ڪتاب تي تبصرو: نظمن سان ڀريل ٽرين
نثري نظم شاعريءَ جي بيحد خوبصورت صنف آھي. نثري نظم جي ابتدا فرانس کان ٿي، هِن صنف ۾ بحر وزن کي ٽوڙي نواڻ ڀري صنف طور سامهون آندو ويو. شاعريءَ جي مختلف صنفن جيان هيءَ صنف نثري نظم به هڪ پنهنجي مڃتا رکي ٿي، جيڪا شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ پاڻ مڃائيندڙ صنف مڃي وڃي ٿي.جديد دؤر ۾ ويهين صديءَ جي شاعريءَ جي صنفن ۾ جيڪا ترقي جديد نثري نظم ڪئي آهي، سا ٻئي ڪنهن صنف، شايد نه ڪئي هجي.
سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ نثري نظم جي تمام گهڻي اهميت رهي آھي، نثري نظم صنف ڪنهن به بحر وزن جي انگن ۾ سوگهو ناهي رکي ويندي. نثري نظم ۾ شاعراڻو اظهار بنا بحر وزن جي ڪري سگهجي ٿو. نثري نظم بابت دنيا جا ڪيترائي عظيم شاعر چون ٿا ته، انقلابي انداز ڌرتيءَ جي بقا جي جنگ ۽ ڪنهن معصوم نينگري جي سونهن جا احساس جيئن نثري نظم ۾ سمائبا آھن، اُهي ٻئي ڪنهن صنف ۾ مشڪل سمائجن، ائين به ناهي ته رڳو نثري نظم ئي شاعري جو وجود آھي، پر ائين ضرور آھي ته نثري نظم شاعريءَ جي هڪ سگهاري صنف طور سڃاتو وڃي ٿو.
هاڻوڪي سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ ڪيترائي نوجوان شاعر هِن صنف جي رنگينين سان پنهنجا احساس انڊلٺي رنگن جيان سموئي نثري نظم جي شڪل ڏين ٿا. انهن ۾ نثري نظمن جو بيحد سندر شاعر شڪيل احمد پڻ آهي.
شڪيل احمد پنهنجي شاعريءَ جي معصوم احساسن سان پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن کي بيحد سهڻي نموني شاعرانه تخليق ڏئي ڪتاب ”نظمن سان ڀريل ٽرين“ ۾ سموئي پيش ڪيو آھي. هيءُ ڪتاب هڪ گلدستو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي رنگن جا گل آھن، هِن ڪتاب ۾ شامل سڀئي تخليقون موضوعاتي سونهن سان گڏ پنهنجي جڙاوت ۽ فني فڪري سگھ سان پڻ بيحد سگهاريون آھن. تخليق جي اها سگهه اوهان کي هن نظم ۾ محسوس ٿي سگهي ٿي.
جيڪو به مون کي
خواب ۾ ڏسندو آھي
اهو شاعر بڻجي ويندو آهي
جيڪو به مون کي
دل سان اُچاريندو آهي
اهو سورھ بڻجي ويندو آ
جيڪو به مون تي ويچاريندو آھي
اهو عالم بڻجي ويندو آ
منهنجي مٽيءَ مان ساز ڦٽندا آهن
مون ۾ فنڪارن جي پوک ٿيندي آھي
مان سنڌ آهيان
منهنجا ڪيئي وهڪرا آھن.
ڪتاب ”نظمن سان ڀريل ٽرين“. شڪيل احمد جو نثري نظمن سان سجايل هڪ بيحد ئي خوبصورت شعري مجموعو آھي.
شڪيل احمد پنهنجي نثري نظمن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي حسن کي اهڙي خوبصورتيءَ سان اظهاريو آھي، جو پڙهندي اهو سڀ ڪجھ فخر بڻجي ٿو وڃي، ته شاعري ڪيتري عظيم هوندي آهي ۽ ان جا ڪيترا حوالا هوندا آهن. پياري شڪيل احمد جا نثري نظم فطرتي سونهن سان سرشار آھن، هُو شاعراڻي انداز ۽ پنهنجي فن جي ڪاريگريءَ سان هر نظمَ کي خوبصورت خيالن جي سموھ سان، ڀرپور سگھ سان تخليق ڪري ٿو.
تون حسين آھين عشق جو آغاز آھين
تنهنجا وار پهاڙي رستا آهن
تنهنجي هر تر جي تاريخ
رات کان به آڳاٽي آھي
تون اڏامندڙ گهرن وارو شهر آھين
مان آسماني گهٽين جو آوارا ستارو آهيان
منهنجي ڇاتيءَ تي تنهنجين چمين وارا تمغا چمڪن ٿا
ان ڪري ڪوبه سپھ سالار منهنجي همسري نٿو ڪري سگهي.!
