عبدالقادر جوڻيجو

هي انٽرويو همسري لاءِ 2015 جون  ۾ ورتو ويو هيو.

 

LIVING LEGEND

.عبدالقادر جوڻيجو

انٽرويو وٺندڙ: زاهده ابڙو

منهنجي زندگي هڪ کليل ڪتاب آهي، ايتري قدر جو مان پنهنجي ID جو پاسورڊ به Secret نه رکندو آهيان. Fecebook کان ڊنل آهيان، سوشل ميڊيا استعمال نه ڪندو آهيان ڇو ته گهڻي خلق aproach ڪندي آهي، مون کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ جهنگ ۾ رات جي وقت مڇرن ۾ ڦاسي پيو هجان ۽ پوءِ گهٻرائجي ويندو آهيان. ٻاهرين ادارن سان Email ذريعي خط و ڪتابت هلندي رهندي آهي.

جيئن ته Noble prize organization  Brian Grove, Wide books,  Good Reads, Mind Stir media, وارا مون کي هڪ دفعو jury جو ميمبر به مقرر ڪري چڪا آهن، مان اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته هي ادارا ڪتابن جي باري ۾ update ڪندا رهندا آهن. Holly Wood وارن سان به intouch آهيان، انهن پنهنجي Email موڪلي آهي. Human Rights وارنSummit conference جي دعوت ڏني پر GBS بيماريءَ جي ڪري وڃي نه سگهيس. دراصل منهنجا وڏا اُٺاري هئا، سَون جي تعداد ۾ اٺن جا وڳ هئن. يار ڇڏ دنيا جي پچار، اچ ته پنهنجي ڳوٺ ۽ خاندان جي باري ۾ ٻڌايان واهه! منهنجو ڳوٺ “جنهاڻ” تعلقو مٺي ضلعو ٿرپارڪر، اتر اوڀر ۾ عمرڪوٽ، اتر اولهه ۾ ميرپورخاص ۽ ميرن جو قلعو نئين ڪوٽ ۾ موجود آهي، جتي مون ٽارچر سيل ڏٺا مون کي وڏن ٻڌايو هو ته ڪامل جوڻيجو به هن قلعي ۾ قيدي رهيو ۽ ڪجهه وقت اتي گهاريائين. اسان جي ڳوٺ جا ٺڪر ۽ جوڻيجا مليٽينٽ طور تي سڃاتا وڃن ٿا. ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ ۽ واپاري طبقي جا لوهاڻا ڀائرن وانگر رهندا هئا. انهيءَ ڳوٺ ۾ مون پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ منهنجو پيءُ همير جوڻيجو به انهيءَ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان زماني ۾ ماڻهو انگريزن کان خوش هئا ان ڪري جو انهن اتي تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ جوڳا ڪم ڪيا. خاص طور تي اسڪول ٺهرايا ۽ بئراج واريون زمينون ماڻهن کي ڏنائون. ٻيو ته انگريزن ماڻهن کي تحفظ ڏنو. توهان کي هڪ مزيدار ڳالهه ٻڌايان ته بابو جواني ۾ اُٺاري مان ڦري پوليس انسپيڪٽر ٿي ويو، جيئن ته هن انگريزن جي اسڪول مان ڇهه درجا پاس ڪيا هئا ۽ پاڻ به انگريزن جهڙو ئي ڊگهو هو، قد ڪاٺ ۾ برجستو هو، دٻدٻي وارو آفيسر هو.

1918ع ۾ اچانڪ زرد ڪالرا اسان جي علائقي ٿر ۾ وبائي صورت اختيار ڪئي جنهن کي اڄ به “لُوسيءَ” جي بيماريءَ سان ياد ڪيو وڃي ٿو. چون ٿا ته اها بيماري چين ملڪ کان آئي هئي، ان بيماريءَ جو شڪار لوهاڻا واپاري ئي ٿيا ڇو ته اها کاڌي پيتي جي شين مان پکڙجندي آهي، اهي لوهاڻا کاڌي پيتي جي شين جي ڏي وٺ ڪندا هئا پر ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ ۽ جوڻيجا بچيل رهيا ڇو ته انهن جي غذا ۾ اُٺڻيءَ جو کير ۽ ٻاجهر جي ماني هئي ۽ کير لاءِ هر ماڻهو وٽ پنهنجو جدا ٿانو هوندو هو.

