يادگيريون اتم ۽ اعليٰ آتم ڪهاڻيون هونديون آهن، جيڪي عام طور تي ان ڳالھ تي زور ڏينديون آهن ته ڇا ياد ڪيو وڃي يا ڪير ياد ڪري رهيو آهي ۽ ڪير مشاهدي جي عينڪ چاڙهي کين تَڪي رهيو آهي يا ڪهڙيون ڳالهيون زور ڏئي لکيون وڃن يا ڪهڙيون ڇڏڻ جهڙيون آهن، جيڪي لڪائي ڇڏجن، ان ڪري ته هر ڳالھ لکي نٿي سگهجي يا اهڙي ڳالھ جنهن سان معاشري ۾ بگاڙ اٿي يا شيون اخلاق جي دائري ۾ نه هجن سي لڪائي ڇڏجن يا نه لکجن ته بهتر آهي. يادگيرين، ڪٿائن يا خاڪا نويسي ۾ هر ليکڪ پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جو ذڪر ڪرڻ بدران انهن شخصيتن جي زندگيءَ جي ڪجھ تلخ تجربن، ڏکن سکن، انهن شخصيتن جي سياسي، سماجي، مذهبي، ذاتي زندگي جون ڳالهيون لکي ٿو ۽ سندن خاص واقعن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي لکڻ جوڳا هجن ٿا ۽ جيڪي سبق آموز ڪري جوڙي ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي سگهجي ٿو يا اهڙي ڳالھ جوڙي سگهجي ٿي، جنهن مان ماڻهو ڪجھ هڙ حاصل ڪري سگهن. رائيٽر جن واقعن ۽ حقيقتن کي تمام اهم سمجهي ٿو يا جيڪي سبق حاصل ڪرڻ جهڙيون هجن ٿيون اهي لکي تاريخ رقم ٿو ڪري ڇڏي.
يادگيرين جي انتهائي برعڪس هڪ روحاني آتم ڪهاڻي به هوندي آهي، جنهن ۾ روحاني زندگيءَ تي ايترو توجهه ڏنو ويندو آهي جو ليکڪ جي ظاهري زندگيءَ ۽ ان جا واقعا ڌماڪيدار بڻجي وڃن ٿا.
عام طور تي اهو چئي سگهجي ٿو تهAutobiography 15 صدي عيسويءَ ۾Renaissance سان شروع ٿي. پهريون دفعو آتم ڪٿا اٽليءَ ۾ نه، پر انگلينڊ جي هڪ اڻڄاڻ عورت لکي. ان کانپوءِ وڏي ڄمار ۾ مارجري ڪيمپ پنهنجي هڪ ڪتابSophie Margery Kempe پنهنجي هلچل ۽ ڏورانهين زندگيءَ جي احوال ۾ اهو آتم ڪٿا وارو داستان بيان ڪيو، جيڪو جيتوڻيڪ مذهبي مشاهدي ۽ تجربي سان واسطو رکي ٿو.
هي ڪتاب سنڌ جي سدا حيات راڳي سرمد سنڌيءَ بابت آهي، جنهن ۾ سائين ڪوثر ٻرڙي صاحب ساڻس گهاريل گهڙيون ۽ لمحا قلمبند ڪيا آهن، هن ڪتاب جي شروعات ۽ آخر ۾ سرمد سنڌي جا فوٽو به ڏنل آهن ۽ ڪجھ فيملي سان ۽ دوستن سان نڪتل يادگار تصويرون به ڪتاب جي سونهن ۾ اضافي طور ڏنيون ويون آهن. ڪتاب ۾ پبلشر (قربان منگي) جو نوٽ ۽ پنهنجي پاران به ڏنل آهي، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي نصير مرزا ۽ سميع بلوچ جا رايا ڏنل آهن، جيڪي پڙهڻ وٽان آهن، ڪتاب جي ارپنا مرتضيٰ شاھ ڏاڏاهي، امر اقبال ۽ سهڻي خان ڪٽوهر جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ سرمد جي سالگره جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو ڪوثر ٻرڙي صاحب حيدرآباد جي گدو واري فليٽ ۾ سندس سالگره ملهائي جنهن جي لاءِ سرمد کي ڪراچيءَ کان اچڻو پيو هو. تحفن ڏيڻ وٺڻ ۾ سرمد سنڌي ڪوثر ٻرڙي صاحب سان انتهائي هجائتو هوندو هو، جو هڪ ڀيري سرمد حيدرآباد مان زپ واري بريف ڪيس آندي، جيڪا ٻرڙي صاحب کي انتهائي وڻي، پر سرمد جي زور ڪرڻ جي باوجود به ٻرڙي صاحب اها بريف ڪيس کانئس نه ورتي ۽ هڪ ڀيري ٻرڙي صاحب جي هٿ ۾ گهڙي ڏسي کانئس گهري ورتائين ته سائين اها راڊو گهڙي مون فقير کي دانُ ڪيو ۽ اهڙيون الاهي ساريون يادون جيڪي پڙهڻ وٽان آهن سي پڙهي دل سان هنڊائي سگهجن ٿيون، جيڪي سيبتائپ سان سرجيون ويون آهن.