شڪيل احمد جي نظمن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، پياري شڪيل نثري نظمن جو سٺو اڀياس ڪيو آھي. سندس نظمَ وڏي مشاهدي ۽ تجربي سان لکيل، جيترا انهن جا ڪلائيمڪس جاندار آھن اوترا ئي نظمَ وسيع خيالن سان جڙيل آهن، هو مختلف ڪيفيتن سان نظمن جا موضوعَ پختگيءَ سان سجائي نظمن کي چار چنڊ لڳائيندو آهي. جنهن نظم کي پياري شڪيل لکيو آھي ان سان نڀايو به آھي، اُن جو اهو مطلب ناهي ته سندس نظمَ صرف لفظي خيال آھن پر اُهي پڙهندڙ تي اثر به ڇڏين ٿا، وسيع خوبصورتي جو تاثر به سندس نظمن ۾ روح کي حيرانگيءَ جي تار ۾ تارين ٿا
آسمان جا آسرا ڏئي
اسان کان زمين ڦري وئي آھي
هاڻي خلا ۾ جلاوطني ڪاٽي رهيا آهيون
ڪنهن ستاري يا سياري جي سرحد ۾
اسان کي داخل ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي
خلا ۾ به خيما نٿا کوڙي سگهجن
ها جائي خيمن لاءِ به ڪپڙو گهرجي
جيڪو اسان کي پائڻ لاءِ به ميسر ناهي
اسان جي ته جسمن کي بک جو لباس اوڍيل آھي.!
”اسان جي ته جسمن کي بک جو لباس اوڍيل آھي“ هيءُ نظم پڙهندي اکيون لڙڪن هاڻيون ضرور ٿي وڃن ٿيون، شڪيل احمد جو هيءُ نظم هِن سماج ۾ غربت جي پيڙھ ٻڌل جاءِ ۾ رهندڙ غريبن جي مظلوم دانهن جو ورجاءُ آھي، نظم پڙھڻ کان پوءِ هِن ڌرتتي ڌرتي تي ٿيندڙ سمورن ارغونن ۽ ڌارين جي ظلمن جو اهو گهاءُ وري کُلي ٿو پئي جيڪو اڃان تائين هِن ڌرتيءَ تي هلندو اچي ٿو.
ڪتاب ”نظمن سان ڀريل ٽرين“ جي خوبصورتي ڏي ڏسجي ته سڀئي نظم هِن ڪتاب جي سونهن کي اڃان به وڌائن ٿا، ان کي پياري شڪيل احمد جي شاعريءَ جو هڪ سگهارو پهلو به چئي سگهجي ٿو
تاريخون ۽ قومون
شهيدن جو رت
ماکيءَ وانگر چٽينديون آھن
انسانيت لاءِ ڏنل
مقدس قربانين جو قسم
آزاديءَ جا خواب
سامراجي اکين ۾
ڦلا ڪري وجهندا آھن
جڏهن خوابن جي پن ڇڻ مند ايندي آهي
تڏهن هٿيارن سان هر ڪاهبا آهن
۽ قربانين جو فصل پوکبو آهي
انهيءَ رُت ۾ ڪتابن جا ورق
ڳاڙها ٿي ويندا آھن
هيءَ ئي عشق جي ڪڪورجڻ جي مند هوندي آھي.!!!
هِن ڪتاب ”نظمن سان ڀريل ٽرين“ ۾ شامل جيڪي به نثري نظم پنهنجي سونهن ۾ حسناڪي رکن ٿا، اُهي پياري شڪيل احمد جي سهڻي اظهار جو ثبوت آھن، شڪيل احمد وٽ جيڪا ڌرتيءَ سان محبتي اظهار واري ڪيفيت آھي، اُها ڏاڍي وڻندڙ آھي، هُن وٽ وسيع خيالن جي گهرائي آهي، هو پنهنجي ڌرتيءَ جي آفاقي حُسن ۽ ان جي عظيم مٽيءَ کي سوين سرخ سلام پيش ڪري ٿي.نثري نظم ڪيئن لکجي ۽ ان جو ڪلائيمڪس ڪهڙو هجڻ گهرجي، آئون يقين سان چوان ٿو اوهان کي پياري شڪيل احمد وٽ انهن سوالن جا پورا پورا جواب ملندا. مون کي هن مجموعي جو اڀياس ڪندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته پياري شڪيل احمد ماحول ۾ ٿيندڙ مختلف ڪيفيتن، جن ۾ سج لهڻ جا منظر، پرھ ڦٽي جهڙا پل، ۽ چنڊ سان گذرندڙ رات جهڙيون سڀئي حسناڪيون سهيڙي هُن هي ڪتابي گلدستو سجايو آھي..
اي منهنجا پرين
پاڻ جڏهن به ملندا آھيون
ته رات نيري ٿي ويندي آھي
۽ چنڊ گلابي
اڄ پاڻ گلابي چانڊوڪيءَ ۾ موڪلائي رهيا آھيون
اي منهنجا محبوب
وري پاڻ شايد
ڳاڙهي چانڊوڪيءَ ۾ ملون.!
