پيڪا ايڪٽ تحت سوشل ميڊيا تي غلط خبر ڏيڻ جُرم آھي ۽ ان جُرم جي سزا طئي ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آھن. ھاڻ سوال اھو آھي ته غلط خبر ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟ ھڪ اھو ته اھڙي خبر جيڪا بيس ليس ۽ غير معروضي ھجي، جيڪا اصل ھجي نه، پر گھڙي ٺاھي ھلائي وئي ھجي جنھن سان ڪنھن جي ھتڪِه عزت ٿئي يا جنھن سان عام گمراھي پيدا ٿئي يا ڪنھن اداري جي ساک متاثر ٿئي. ان اداري جي اختياري يا اھو متاثر ماڻھو اٿي پوي فريادي ٿي بيھي رھي ته خبر غلط ھلائي وئي آھي. ٻي غلط خبر اھا به ٿي سگھي ٿي جيڪا سچي ھجي، پر بعد ۾ ڪوڙي ثابت ڪئي وڃي. مثال طور: ڪنھن جي چوري ٿئي ان چوري جي واقعي جي خبر کي سوشل ميڊيا تي رپورٽ ڪجي ۽ بعد ۾ جنھن جي چوري ٿي ھجي سو اچي چوي ته منھنجي چوري نه ٿي آھي، چوري جي غلط خبر ھلائي منھنجي ساک کي نقصان رسايو ويو آھي ته ان طرح به چوري جي خبر غلط ثابت ٿئي ٿي. رڳو چورين جا معاملا نه آھن، ڌاڙن، ڦُرن، بدفعلي، زنا، زنا جي تھمت سميت ڪئي ٻيا معاملا به سوشل ميڊيا تي رپورٽ ٿين ٿا اھڙن واقعن جون خبرون به ايئن بعد ۾ ڪوڙيون ثابت ٿي سگھن ٿيون، جيئن عام چوري جي خبر غلط ثابت ٿي سگھي ٿي، ڪو ماڻھو ڪنھن ٻئي جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري ڪي الزام ھڻي وڃي اُھي الزام بي بنياد ھجن يا الزام ھڻندڙ پنھنجين ڳالھين تان ڦِري وڃي تڏھن به خبر ڪوڙي ٿي ويندي ۽ جيڪو سوشل ميڊيا تي اُن کي رپورٽ ڪندو سو ڪوڙي خبر ڏيڻ جو مرتڪب ٿي سگھي ٿو.