گهڻائيءَ ۾ ماڻهن جي مرڻ ڪري ارٿين ساڙڻ جو مسئلو ٿي پيو پوءِ “مگهر جو مقام” جيڪو مسلمانن جو هو ان ۾ ئي لوهاڻن پنهنجا مڙدا پورڻ شروع ڪيا. اجتماعي قبرون ٺاهيون ويون پورڻ وقت مسلمانن وانگر دعائون گهرندا هئا ته انهن کي جنت نصيب ٿئي. مڙدي کي دفنائڻ کانپوءِ ثواب خاطر اٺڻيءَ جو کير ورهايو ويندو هو. ان قسم جو سيڪيولر سماج وري ڪٿي نظر نه آيو. اهو خواب پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي، سيڪنڊري تعليم اتان حاصل ڪئي.

هائر سيڪنڊري ميرپورخاص ۾ حاصل ڪيم. شاهه لطيف ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر پري انجنيئرنگ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم پر مالي زوال اچڻ سبب انٽر نه ڪري سگهيس، پوءِ ڳوٺ اچي پوليس ۾ اپلاءِ ڪيم. بابا جي ڪوٽا جي اي ايس آءِ طور ڀرتي ٿيس، سهاله ٽريننگ لاءِ پئي ويس ته بابا هٿ پڪڙي چيو ته “پِن وڃي پر پوليس جي نوڪري نه ڪر.” پوءِ وڃي پرائمري ماستر ٿي پڙهايم، پوءِ پرائيويٽ M.A Sociology ۾ ڪم ڪيم.

روح رهاڻ ۾ پهرين ڪهاڻي “واٽون، راتيون ۽ رول” ڇپجي هئي، شيخ اياز منهنجي ڪهاڻي پڙهي مون کي گهرايو. سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ الاجيءَ ۾ مون کي پبليڪيشن آفيسر ڪري ڪري رکيو ويو. 1988ع کان 1993ع تائين ڊائريڪٽر سنڌ الاجي رهيس. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمين رهيس ان کانپوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ آزادي آئي.

همسري: توهان جون تخليقي صلاحيتون اڀارڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار آهي.

قادر جوڻيجو: Creative work پيداوار آهي جبلت جو، پر مون Diction مال چاريندڙ ڌراڙن کان سکيو، خاص طور تي ٻڪريون ۽ ڍڳيون چاريندڙن سان دوستي هئم. جيئن ته اٺن سان ڊوڙي نه پئي سگهيس ان ڪري اوٺارين سان ياري ئي نه رکيم. ڳوٺ سان ته فطري دل هئي اتان جا ماڻهو ڏاڍا خفتي هئا هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن هنر جو ماهر هو اهڙن ئي ماڻهن سان منهنجو واسطو پيو ۽ اهي منهنجي تخليقي سفر ۾ هميشه مون سان گڏ هئا. منهنجا ٻه چاچا هئا، جن مون کي انفرادي Diction جي سکيا ڏني، تن کان ويهي علم پرائيندو هئس. ٽيون اهم ڪردار ڪيسري ڀيلڻ آهي، جيڪا چاليهن قسمن جا مختلف ناچ ڄاڻندي هئي، هن کي سوين ئي ڪڇ جا گيت ياد هئا جيڪي پنهنجي سريلي آواز ۾ پئي آلاپيندي هئي. رڻ ڪڇ جي Striking beauty هئي. آئون هن جي اڳيان هڪ پينو فقير وانگر هئس. غلام محمد ٽنگڻي جيڪو جوانيءَ ۾ چور هو، پر بابا هن کي اڪثر ڇڏائيندو هو، پر پوءِ پاٿاريدار ٿيو ان سان منهنجي سٺي دوستي هئي، جڏهن به پوليس ڪاهه ڪندي هئس ته پهرين پاڻ کي گار ڏيئي پوءِ پوليس کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو. هڪڙو محمد سمون جيڪو ڪڇي هو، گڏهه تي مال ڍوئيندو هو، جنهن مون کي ڪڇ جي گهڻي تاريخ ۽ ڪلچر پڙهايو جيڪو پاڻ صفا اڻ پڙهيل هو. بابا جي پوليس آفيسر هجڻ ڪري آئون اڪثر لاڪ اپ ۾ پيل ڏوهارين سان وڃي ملندو هئس ۽ انهن لاءِ پن جون ٻيڙيون وٺي ويندو هئس، پوءِ اهي مون کي پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا، اڄ ڏينهن تائين مان ماسترن کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جي عزت ڪندو آهيان جيڪي زندگيءَ جي حقيقت سيکارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.

