نياڻي مسلمان جي ڌيءَ هجي يا هندو جي هجي ڀلي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ هجي، پر معصوم نياڻي جي عزت ماءُ ۽ پيءُ سميت معاشري ۾ هر ڪنهن لاءِ وڏي اهميت جوڳي هوندي آهي، اسان جي دين اسلام ۾ نياڻي کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ نياڻي کي ست قرآن سمجهيو ويندو آهي. سنڌ جي اها واحد رسم آهي جتي خوني تڪرار جهڙا جهيڙا فساد ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن به خاندان ۾ نياڻي وٺي ويندا آهن ته خون ۽ قتل به معاف ڪيا ويندا آهن، سنڌ ۾ ڪٿي ڀت برادري جهڙوڪ: شادي مرادي کان ناراض مٽن مائٽن ڏانهن نياڻي وٺي وڃڻ بعد نفرتون محبت ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ ناراضگيون ختم ٿي وينديون آهن، سنڌ ۾ پراڻي رسم موجب نياڻي کي وڏي اهميت حاصل آهي.
اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نياڻين کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، سنڌ جي نياڻين ۾ پريا ڪماري جيڪا 5 سالن کان گم آهي، ڇا پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي نه آهي، ڇا ان جو اهو ڏوهه آهي ته هوءَ هندو نياڻي آهي؟ هڪ ماءُ جي جگر جو ٽڪرو ٻن سالن کان گم آهي، ڏينهن رات سندس ڳولها لاءِ پريشان آهي، جتي ماءُ مٿان ڊگهي قيامت گذري ٿي شايد ڪو دردمند هن ماءُ جي درد کان واقف هجي، اڄ تائين ان جو ڪوبه داد فرياد نه ٿيو آهي. پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي ان جي بازيابي لاءِ ڪجهه ڏينهن آواز اٿاريو ويو، پر وري اهو آواز خاموشي ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي پيو، سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪي پهچ وارا آهن اهي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ اڳيان اچن ۽ ان کي بازياب ڪرائي سندس امڙ ۽ والدين سميت ٻين گهرڀاتين ۾ پکڙيل پريشاني ۽ بيچيني ختم ڪرائين.
پريا ڪماري هڪ معصوم نياڻي آهي انسانيت جي ناتي نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اعليٰ آفيسرن تي مشتمل جاچ ٽيمون پڻ جوڙيون ويون، پر اهي ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيون، پريا ڪماري صرف هندن جي نياڻي ناهي، پر سڄي سنڌ جي نياڻي آهي هر ان شخص جي نياڻي آهي جنهن کي نياڻي جو اولاد آهي. وسوارن کي اپيل ڪجي ٿي ته هن نياڻي جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ کيس جلد آزاد ڪرايو وڃي.