سرمد جي آواز ۽ شخصيت جي ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪريون مٿس موهت ٿينديون هيون، ايستائين جو اهي ڇوڪريون سرمد سنڌي سان چنبڙي به پونديون هيون، پر سرمد سنڌي انتهائي بااخلاق ۽ وڏن جي ادب ڪرڻ وارو شخص هو ۽ انهن سان پوءِ به اخلاق جي دائري ۾ ملندو هو ۽ ايستائين جو ريڊيو اسٽيشن تي سرمد جي نالي جون فون ڪالز به اينديون هيون ۽ ان ڳالھ کي وٺي ڪوثر ٻرڙو صاحب ۽ سرمد سنڌي انهن حيدرآبادي ۽ ڪراچي ڇوڪرين جي گهر جا مهمان به ٿيا ۽ اخلاق جي دائري ۾ ان جي گهر ۾ ويهي چانھ بسڪيٽ ۽ ڪيڪ کائي ڏٽَ ڪيائون. هڪ دفعي ڪنهن گهر ۾ هڪ ٻار سرمد وٽ ڪاپي کڻي آيو ۽ کيس چيائين ته انڪل آٽوگراف ڏيو، پر ان ڪاپيءَ ۾ ان ڇوڪريءَ جي تصوير هڪ لفافي ۾ پيل هئي، جيڪا سرمد لڪائي کڻي ورتي ۽ سانڍي رکيائين. چوڻ جي ڳالھ اها آهي ته اهي لمحا پنهنجي جاءِ تي اخلاقيات ۽ حسنِ سلوڪ جا اعليٰ مثال به آهن ته ڪيئن ان دور جي نزاڪت ۽ اصولن جي پٽاندر سرمد اهي سڀ ڳالهيون ڪري به ويو ۽ ملاقات جا بهانا به ڳولهي ورتائين، ان ڪري ته ان دور جي گهرج شايد اهائي هئي ته ڪنهن فلمي نموني ۽ اهڙي بهاني يا طور طريقي سان اهي ڳالهيون سرانجام ڏجن، جنهن ۾ نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، پر ان ڳالھ کي جي هن دور سان ڀيٽجي ته معلوم ٿيندو ته معاشقي ۽ ملاقاتن جا منظر ۽ بهانا ڪجھ ٻيا به ٿي سگهن ٿا يا تصوير جي مٽاسٽا ۽ ڳالھين جا بهانا به دلچسپ ٿي سگهن ٿا، پر ڪتاب ۾ اڻيل اهي واقعا انتهائي زبردست آهن، ان ۾ رائيٽر جي ٻولي ۽ ان جي ڳالھ کڻڻ جي انداز جو به داد ڏجي ته هن اها ڳالھ اهڙي سربستي ڪري ڇڏي آهي، جو ان لمحن جا سواد به وٺي سگهجن ٿا ته ڪيئن هڪ فنڪار جي زندگي ۾ رومانس جاءِ وٺي ٿو ۽ اخلاق جي دائري ۾ اهي سڀ ملاقاتون به ڪجن ٿيون.
