درياءَ پراڻي دور ۾ ھر تھذيب جي لاءِ وڏي اھميت وارا رھيا آھن ۽ اڪثر قومون به دريائن جي ڪناري آباد ٿينديون ھيون، انھن جي سڃاڻپ به دريائن جي ڪري مشھور ٿي جنھن جو مثال سنڌو تھذيب آهي. موسو پوٽيميا، فرات ۽ مصر جون تھذيبون نيل درياءَ جي ڪري مشھور آھن. ڌرتيءَ تي موجود ھر شيءِ يا ٿيندڙ عمل جو تعلق جاگرافي جي ميدان سان آھي. اڳتي ھلي جاگرافي به گھڻن ئي حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي جنھن جا حصا آهن ميٽرولاجي (موسمن جي پڙھائي) Limnology (ڍنڍن جو علم) وغيره شامل آھن. دريائن جي پڙھائي کي Potamology چيو ويندو آھي ۽ دريائن جي علمي ماهر کي Potamologist چيو ويندو آھي. دريائن جي سائنسي وصف ھي آھي ته درياءَ هڪ پاڻي جو وهڪرو آھي جيڪو مٽي، پٿر ۽ ٻين مادي شين کي پنهنجي وھڻ سان گڏ کڻي انهن کي مختلف جاين کان سفر ڪرائيندي آخر پنھنجي پڇڙيءَ واري جاءِ تي پھچائي ٿو، جنھن کي ڇوڙ يا Discharge چئبو آھي. دريائن جو بنيادي مقصد پاڻي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين منتقل ڪرڻ آهي. درياءَ وسيلي زمين جي ڀڃ ڊاهه به ٿيندي آھي. ڇو ته درياءَ جو پاڻي مسلسل وھڻ جي ڪري رستي ۾ ايندڙ پٿر ۽ ٽڪرين کي ڳاري ڇڏيندو آھي. درياءَ اڪثر ڪري مٿان واري جاءِ کان ھيٺ وارن ھنڌن ڏانهن سفر ڪن ٿا جبلن تي اڪثر برف وسندي رھندي آھي جيڪا انھن جبلن کي گليشئر (برف وارو جبل) ٺاھي ٿي. اھا برف جڏھن ڳرڙڻ شروع ڪري ٿي ته پاڻي جي صورت ۾ ھيٺانهين ڏانھن نالين جي صورت ۾ وھي ٿي. اھي ناليون دريائن کي جنم ڏين ٿيون. جتان درياءَ وھڻ شروع ڪن ٿا ان ھنڌ کي Source چئبو آھي ۽ جتي درياءَ ڇوڙ ڪن ٿا ان ھنڌ کي ڊسچارج چئبو آھي.