بلاگنئون

ڊي سي ٽنڊوالهيار جي مدد ۽ جئرام جوڳي اسڪول کي ترقي وٺرائڻ وارو سوال

ٽنڊوالهيار ضلعي جي انسان دوست علمي سرگرمين جي ھمدرد ڊپٽي ڪمشنر محترم سليم الله اوڍو جا وڙ جنهن يونين ڪائونسل داد خان جروار بڪيرا شريف لڳ جوڳي برادري جي غريب بيوس بي پھچ وسندي “جئرام جوڳي” جتي پنهنجي مدد پاڻ تحت ھلندڙ پرائمري اسڪول جي بي سھارا اسڪولي شاگردن لاءِ پرائمري درجي جا ڪتاب ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي. ھن دلچسپي وٺڻ تي استاد، شاگرد، ٻارڙن جا غريب والدين ۽ علم دوست ساڃاھ وندن طرفان ڊي سي صاحب جي اھڙي نوازش تي کيس سلام پيش ڪندي اميد ڪن ٿا ته مرلي وڄائڻ جي فن جو مشھور فنڪار ۽ جوڳين جي وسندي جي علم دوست انسان “جئرام جوڳي” جي نالي سان منسوب جهوپڙي نما اسڪول جي بھتري، ٽيچر جي پگهار ۾ اضافي سميت سندس خدمتن کي ڏسندي تعليم کاتي ۾ باقاعدہ نوڪري لاءِ مدد ڪئي ويندي ته ھي مسڪين ڳوٺاڻا سدائين دعائن سان نوازيندا رھندا.

ٻي حالت ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل ھي اسڪول چئن مهينن کان  پگهارون نه ملڻ ۽ سرڪاري سطح تي تعليم کاتي پاران ھمدردي ۽ ھمت افزائي نه ڪرڻ سبب اسڪول بند ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آھن. جنھن سان غريب ڳوٺاڻن خاص طور جوڳي برادري جا ٻارڙا علم جي سوجھري بجاءِ ٻيهر خطرناڪ نانگن ۽ مرلين جي اباڻي ڪرت جي وَر چڙھي سگهن ٿا. انھيءَ سان، جھوني جوڳي جئرام جو پنهنجي حياتيءَ ۾ نيڪ جذبن سان ڳوٺ ۾ قائم ڪيل اسڪول بابت علم جي روشنيءَ وارو خواب اڌورو رھجي ويندو. ان سميت چئن سالن کان جوڳي اسڪول جي شاگردن کي پڙھائي جي مناسبت سان محنت ڪندڙ استاد “پارس مھراڻي” ۽ سندس وَر محسن علي مايوس ٿيڻ ڪري “اسڪول ۽ تعليم” بابت سندن ڪاوشون اجايون ٿي وينديون! جنهن سان ھتان جي ٻارڙن جي تعليم لاءِ کوليل دروازا بند ٿي ويندا.

ھن ڏس ۾،ٽنڊوالهيار ضلعي جي ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي تعلقو چمبڙ امداد خان پتافي، ڊي سي سميح الله صاحب ۽ تعليم دوست شخصيتن کي جئرام جوڳي جي اسڪول توڙي شاگردن جو مستقبل بچائڻ لاءِ سندن علم جي روشني جو پَڪو ۽ ھميشه لاءِ بندوبست ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.