سرمد جي هڪ ڀيڻ مصطفيٰ قريشيءَ جي ڀائٽي سان پرڻيل هئي، جنهن جو گهر به حيدرآباد ۾ آهي، پر سرمد (جيڪو پاڻ مغل ذات جو هو) کي جڏهن ڪوثر ٻرڙو صاحب ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته تون ڪڏهن پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ ناهين ويندو، تنهن تي سرمد ڏاڍو سهڻو جواب ڏنو هئس ته اسان پنهنجي نياڻي جي گهر جو پاڻي به ناهيون پيئندا، متان ڪير ان کي ٽوڪي يا اهي پاڻ ائين محسوس ڪن ته اسان انهن جي در جو ڪو کاڌو پيتو آهي، سا ڳالھ ڏاڍي وڻي ته نياڻي جي گهر جو پاڻي به ماڻهو حرام سمجهندا آهن ۽ رهندو ڪندو نياڻي کي پنهنجي گهران هڙان وڙان ڪڍي ڏيندا آهن ته نياڻيءَ جي عزت ٿئي، پوءِ جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان، سا ڳالھ انتهائي خوبصورت لڳي ته سرمد هن ڌرتي جو ڄائو هو ۽ هن ۾ گڻ به هڪ ڌرتي ڄائي جهڙا هئا، جيڪا ڳالھ اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ به آهي ته سدائين نياڻي کي پنهنجي گهران ڪڍي ڏجي ۽ ان جي گهر جو پاڻي به نه پيئجي، سا ڳالھ رائيٽر به ورجائي آهي، سي سڀ سيبتي انداز ۾ چونڊي چونڊي اڻيون ويون آهن، جيڪي پڙهڻ وٽان آهن ۽ پڙهڻ سان دل باغ بهار ٿيو وڃي. ان ڪري ته خوش ڪلامي لکڻي جو جز ۽ ڪُل هوندي آهي سا هن ڪتاب ۾ ڀرپور انداز ۾ نظر اچي ٿي.
سرمد جي حياتيءَ ۾ هن جا ٻه انتهائي خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿيا جن ۾ بچي ويو، پر پهرين ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جي ڪري هو ويل چيئر تي هلڻ لڳو هو، هڪ محفل ۾ ڳائيندي ڳائيندي جڏهن ويل چيئر تي هو ته اوچتو اٿي بيهي رهيو ۽ حاضرين به ان جي جوش کي ڏسي پنهنجين جاين تان اٿي بيهي رهيا، هال ۾ سيٽيون وڃي ويون، اوچتو تاڙين جي گونجار ٿي وئي، ان ڪري سرمد جي آواز ۾ سنڌيت جو جيڪو درد ۽ سوز هو، جيڪي آلاپ هن ڌرتي ڪاڻ دل سان آلاپيا ۽ جيڪي آواز هن پنهنجي دل سان هن ڌرتي کي ڏنا سي اڄ ٻه ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجو وڃن، جنهن ۾ “ڌرتي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار”، پر هن جي هڙني قومي گيتن ۾ جيڪو سوز ۽ ساز پويل هو سو وسارڻ جهڙو ناهي ۽ اهي هڙني قومي گيتن جي ذمري ۾ اچن ٿا، توڻي جو ان دور ۾ انهن گيتن ۽ گانن تي پابندي مڙهي وئي هئي، جو ضياءُ جي قهري دور ۾ هن شخص جي دل جگر کي شاباس جو هن دل ٻَڌي اهي گيت ڳايا ۽ سرڪاري ملازم هوندي به ڪو خوف محسوس نه ڪيائين، جو اهي قومي گيت ان دور (معنيٰ 1980 واري ڏهاڪي) ۾ ڳائڻ وڄائڻ گناھ سمجهيو ويندو هو. ڪراچي جي روڊن تي گهمندي گهمندي هڪ ڀيري ڪي اوباش سندس گاڏيءَ جو پيڇو ڪري رهيا هئا، جن کي هنن جي سنگت تاڙي وئي ۽ سمجهي وئي ته اهي لوفر ڇوڪرا ڪنهن ڦرلٽ جي بهاني سندن پيڇو ڪري رهيا آهن ۽ آخر انهن لوفر ڇوڪرن کي هنن به اک ڏيکاري ۽ اهي لوفر پوءِ روڊ جو پاسو وٺي ڀڄي نڪري ويا، مطلب ته امن شهرن ۾ هر دور جو مسئلو رهيو آهي.