همسري: توهان لکڻ جي پيشي کي ڇو اختيار ڪيو؟

قادر جوڻيجو: هر ڪنهن جا پنهنجا ڪارڻ هوندا آهن. جبلت وڏو سبب هئي ۽ انساني فطرت به سامهون اچي ٿي، ٻيو سبب اندر جي باهه ڪڍڻ ۽ ماڻهن جي اڳيان زندگيءَ کي ڪيئن کولي پڌرو ڪجي جيڪا هر طرح پڙهندڙ جي aesthetic sense کي ٽچ ڪري ۽ ٻئي پاسي هڪ question mark ڇڏي وڃي ته حل ليکڪ وٽ نه آهي پر پڙهڻ واري وٽ آهي جنهن کي هو پاڻ ڳولهي ۽ ٻيو ته پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ به هڪ سبب آهي.

همسري: اوهان جا ڪهڙا پسنديده ليکڪ رهيا.

قادر جوڻيجو: شروع ۾ ميٽرڪ واري زماني ۾ pearl .S. puck، قرت العين حيدر، ميخائل شولو خوف (رشين اديب)، شيخ اياز، جيرزي ڪوسونسڪي ان جو ناول Painted Bird پڙهيم، شوڪت حسين شورو، جوز سارا، مگو (پُرتگالي ليکڪ)، رشيا، ردڪا پوشنسڪي جرنلسٽ Soccer War به ان جي جڳ مشهور رپورٽ آهي، آمريڪن ليکڪا Maya Angelo جنهن خوبصورت auto biographies لکيون آهن جنهن ۾ خاص طرح I Know why the caged bird sings ارون دتي راءِ، اميتا وگوش سڀني کان وڌيڪ پسنديده رائيٽر جيڪا جرمن هيرٽامولر آهي جنهن 2009ع ۾ نوبيل پرائيز به حاصل ڪيو، حسن درس جيڪو پٽ وانگر هو، ممتاز بخاري، نسيم کرل، رحمت الله ماڃوٺي ۽ الياس ڪينيٽِ، هن جو سوشيالاجي تي لکيل ڪتاب CROWDS AND POWER جيڪو ويسٽ جي سياستدانن لاءِ هڪ صحيفو آهي اهي سڀ پسند اٿم.

همسري: ڇا اوهان پنهنجي ليکڪ واري ڪردار کان مطمئن آهيو يا نه؟ جيڪڏهن قدرت اوهان کي ويهن يا پنجويهن سالن جو جوان بڻائي ڇڏي ته اوهين ڇا ڪرڻ پسند ڪندا.

قادر جوڻيجو: ليکڪ واري ڪردار کان هرگز مطمئن نه آهيان، مطمئن ٿي ويس ته اندر جو ليکڪ مري ويندو. مون کي ٻه ٽي زندگيون به مليون ته وري به لکڻ پسند ڪندس ۽ دوزخ جي باهه ۾ به ويٺو لکندس.

همسري: اوهان سنڌ ۾ تبديليءَ جو ڪو اهڃاڻ ڏسو ٿا يا نه؟

قادر جوڻيجو: هن وقت سماج وڏي ڀڃ ڊاهه ۾ آهي ۽ انارڪيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر ٿيندو ائين آهي ته ٽٽل ڀتين تي وري شاندار عمارت جڙي سگهي ٿي. اسان بند ڪمرن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ويهي بڪواس ڪندا رهندا آهيون ۽ اسان جي لکئي پڙهئي ماڻهوءَ ۾ ايتري همت نه رهي آهي جو هو ڪنهن غريب غربي سان يا هاريءَ سان گڏ ڪانڀ ٻڌي ويهي سگهي. مان ان راءِ جو آهيان ته عوام سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ دل جي باهه لکڻين ذريعي ڪڍون ٿا، پر سنڌي معاشرو پنهنجي پوري قابليت ۾ اسان جي نظرن کان تمام گهڻو پري آهي.

جيستائين down to the earth نه ٿينداسين تيستائين اسين معاملن کي سمجهي نه سگهنداسين. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته اڄ جو پڙهيل لکيل ماڻهو انڌو ٿي ويو آهي ۽ رڳو هٿوراڙيون پيا ڏيون، ايترو ضرور آهي ته اسين انهن ڪمرن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ويهي سنڌ جي عوام کي ڪيش ڪرائيندا رهندا آهيون.

