بلاگنئون

دريائن جي اهميت ۽ قومن جي ذميداري

درياءَ پراڻي دور ۾ ھر تھذيب جي لاءِ وڏي اھميت وارا رھيا آھن ۽ اڪثر قومون به دريائن جي ڪناري آباد ٿينديون ھيون، انھن جي سڃاڻپ به دريائن جي ڪري مشھور ٿي جنھن جو مثال سنڌو تھذيب آهي. موسو پوٽيميا، فرات ۽ مصر جون تھذيبون نيل درياءَ جي ڪري مشھور آھن. ڌرتيءَ تي موجود ھر شيءِ يا ٿيندڙ عمل جو تعلق جاگرافي جي ميدان سان آھي. اڳتي ھلي جاگرافي به گھڻن ئي حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي جنھن جا حصا آهن ميٽرولاجي (موسمن جي پڙھائي) Limnology (ڍنڍن جو علم) وغيره شامل آھن. دريائن جي پڙھائي کي Potamology چيو ويندو آھي ۽ دريائن جي علمي ماهر کي Potamologist چيو ويندو آھي. دريائن جي سائنسي وصف ھي آھي ته درياءَ هڪ پاڻي جو وهڪرو آھي جيڪو مٽي، پٿر ۽ ٻين مادي شين کي پنهنجي وھڻ سان گڏ کڻي انهن کي مختلف جاين کان سفر ڪرائيندي آخر پنھنجي پڇڙيءَ واري جاءِ تي پھچائي ٿو، جنھن کي ڇوڙ يا Discharge چئبو آھي. دريائن جو بنيادي مقصد پاڻي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين منتقل ڪرڻ آهي. درياءَ وسيلي زمين جي ڀڃ ڊاهه به ٿيندي آھي. ڇو ته درياءَ جو پاڻي مسلسل وھڻ جي ڪري رستي ۾ ايندڙ پٿر ۽ ٽڪرين کي ڳاري ڇڏيندو آھي. درياءَ اڪثر ڪري مٿان واري جاءِ کان ھيٺ وارن ھنڌن ڏانهن سفر ڪن ٿا جبلن تي اڪثر برف وسندي رھندي آھي جيڪا انھن جبلن کي گليشئر (برف وارو جبل) ٺاھي ٿي. اھا برف جڏھن ڳرڙڻ شروع ڪري ٿي ته پاڻي جي صورت ۾ ھيٺانهين ڏانھن نالين جي صورت ۾ وھي ٿي. اھي ناليون دريائن کي جنم ڏين ٿيون. جتان درياءَ وھڻ شروع ڪن ٿا ان ھنڌ کي Source چئبو آھي ۽ جتي درياءَ ڇوڙ ڪن ٿا ان ھنڌ کي ڊسچارج چئبو آھي.

 دريائن جي وھڻ يا سفر ڪرڻ ۾ جاگرافيائي ھنڌن جو وڏو ڪردار هوندو آھي، جنھن ۾ پٿريلا ھنڌ ۽ ريگستان شامل آھن، جنھن ڪري ڪجھ درياءَ سڌو سفر ڪن ٿا ته ڪجھ درياءَ ور وڪڙ ڪري پنھنجو سفر پورو ڪن ٿا. اڪثر درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، پر ڪجھ ريگستانن ۾ پنھنجو سفر ختم ڪن ٿا. درياءَ جي پاڻي کي ماپڻ لاءِ مختلف اوزار استعمال ٿين ٿا جن مان ڪجھ جا نالا ھي آھن: ڪرنٽ ميٽر، ليول سينسر ۽ پي ايڇ ميٽر وغيره شامل آھن. جيئن ته سائنس ۾ ھر مقدر ماپڻ جو ھڪ مخصوص ايڪو آھي تيئن درياءَ جي پاڻي کي به مختلف ايڪن ۾ ماپيو ويندو آھي جن مان ڪجھ ايڪا ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ، ميٽر ۽ ڪيوسڪ جھڙا ايڪا شامل آھن. ڊيلٽا ان ھنڌ کي چئبو آھي جتي درياءَ وڃي ڪنھن ڍنڍ يا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. ڊيلٽا وٽ پاڻي جي رفتار تمام سست ھوندي آھي جنھن سبب وڏي سفر ۾ کڻي آيل مادو اتي گڏ ٿيندو آھي. درياءَ مرندا به آھن، دريائن جي مرڻ جا مختلف جزا آھن جن ۾ جيولاجيڪل عمل هيٺيان آهن: زلزلن جو اچڻ، برسات جو گھٽ پوڻ، درياءَ جي source کان وڌيڪ ڪينال ٺاھڻ ۽ موسمياتي تبديلين جو وڏو ڪردار ھوندو آھي. سنڌو درياءَ جنھن ڪري سنڌ مشھور آھي سنڌو درياءَ پاڪستان جو وڏو ايشيا جو نائون ۽ دنيا جو ايڪيهون وڏو دريا آھي. سنڌو درياءَ 2900 ڪلو ميٽر ڊگھو آھي. سنڌو درياءَ تبت جي منسوڙه ڍنڍ مان نڪري ٿو، تبت مٿانهون ھنڌ آھي جنھن کي دنيا جي ڇت چيو ويندو آھي. اتان هي درياءَ پنھنجو سفر شروع ڪري ٿو ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. درياءَ زراعت لاءِ تمام ضروري آھن، دريائن جي ڪناري ھوٽل اڏي وڏو منافعو ڪمائي سگھجي ٿو. درياءَ ان علائقي جو ساھ آھن جتان اھي لنگهن ٿا. قومن کي گھرجي ته پنھنجي جان جي قرباني ڏئي به پنهنجي دريائن جي حفاظت ڪن.