سرمد سنڌي ڪجھ ڪلام ڪوثر ٻرڙي جا به ڳايا ۽ هن 1995 ۾ اين اِي ڊي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ ڪيترائي ڀيرا ينگ سنڌي انجنيئرز ايسوسيئيشن پاران ميوزيڪل شامون ۽ مختلف پروگرام به ڪندو رهندو هو. هوKDA ۾ سرڪاري ملازم به هو، ان جي باوجود به قومي گيت ڳائيندو رهندو هو. (ڪتاب مطابق) سرمد سنڌي ننڍي هوندي انتهائي جذباتي ۽ هٺيلو ڇوڪرو هوندو هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ هو سمجهه وارو ۽ ماٺيڻو ٿي ويو هو، هن ۾ سهپ ۽ بردباري وڌي وئي هئي، پر هو انتهائي حساس طبيعت وارو هوندو هو. دوستن جي معاملي ۾ انتهائي پرخلوص ۽ ڪجھ وڌيڪ سنجيده ۽ ملڻو کلڻو هوندو هو. اها هڪ سماجي وارتا آهي ته ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿي ٿو وڃي يا انا ۽ هوڏ ۾ پنهنجي هلائيندو آهي، جيڪا شيءِ ضروري به آهي نه ته ماڻهو هلڪڙي طبيعت جو سمجهن ٿا. (ڪتاب مطابق) سرمد سنڌيءَ جي پهرين ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کانپوءِ پريالوءِ ۾ جڏهن هن جي مانَ ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ته اتي استاد بخاري به آيو هو، اتي سرمد سنڌيءَ جي لاءِ خاص اسٽيج سينگاري وئي هئي، پر اتي سرمد سنڌي جي نظر هڪ همراھ تي پئجي وئي جنهن کان هو ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙيل هو ۽ ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو هو، سو سرمد سنڌي ڪوثر ٻرڙي صاحب کي چيو ته جيڪڏهن ان همراھ کي اسٽيج تي ويهاريو ويو ته پاڻ اسٽيج تي نه ويهندو، پوءِ سرمد جي ڳالھ به رکي وئي ۽ ان همراھ کي اسٽيج تي نه ويهاريو ويو (شخص جو نالو مبهم رکيو ويو آهي جيڪا ڳالھ اخلاقي طور تي سٺي لڳي).
20 ڊسمبر 1996 تي شهدادڪوٽ ۾ ملهايل “جيئي سنڌ” جي هڪ فنڪشن ۾ بشير خان قريشي سرمد سنڌي کي چيو ته سڀاڻي رات رتي ديري ۾ نادر شاھ جو ميلو آهي، قرب ڪري ٻي رات به اسان جي نانءُ ڪر، تنهن تي سرمد سنڌي هاڪار ڪئي هئس ۽ ڀرسان ويٺل سرڪش سنڌي کي به چيائين ته سائين پوءِ توهان به سڀاڻي رات اسان جي نانءُ ڪيو، پر ڀلائي ڪري ڀائو زخمي چانڊئي کي به ورتيون اچجو ۽ پوءِ سڀ وري ان ميلي تي به گڏ ٿيا هئا. سرمد سنڌي جو جڏهن پهريون حادثو ٿيو هو تڏهن هي ڪنهن شاديءَ تان واپس پئي آيا، ٻٻرلوءِ جي ڳاڙهي موري وٽ ابل واھ واري روڊ سان ساڻس حادثو پيش آيو، ان وقت سندس امڙ به هن جي گاڏي ۾ موجود هئي، الله جي رحم ڪرم سان اها محفوظ رهي، پر سرمد سنڌي کي ان وقت ئي سول اسپتال سکر کڻائي ويا هئا، ڪوثر ٻرڙو صاحب به دوستن سان اتي پهتو هو، پر سول اسپتال سکر مان مطمئن نه ٿيڻ جي ڪري، سرمد سنڌي کي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي کڻائي آيا هئا جتي هن جو بهترين علاج ٿيو ۽ هو جلد ئي چڱو ڀلو ٿي واپس گهر ويو هو.
