نئون

جسٽس شوڪت عزيز پاران ادارن تي عدليه ۾ مداخلت جو الزام

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته عدالتي آزادي کسي عدالتن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي. مون کي به مرضي واري فيصلي ڏيڻ جي بدلي چيف جسٽس جو عهدو ڏيڻ جو چيو ويو پر مان اهو سودو نه ڪيو. اسلام آباد ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارا عدالتي معاملن سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن. پنهنجي مرضي جو بينچ ٺهرايو پيو وڃي. نواز شريف جي ڪيس ۾ به عدالت جي جج کي چيو ويو ته ٻئي ڄڻا چونڊن کان اڳ جيل کان ٻاهر نه اچن. هن چيو ته اڄڪلهه ملڪ جي صورتحال جو اڌ ذميوار عدالت ۽ اڌ ذميوار ادرا آهن. هن اهو به چيو ته اسان جي ڀيٽ بنگلاديش ۽ ڀارت سان ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڀارت ۾ اڄ تائين مارشل لا نه لڳو آهي ان ڪري ان جي صورتحال بهتر آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي هر فيصلي بعد هڪ مهم شروع ٿي وڃي ٿي. هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته سندس خلاف ڪيس کي کليل عدالت ۾ هلايو وڃي.