همسري: ڪن جو خيال آهي ته اڄ ڪلهه جا لکڻ وارا ايترا پُر اثر نه آهن.

قادر جوڻيجو: پڙهڻ جي چوس گهٽجي وئي آهي. ليکڪ رڳو هڪٻئي سان ملندا رهندا آهن يا وري اردو ۽ سنڌي ۾ گهٽ معياري بين الاقوامي لٽريچر جا ترجما پڙهندا آهن. گهڻا اهي آهن جيڪي مشهور اديبن جي نالن جي خبر رکندا آهن، مثال طور: اسان وٽ Robert Fisk جو نالو هڪ فيشن وانگر کنيو ويندو آهي پر ڪنهن ۾ به اها همت ڪونهي ساري جو سندس ٻن ٻن هزارن صفحن تي لکيل ڪتاب پڙهي سگهي. ڪي وري دانشور نه Getup ڪري هلندا آهن، لاهور ۾ اهڙن دانشورن کي ڪٻا دانشور چيو ويندو آهي جڏهن ته دانشور ليکڪ کان به وڌيڪ جاءِ ٿو والاري. دانشور جي معنيٰ آهي “لوڪ لهي لهوارو ۽ تون وَههُ اُڀارو”.

همسري: سنڌي سوسائٽي ۾ مثبت تبديلي ڪيئن آڻي سگهجي ٿي؟

قادر جوڻيجو: آئون هن وقت سخت مونجهاري ۾ آهيان ته سماج ڪيئن ٺهندو پر جيئن ته اڳ ۾ ئي چئي آيو آهيان ته پهرين ڊهندو ۽ پوءِ ٺهندو، پر اهو ڪيئن ٺهندو ان جي ڳالهه ان وقت ئي ڪري سگهبي.

همسري: اوهان جي شهرت جو سبب اوهان ڇا ٿا سمجهو، جڏهن ته ٻيا وڏا نالا پڻ موجود آهن.

قادر جوڻيجو: مون کان به وڏا مشهور ليکڪ موجود آهن ۽ خاص طور سنڌي ليکڪن کي به حق ملڻ کپندو هو، پر مون سان جٺ اها ٿي جو ٽي. وي جو ليکڪ ٿي ويس. عام ماڻهو ڪتاب نٿا پڙهي سگهن، پر ٽي. وي ڊرامو هر ماڻهو ڏسي ۽ سمجهي سگهي ٿو. گهڻا ڊراما هٽ ٿيا ڇو ته ماڻهن ان ۾ پنهنجين زندگين جو عڪس ڏٺو. جانچ، خانصاحب، ڄار ۽ ڇوٽي سي دنيا، راڻي جي ڪهاڻي وغيره وغيره.

همسري: ڪهاڻي واٽيون، راتيون ۽ رول جا ڪردار حقيقي هئا يا اوهان جا پنهنجا تخليق ڪيل هئا.

قادر جوڻيجو: هڪڙو ماڻهو سکر ضلعي جو اتي اچي نڪتو ان مون سان ڪچهري ڪئي ۽ فري ٿي ويو، هن مون سان ايتري ڳالهه ڪئي ته ٻانهن کنئي هئم پوءِ اچي ايترو قابو ٿيس جو دل چيو ته ماريانس پر ان ڇوڪريءَ کي مون نه پر ڌڻين ماري ڇڏيو. ان جملي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو ته ماڻهو سماج جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي پياري شيءِ کي مارڻ لاءِ ٿو سوچي ۽ هن جي ڪابه حرڪت هن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي ئي نه ۽ نه ئي قتل ٿيڻ واري جي هٿ ۾ آهي تنهنڪري ان ڪردار کي مون هن جي محبوب کان قتل ڪرايو ۽ ڪهاڻي هٽ ٿي وئي.

همسري: راڻيءَ جي ڪهاڻي توهان کي سنڌي ناظرين ۾ شهرت ڏني پر “ديوارين” توهان کي وڏن اديبن جي لسٽ ۾ بيهاري ڇڏيو، ان جو سبب ڇا آهي؟

قادر جوڻيجو: “ڇوٽي سي دنيا” مون کي يورپ ۾ پهچايو “سيڙهيان” مون کي سارڪ جي ملڪن تائين مشهور ڪيو. آئون جتي به ويس ته سڀني صوبن ۾ ماڻهن اهو چيو ته اها رسم اسان سڀني وٽ موجود آهي پر ان تي لکيو توئي آهي. ٻيو شوبز جو حصو هئڻ ڪري به مقبوليت ملي. مرڪزي خيال اهو هو ته عورت سان ڪهڙي جٺ ٿئي ٿي.

