سنڌ صوبي ۾ نقلي دوائن تي نظر رکڻ لاءِ بندوبست موجود نه آهي
صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسيمبلي کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وٽ نقلي دوائن جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ مناسب بندوبست ڪونه آهي. اسيمبلي جي اجلاس دوران صحت واري وزير کان سوال ڪيو ويو هو ته سنڌ صوبي ۾ 14 ڊرگ انسپيڪٽرن جون خالي پوسٽون پيون آهن، جنهن جي ڀرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواست به ڪئي وئي هئي انهن کي اڃان ڇو نه ڀريو ويو آهي. اسيمبلي آڏو جواب ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته صوبي اندر جتي به ڊرگ انسپيڪٽر موجود نه آهن اهڙين جاين تي ڀرسان وارن علائقن جي ڊرگ انسپيڪٽرن کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي اندر DTLS Drug Testing Laboratory Sindh کي نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جنهن جي لاءِ هڪ وڏو بجيٽ به رکيو ويو آهي ۽ جلد ئي اها ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيندي جنهن جو ڪم به معياري هوندو. ڊاڪٽر منڌري اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته PQCB پراونشل ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي جاءِ خالي پئي هئي ۽ هاڻي ان تي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو باقائدگيءَ سان ميٽنگون ڪري رهيو آهي.