ايڊيٽوريلنئون

آمريڪا کان ڊيپورٽ ٿيندڙ پاڪستانين جي ٻي کيپ ايندڙ هفتي پهچندي

            پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تمام گهڻا پراڻا آهن، پر ان هوندي به ڪڏهن دوستيءَ جو گراف مٿي چڙهندو آهي ته ڪڏهن هيٺ لٿل هوندو آهي. پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ پوزيشن جي ڪري آمريڪا کي پاڪستان جي ساٿ جي هميشه ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ضرورت رهندي آئي آهي ۽ شايد اها ضرورت مستقبل ۾ به رهندي. جوبائيڊن جي حڪومت ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪجهه خاص نه رهيا، جو ان دور کي مثالي چئي سگهجي، پر اهڙا به نه رهيا هئا جو ان دور کي دشمنيءَ جو دور چئي سگهجي. پاڪستان مان ويل ڪيترائي ماڻهو اتي آرام سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا، قانوني طريقي سان ويل ماڻهو ته اتي قانوني حيثيت حاصل ڪري پنهنجا بنيادي حق هڪ آمريڪن جي طور تي استعمال ڪري رهيا هئا، پر شايد هاڻي دور تبديل ٿي چڪو آهي، ڇو ته ٽرمپ جي چونڊ ڪئمپين ٻن ڳالهين تي ٻڌل هئي، هڪ ته هو غير قانوني طور تي رهيل ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍندو ۽ ٻيو ٽيڪس گهٽ ڪندو. 20 جنوري 2025ع تي جڏهن کان وٺي ٽرمپ حلف کنيو آهي ان ڏينهن کان وٺي غير قانوني طور تي رهيل سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ آمريڪا جي زمين ٽامون بڻيل آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ ته ميڪسيڪو جي ماڻهن جي مٿان وٺ پڪڙ ٿي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن مان آيل ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويو. انڊيا جا ڪيترائي ماڻهو هڪ وڏي انگ ۾ آمريڪا ۾ غير قانوني طور تي رهيل آهن ۽ ننڍا ننڍا ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائي رهيا آهن، پر ٽرمپ حڪومت انڊيا جي ماڻهن مٿان تمام شدت سان هٿ وڌو ۽ انهن ماڻهن کي پڪڙي انهن کي پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، هٿن ۾ هٿڪڙيون پارائي فوجي جهازن جي ذريعي سندن ملڪ روانو ڪيو ويو، جيڪا انهن ماڻهن ۽ ملڪ جي لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻجي.

            پاڪستان تازوئي شريف الله نالي هڪ افغان دهشتگرد کي آمريڪا جي حوالي ڪيو، جنهن جي مٿان اهو الزام هو ته هن ڪابل ايئرپورٽ تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن آمريڪا جا فوجي اتان نڪري رهيا هئا ۽ سندس تعلق اسلامڪ اسٽيٽ خراسان سان آهي. صدر ٽرمپ ڪانگريس جي اجلاس ۾ پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي ته ٽرمپ جهڙي سخت طبيعت ماڻهو پاڪستان جي ان عمل جي ساراهه ڪئي، پر ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ٽرمپ پنهنجين پاليسين کي پاڪستان جي لاءِ تبديل ڪيو آهي. پاڪستان مان ڪيترائي ماڻهو هن وقت آمريڪا ۾ مختلف طريقن سان غير قانوني طور تي رهيل آهن، گذريل مهيني 119 غير قانوني طور تي رهندڙ پاڪستانين کي وطن واپس موڪليو ويو آهي. ڊان نيوز مطابق آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعن مطابق آمريڪي جهاز ۾ 8 وڌيڪ پاڪستاني جيڪي اتي غير قانوني طور تي رهيل هئا انهن کي ايندڙ هفتي پاڪستان موڪليو پيو وڃي. انهن ڊيپورٽ ٿيڻ وارن پاڪستانين مان ٻه پاڪستاني اهڙا آهن جن جو آمريڪا ۾ ڏوهارين جو رڪارڊ به موجود آهي ۽ باقي 6 صرف غير قانوني طور تي ضرور رهيل هئا. انهن اٺن ئي ماڻهن کي هڪ خاص جهاز ذريعي پاڪستان جي نور خان ايئربيس تي پهچايو ويندو. جڏهن کان وٺي ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت سنڀالي آهي تڏهن کان وٺي غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي عذاب بڻيل آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو انڊر گرائونڊ هليا ويا آهن. سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان حڪومت آمريڪا سان ان ڳالهه تي رضامنديءَ جو اظهار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غير قانوني طور تي رهندڙ ڪوبه فرد جيڪو پاڪستاني هوندو، ان کي واپس پاڪستان ۾ ورتو ويندو ۽ ان جا سڀئي شهري حق به ان کي ڏنا ويندا، بشرطڪه اهو حقيقي پاڪستاني هجي.

            ڇو ته ماضيءَ ۾ ڪيترائي افغان پناهگير پاڪستان مان پنهنجا ڪوڙا دستاويز ٺهرائي آمريڪا، ڪئناڊا يا مغرب ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن روانا ٿيا آهن. پاڪستان اهڙن ماڻهن جي واپسيءَ کي قبول نٿو ڪرڻ چاهي، اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن پرامن صورتحال هجي، ماڻهن کي پنهنجن ئي شهرن ۽ صوبن ۾ سٺو روزگار ملي سگهي ته شايد اهي ماڻهو ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ کي ترجيح نه ڏين. سبب اهو آهي جو اتي کين سٺي اجرت ملي وڃي ٿي، جنهن مان هو بچت ڪري پاڪستان پنهنجن خاندانن کي به ڪجهه نه ڪجهه موڪلي ڇڏين ٿا. هن بدلجندڙ دور ۾ جتي سڄي دنيا ۾ آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ملڪن جا وسيلا تمام گهٽجي رهيا آهن ۽ ڪنهن به ملڪ جي آباديءَ جي لاءِ روزگار جا ذريعا به محدود آهن، اهڙي وقت ۾ ٻين ملڪن جي آباديءَ جو بار کڻڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. اسان جي حڪومت کي پنهنجي پاليسين کي بهتر بنائڻ جي لاءِ آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. روزگار جي ذريعن کي وڌائڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻي پوندي ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن هتي پرڏيهه کان ماڻهو اچي سيڙپڪاري ڪري سگهن. جڏهن ايئن ٿيندو ته پوءِ نوجوانن کي پنهنجي ملڪ ۾ روزگار ملي سگهندو ۽ انهن کي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.