٻي مقدمي مان 20 جولاءِ تي آزاد ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران نقيب الله محسود جي قتل ڪيس واري ملزم اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي آزاد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي رهائي ٻن ڪيسن ۾ 10، 10 لکن جي ضمانتن سان ٿي آهي. هڪ ڪيس نقيب ۽ ٻين ٽڻ ڄڻن کي غير قانوني مقدمي ۾ قتل ڪرڻ جو آهي. ٻيو مقدمون غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد رکڻ واري ڪيس بابت آهي. جڏهن ته رائو انوار سان شريڪ ملزمن جي ڪيس جو فيصلو 28 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.