سرمد سنڌي ڊريسنگ جي معاملي ۾ انتهائيChoosy ۽Selective هوندو هو، هو گهڻي ڀاڱي جينز ۽ بند ڳلي واري شرٽ پائيندو هو، جن جا رنگ به ڪجھ ڳوڙها ۽ تيز هوندا هئا، سرمد سنڌي هٿ جو انتهائي ڪشادو هوندو هو ۽ دل جو وڏو سخي، کيس فنڪشن ۾ جيڪي ماڻهو اجرڪ ڏيندا هئا ۽ جيڪي به ٽوپيون پارائيندا هئا ۽ جيڪي به تحفا ملندا هئس، اهي يارن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو يار ايتريون شيون ڪاڏي ڪبيون ۽ ڪٿي رکان ان ڪري يارن ۾ ورهائي ڇڏ ۽ ڪپڙن جا نوان مليل وڳا به دوستن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، وڏو توڪل وارو ماڻهو هوندو هو. ڪراچي مان پريالوءِ جڏهن به ويندو هو تڏهن پنج دوست به گڏ کڻندو هلندو هو ان ڪري ته کيس دوستن جي ڪمپنيءَ ۾ مزو ايندو هو ۽ سڀني جي خاطر تواضح به ڪندو ويندو هو، اصل ٽهڪڙا ۽ ڪچهريون. ڪوثر ٻرڙي صاحب جي ساڻس پهرين ملاقات پريالوءِ جي غلام محمد ڪنڌر جي معرفت ٿي هئي، جڏهن سرمد سنڌي جي پهرين ڪيسٽ “او قاتل بدلو وٺنداسين” رليز ٿي هئي، ان کانپوءِ ڪوثر ٻرڙي صاحب سان لاڳيتيون ملاقاتون ٿينديون رهيون هئس، سرمد سنڌي جڏهن سکر ۾ ڪوثر ٻرڙي صاحب وٽ آيو هو، تڏهن کيس چيائين ته استاد مون وٽ نه ساز نه سازندو، نه راڳداريءَ جي ڪا خبر چار، نه ڪا سُرتال جي سُن بُن، منهنجو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان آهي، نعتون ۽ حمد به پڙهندو وتندو آهيان. تڏهن ڪوثر ٻرڙي صاحب ڏٺو ته هن جي آواز ۾ هڪ درد به آهي، هي سريلو به آهي ۽ ڳائڻ جو شوق به اٿس، آواز ۾ Base به اٿس. ان تي ڪوثر ٻرڙي صاحب وراڻيس ته ان ڳائڻ وڄائڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين استاد جو هجڻ لازمي آهي، ان سان راڳداري جي ڪم ۾ برڪت پوندي آهي ۽ ماڻهو پوءِ ڪنهن کي ايلاز ڪرڻ کان به بچي پوندو آهي، ان تي سرمد سنڌي چيس ته اڄ کانپوءِ تون منهنجو استاد آهين.
سرمد سنڌي جي آخري ڪيسٽ ميرپورخاص ۾ ٿر پروڊڪشن طرفان حسن شاھ بخاري جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ “وِھُ به مارن سان” قاصر نواز جو ڪلام به شامل هو، جيڪا “وڇوڙو” جي نالي سان ٻن حصن ۾ جاري ڪئي وئي هئي. حقيقت ۾ سرمد سنڌي ايڏي وڏي شهرت ماڻڻ جي سفر ۾ تڪليفون به گهڻيون برداشت ڪيون هيون، هن راڳ جي سفر ۾ تمام گهڻا ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون هيون، جنهن جو عين شاهد ڪوثر ٻرڙو صاحب پاڻ به آهي. صبح جو سرمد سنڌيKDA ۾ جاب به ڪندو هو ۽ گڏوگڏ راڳ جو عشق به نڀائيندو هو. 80 واري ڏهاڪي ۾ ضياءُ جو قهري دور هوندو هو، ان دوران هن “ٻالڪ ٻالڪ هاريءَ جو” ڪيسٽ رليز ڪرڻ پئي چاهي، هن سڄي ڪيسٽ ۾ انقلابي ڪلام هئا، پر ڪمپني جو مالڪ موهن صاحب ڪيسٽ ڪڍڻ کان نابري واري ويهي رهيو، تنهن تي سرمد سنڌي ڪوثر ٻرڙي صاحب کي چيو ته هي ڪيسٽ انقلابي گيتن سان ٽٻٽار آهي، جيڪڏهن رليز ٿي ته اصل ڌماڪا ٿي ويندا، پر ڪيسٽ ڪمپنيءَ جو مالڪ ڊڄي ويو ۽ خوف هئس ته ضياءُ جي دور ۾ ڪٿي سڀ جيل نه هليا وڃون، پر ڪيسٽ پوءِ به رليز ٿي وئي هئي.