همسري: ويهين صدي ۾ سنڌي ادب هڪ تحريڪ پيدا ڪئي. ڇا ايڪيهين صديءَ ۾ توهان کي ڪو اهڙو امڪان نظر اچي ٿو؟ جيڪڏهن اوهان کي اهو نظر اچي ٿو ته اهو ڪهڙي صورت ۾ هوندو؟

قادر جوڻيجو: ادب  تحريڪ نه ٿيندي آهي تحريڪ سياست جي ميدان ۾ ٿيندي آهي، ادب ۾ لاڙو ٿيندو آهي، جنهن کي ادبي لاڙو چئبو آهي. هن وقت جي مشهور آفريڪي ليکڪ نور الدين فرح انٽرويو ڏيندي چيو ته “جيڪو اديب سياست ۾ گهڙندو آهي اهو سياست جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي، جيڪو سياستدان ادب ۾ گهڙندو آهي اهو ادب جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي.” روسي انقلاب گورڪي يا شولو ڪوف ڪونه آندو پر لينن، ٽراٽسڪي ۽ ٻين ڪامريڊن آندو.

همسري: عالمي ادب جي تحريڪ ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهي آهي؟

قادر جوڻيجو: عالمي ادب جا وڏا نالا يورپ ۽ مغرب جا آهن، جهونا توڙي نوان اديب اڃان تائين ٻي جنگ عظيم کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. ناولن ۾ اڃان تائين اها تاريخ لکي رهيا آهن، جيڪا تاريخي ناولن ۾ ملي ٿي، اها تاريخ جي ڪتابن ۾ نٿي ملي. ايشيا جي اديبن جو مسئلو ٿورو مختلف آهي. مثال طور: جاپان ۾ فاسٽ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ زندگي نظر اچي ٿي، انهيءَ ۾ هڪٻئي سان لاتعلقي ۽ ذاتي شناخت آهي، جاپان جي ادب پڙهڻ سان ڏاڍي مايوسي ٿيندي آهي. چين جا ليکڪ اڃان تائين 1948ع واري چيني انقلاب ۾ ڦاٿل آهن. ڪي حمايت ۾ ته گهڻا ان جي مخالفت ۾ آهن. انڊو پاڪ برصغير ۾ دين ۽ ڌرم جي خلاف لکيو پيو وڃي يا عقيده پرستي ۽ dogma جي خلاف پيا لکن. افغانستان ۾ طالبانائيزيشن جي خلاف لکيو پيو وڃي. ايران ۾ ادب سرڪار جي دٻاءُ هيٺ آهي. عرب دنيا جو ادب قابوس مان نڪتو آهي جنهن جو مطلب آهي اهڙو گنبذ جنهن جو در يا دري نه هجي، قابوس کي ٽوڙي هوا کائڻ وارو ٽرينڊ آهي. نجيب محفوظ جيڪو نوبيل پرائز ونر آهي، جنهن کي ڇُرا هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. بليڪ آفريڪي ادب وري ڪلچر جي مثبت پهلوئن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ لکيو پيو وڃي. سولن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته فرد جي آزاديءَ لاءِ لکيو پيو وڃي، جنهن ۾ جلا وطن ماڻهن مٿان لکيو ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي متڀيد متعلق گهڻو ادب لکيو ٿو وڃي. اسان وٽ جيڪو شيدي آهي زنجبار جو آهي، عبدالرزاق گورناهه اتان جو وڏو ليکڪ آهي جيڪو عورتن جي حمايت ۾ لکڻ وارو آهي. لاطيني آمريڪا ۾ اديب پنهنجن پراڻين روايتن جي بحاليءَ لاءِ لکن ٿا، پر اتان ٿي اچي وري ميڪسيڪو ۾ رهن ٿا. حالانڪه اهو هڪ خونريز علائقو آهي پر هتي لکڻ وارا پوش علائقن ۾ رهن ٿا ۽ گهڻو ڪمائين ٿا، پر صحافين کي مافيائون مارايو ڇڏين.

همسري: ڇا توهان پنهنجين لکڻين ۾ ڪنهن فلاسافيءَ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا وري ڪنهن نظريي تحت لکندا آهيو؟

قادر جوڻيجو: ڪنهن خاص فلاسافيءَ يا نظريي جو غلام نه آهيان قرت العين حيدر چيو آهي ته “دل اور دماغ ڪي دروازي کلي رکو” نين ڳالهين کي نئين انداز ۾ لکو پر سنئين سنڌيءَ ۾ لکو.