پياري شڪيل جي نظمن ۾ شاعراڻيون اُهي سڀ خوبيون ملن ٿيون، جيڪي محسوسات منظرنگاريءَ ۽ منظرڪشيءَ کي سهڻي نموني چٽيندڙ ھڪ تخليق ۾ هجن ٿيون. هو شاعراڻو خيال سادي ٻوليءَ ۾ فطري انداز سان جيان بيان ڪري ٿو. هونءَ به فطري طرح سان شڪيل احمد جي شاعريءَ جي وجود ۾ جدت پسندي آھي. هُن پنهنجي جذبن کي پنهنجي فطرت جو عڪس ڏنو آھي. سندس نه صرف هڪڙو ئي نظم پنهنجي حسن ۾ لازوال آھي، پر شڪيل احمد جي سمورن ئي نظمن جو اهڙو حسن آهي، جن پڙهندڙن وٽ پنهنجي قدر کي برقرار رکيو آھي. جيئن هِن نظم ۾ سگهارو اظھار ٿيل آهي.
توکان سوا
گهر سينوارجي ويو آھي
بيٺي بيٺي گاڏيءَ مان
گاھ ڦٽي ويو آھي
ڪتابن مان لفظ لڏي ويا آھن
توکان سواءِ
مان ڪلر بلائينڊ ٿي چڪو آھيان
جدائيءَ کان سواءِ
ڪو رنگ ئي نظر نٿو اچي
سج تي دز ڄمي وئي آ
۽ چنڊ ڄاري ۾
کڙکٻيتي جيئن پيو ڦٿڪي.!
نثري نظم جي خوبصورتي ان ۾ وڌي ويندي آھي جڏهن آخر ۾ نظم ڪو ڇرڪائيندڙ تاثر ذهن تي چٽي. نثري نظم صرف خيالي اظهار به ناهي، پر نثري نظم هڪ دل جي حقيقي دانهن ڌرتيءَ جي مظلومن جي حقيقي دانهن پڻ آھي. نظم رڳو رومانيت سان جڪڙيل ناهي، پر نظم ڌرتيءَ جي بقا جي جنگ پڻ آھي. شاعر شڪيل احمد جا نثري نظم ۾ تسلسل ۽ رواني آهي. سندس ڪنهن به نظم کي جڏهن به پڙهيو وڃي ٿو ته اهو نئون نڪور لڳي ٿو. ان جو سبب هي آھي ته شاعر وٽ مايوس ڪندڙ ڪيفيتون گهٽ آھن. اميدن جا آسن ڀريا خيال وڌيڪ آھن ۽ حقيقت جو پهلو پڻ شامل آھي. شايد ان ڪري ئي نظمن ۾ ساڳي دلچسپي برقرار رهي ٿي.!
هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن ڪو وڻ کي ڇانگهي
ان جي ڇانو وڍي وڃي
هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن جنگ پوئتي کنڊر شهر
تباهي، بک افلاس بيماريون
۽ بيواهون ڇڏي ويندي آھي
هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن جان بچائڻ خاطر
ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏيندا آھن
هوءَ مون کي ائين ڇڏي وئي
جيئن ڪا ماءُ ٻار ڄڻيندي مري وڃي.!
محترم ”ولي رام ولڀ“ ڪنهن جاءِ تي لکيو هو، ته ادب ۾ ڪوتا يا شاعري هڪ اهڙي صنف آھي، جنهن جو سنئون سڌو واسطو انساني ذهن جي نهايت ئي نفيس ۽ نازڪ ڪيفيتن سان آھي، ۽ ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ جي ذھن جي ڳڙکين ۾ پير ۾ پير پائي داخل ٿي، انسان جي اندروني سنسار تي ڇائنجي ويندي آهي.
مون جڏهن به شاعر شڪيل احمد کي پڙهڻ شروع ڪيو ته هن جي نثري نظمن منهنجي اندروني سنسار کي سچ پڇو ته عجيب ڪيفيتن ۾ وجهي ڇڏيو. ڪا ڪيفيت گلستان جيان باغ بهار هئي، ته ڪا ڪيفيت صحرا جي رُڃ جيان لڳي رهي هئي، پر اُهي سڀئي ڪيفيتون بيحد وڻندڙ محسوس ٿيون.
مصروف شهر جا ٿڪل رستا
اڌ رات جو
بيهوشيءَ واري ننڊ ۾ پيا آهن
۽ مان شهر جي ننڊاکي دنيا ۾
هڪ پريشان خواب وانگر
ڀٽڪي رهيو آھيان
پر چنڊ وانگي آهستي ٿو هلان
متان رستا ڇرڪ ڀري جاڳي پون
۽ شهر جي آرام ۾ خلل پوي.!
شڪيل احمد نثري نظمن جي سڀني خوبصورتين کي سهيڙي هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنو آھي، ”نظمن سان ڀريل ٽرين“ هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو هاڻوڪي دور ۾ جديد نثري نظم جي سونهن سان سرشار آھي، جهڙي طرح شڪيل احمد پنهنجي محنت ۽ پنهنجي ادبي پورهيي سان هيءُ ڪتاب سنڌ جيجل جي جهوليءَ ۾ پيش ڪيو آھي، اهو سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اعزاز آھي. آئون اهو يقين سان چوان ٿو ته جديد نثري نظم جو جڏهن به حوالو ايندو ته پياري شڪيل احمد جو نانءُ پڻ هن صنف جي نڀائندڙن ۾ سرفهرست ورتو ويندو.
***