جون 1982 ۾ سرمد سنڌي جڏهن عبدالله سينٽر واري فليٽ ۾ رهندو هو، تڏهن هن جي ڏيٺ ويٺ عبدالغفار تبسم ۽ منظور سخيراڻي صاحب سان ٿي. 1985 ڌاران سرمد سنڌي پي ٽي وي جو رخ ڪيو، اتي سندس ملاقات بيدل مسرور صاحب سان ٿي، بيدل مسرور کي سرمد سنڌي صفا نه وڻيو ۽ کيس وراڻايائين ته تون سرن ۾ اڃان ڪچو آهين، ان ڪري ڪجھ محنت ڪر. پر سرمد سنڌي پوءِ به هيڪڙ ٻيڪڙ پي ٽي وي جي پروگرامن ۾ ايندو رهندو هو ۽ بيدل مسرور صاحب کيس استادي جو سڳو به ٻَڌو ۽ استاد شاهد بزمي به کيس شاگردي جو سڳو ٻَڌو هو (جيڪو ڪتاب جي آخري فوٽو سيشن واري حصي ۾ ڏنل آهي). پي ٽي وي تي سرمد سنڌي جا ڪلام “لولي”، شيخ اياز جو ڪلام “رات آئي وئي” ۽ ٽيون ڪوثر ٻرڙي صاحب جو ڪلام “تنهنجي ياد جي وري آ وير” ڏاڍا مقبول ٿيا، ان کانپوءِ ابرهيم منشيءَ جو ڪلام “چڱو چيٽن ۾ ملنداسين” مقبول ٿيو. ضياءُ جي دور جي سختي جي ڪري ابراهيم منشيءَ جي ڪلام ۾ ڪجھ تبديلي ڪئي وئي هئي سا به رڳو هڪ لفظ جي هئي، جو “ڪتيون ڪي ئي قيد ۾ گذريون” مان تبديل ڪري “ڪتيون ڪي ئي ياد ۾ گذريون” ڪري ڳايو ويو ۽ ان ڏينهن ۾ سرمد سنڌي جو ڪلام “جتي هجو سکيا هجو” به ڪافي مشهور ٿيو.
سرمد سنڌي جو ذڪر قمر شهباز به پنهنجي لکڻين ۽ ساروڻين ۾ ڪيو آهي، هي ڪتاب سرمد سنڌي جي حياتي جو آئينو آهي جنهن مان سندس طبيعت، گلوڪاري، حياتي، نوڪري جا سال، ڪراچيءَ کان پريالوءِ جو سفر ۽ زندگي ۾ کوڙ سارن ماڻهن سان ملاقاتون ۽ دلبريون به لکيل آهن جيڪي پڙهڻ وٽان آهن، ڪتاب جي آخر ۾ فوٽو البم به ڏنل آهن جيڪي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سرمد سنڌي جي حياتي ڪيڏي رنگين ۽ خوشگوار هئي. سائين ڪوثر ٻرڙو جس لهڻي جنهن سرمد سنڌيءَ جون سارون ميڙي، چونڊي، سهيڙي گڏ ڪري هڪ گلدستو بڻايو ۽ پڙهندڙن جي هٿ هڪ بهترين يادن جو ڪتاب پيش ڪيو.