بلاگنئون

باشعور فردن کي عرض

انسپيڪشن inspection جي معنيٰ آهي “معائنو” اسڪول ۾ ڇھين مھيني يا سال ۾ استادن جي پڙهايل ڪورس ۽ شاگردن جي ڪيل محنت جو معائنو ورتو ويندو آهي، ان موقعي يا ان ڏينھن تي شاگردن جون ڪاپيون چيڪ ڪيون وينديون آهن. ان بنياد تي استادن متعلق نوٽ لڳايو ويندو آهي ته اسڪول جي هيڊ جي سرپرستي هيٺ استادن ڪيتري محنت ڪئي ۽ شاگردن ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو، پر اسان وٽ پڙهائي جي “معائني” وٺڻ لاءِ ايندڙ آفيسر ان ڳالھ جو معائنو وٺندا آهن ته ڪھڙي اسڪول جي ھيڊ ماستر سُٺي ماني کارائي، سُٺي ماني کارائڻ لاءِ ٿيندڙ مقابلي ۾ استادن کان ته هزار، ٻه ورتا ويندا آهن، پر شاگردن کي به ڦريو ويندو آهي، انهن پئسن مان ايندڙ وڏي لوڌ جي ماني جو شاهي اهتمام ڪيو ويندو آهي. اھڙي صورتحال ۾ استادن ۽ شاگردن جو ڪوبه امتحان يا ٽيسٽ وغيره نه وٺڻ ڪريCheck and balance، نه ٿي سگهندو آهي، جيڪو شاگردن سان وڏو ظلم ڪرڻ جي مترادف ليکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته صحيح معنيٰ ۾ انسپيڪشن معائنو نه ٿيڻ ڪري نه استاد جي محنت جو اندازو ٿي سگهندو نه شاگرد جي، ان لاءِ منهنجي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کي گذارش آهي ته مھرباني ڪري انسپيڪشن وارن ڏينهن ۾ پيل ماني جي رواج کي ختم ڪري استادن جو درست انداز ۾ معائنو ڪيو وڃي ته سڄي سال يا ڇھن مھينن ۾ استادن ڪيتري محنت ڪرائي ۽ شاگردن ڇا پرايو؟ 1980 واري ڏهاڪي ۾ به اهو رواج پيو هو، پر ماني کائيندڙ پيٽُو آفيسرن تي جڏهن سخت تنقيد ٿي ته ان هٿرادو ۽ خوشامند پسند آستان جي وڌل ڪوڙي رواج مان جند آجي ٿي، وري ڪجهه وقت کان اهو ساڳيو دقيانوسي رواج شروع ڪيو ويو آهي، جنھن کي هر پليٽ فارم تان نِندڻ جي ضرورت آهي. خاص طور تي آئون پنهنجي صحافي دوستن کي نماڻو عرض ڪندس ته هو مستقبل جي ڦرجندڙ معامرن کي بچائڻ لاءِ انسپيڪشن جي نالي تي هلندڙ ماني ۽ روڪ رقم خلاف وڊيوز ۽ خبرون ٺاهين ته اهو انهن جو سنڌي قوم مٿان وڏو احسان ٿيندو.