همسري: هڪ ليکڪ سياسي طور تي ڇا ٿو ڪري سگهي.

قادر جوڻيجو: هو سياسي ميدان ۾ اچي ته ادب تان هٿ کڻي وڃي، سماجي حقيقت کان منهن موڙي وڃي.

همسري: توهان انگريزيءَ ۾ هڪ ناول Dead River لکيو آهي ان جي لکڻ جي پٺيان ڪهڙو مقصد هو.

قادر جوڻيجو: سنڌ جي لوڪ زندگيءَ کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ پر چٽي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ هتان جي مسئلن جي ڄاڻ ڏيڻ هو.

همسري: Dead River واري سماج ۾ ۽ اڄ جي سماج ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

قادر جوڻيجو: گهڻيون شيون ختم ٿي ويون آهن، “پيري” اڄ اسان وٽ ناهي حالانڪه ان جي پوري سائنس موجود آهي. سکان هڪ ارڏي ۽ ضدي ۽ باغيانه رويو رکندڙ عورت هئي، جيڪا پنهنجي محبوب مرد کي کڻي ٿي جيئن ٻانهن کڄندي آهي، هن ۾ مذهبي رواداري ڏيکاريل آهي. ايتري قدر جو هن ڳوٺ جو نالو ئي سکان وليج پئجي ويو. ڍاٽڻ اٺڻ جي معلومات به وضاحت سان ڏنل آهي، جنهن جون جبلتون تمام گهڻيون تيز ٿينديون آهن.

همسري: هڪ ليکڪ جي حيثيت سان توهان ڪهڙي آس رکو ٿا.

قادر جوڻيجو: هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي…! آئون هڪ انسان آهيان، نه ڪو فرشتو آهيان ۽ نه شيطان آهيان. ظاهر آهي ڪوشش ڪندس ته ڪنهن نئين ڳالهه تي لکان، ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو ناول لکان جيڪو مون کي دنيا ۾ مشهور ڪري وڃي. جيڪڏهن Dead River جرمني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ته شايد جڳ مشهور ٿي وڃان.

همسري: ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگي جي سلسلي ۾ اوهان ڪيئن ٿا سوچو.

قادر جوڻيجو: اهو پراڻو جهيڙو آهي، ادب براءِ ادب کي داخلي ادب چيو ٿو وڃي جنهن ۾ تصورات ۽ حُسن جا مامرا اچي وڃن ٿا. ادب براءِ زندگي کي خارجي ادب چيو وڃي ٿو جنهن ۾ سماجي، سياسي، اقتصادي، نفيساتي مسئلا اچي ٿا وڃن، ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.

همسري: يوناني ڪلاسيڪل ادب ۾ اهو چيو ويو آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي، اوهين ڇا ٿا سوچو.

قادر جوڻيجو: قديم يونانين چيو هو ته زمين چپٽي آهي، اهي متضاد خيال آهن، موسيقي منهنجي نظر ۾ امن ۽ سڪون جو اظهار آهي، جيڪو انسان جي aesthetic sense touch ٿو ڪري، هڪ اٽالين چوڻي آهي ته “سٺي موسيقي اها آهي جيڪڏهن لانڊريءَ ۾ به وڄايو ته ميرا ڪپڙا به ڌوپجي وڃن.”

همسري: ڇا سنگيت جو استعمال گهڻ رخو ٿي سگهي ٿو؟

قادر جوڻيجو: اڄ ميڊيڪل ٿراپي لاءِ هڪڙو انٽرنيشنل گروپ mandala جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ڊاڪٽرن جي صلاح سان ڌنون ٺاهيندو آهي، اڃان تائين ته ٻه راڳ ٺاهيا اٿن جن ۾ راڳ ڀيروي ۽ راڳ ايمن شامل آهن جن ۾ دل جي بيماري، شيزو فيرينيا، ڊپريشن، هيلو سنيشن جهڙين بيمارين لاءِ سنگيت سٺو آهي، اها ماهرن جي راءِ آهي نه ته صرف اهي ٻه راڳ پر راڳ درگا ۽ ڀوپالي وڌيڪ ديسي انداز ۾ ٻڌڻ سان ذهني سڪون حاصل ٿئي ٿو، ڪشوري امونڪر ڀوپالي جي ماهر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *