بلاگنئون

سنڌ جا اربين رپين جا روڊ گوبل هرن سان برباد ٿي رهيا آهن

ڪي اھڙا ننڍڙا معاملا به ٿين ٿا جن سان قومي ملڪيتن کي وڏا نقصان رسن پيا، پر واسطيدار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ستا پيا ھوندا آھن ۽ ڪو ايڪشن نه وٺي قومي ناڻي کي وڏا نقصان رسائي رھيا ھوندا آھن. ملڪي ۽ صوبائي قانونن ۾ ماڻھن ۽ انھن جي اجتماعي ملڪيتن کي نقصان پيا ڏيندا آھن. انھن ۽ ٻين معاملن جا قانون ۾ پورا حل ۽ سزائون موجود آهن، پر اسان وٽ قانون ڪٿي به پوري طرح لاڳو ناهي ۽ جن کي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏنل آهن. اهي مجموعي طور تي قانون جو غلط استعمال ڪري ان جو فائدو کڻندڙ آهن ۽ ورديون لاھي ستا پيا آھن، جنهن ڪري انصاف ۽ سڌارا مشڪل بڻجي ويا آهن. نتيجي ۾ نقصان وڌي رھيا آھن، قانون ۾ اھو به آھي ته ڪوبه ڪنهن انسان يا حيوان توڙي قومي ملڪيتن کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه نقصان نٿو رسائي ته اهڙي لچائي يا اهڙو ذيان جيڪو ڄاڻي ٻجهي ۽ سمجهي ڪيو وڃي جنهن سان ڪنهن ماڻهو يا ان جي ملڪيت کي ڪو نقصان رسي ان لاءِ قيد جي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي. پي پي سي جي سيڪشن 425 ۾ لچائي يا ذيان بابت ٻڌايل آھي ته ڄاڻ هوندي ڪنهن کي يا عوام کي ڪو اجايو نقصان پهچائڻ، ڪنھن جي ملڪيت کي تباھ ڪرڻ، ملڪيت جي جاءِ يا شڪل بدلائي ان جي افاديت يا اھميت کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ جيل جي سزا جو ڏوھ آھي، سيڪشن 426 ۾ لچائي جي سزا 2 سال قيد مقرر ڪئي وئي آهي. 427 نمبر سيڪشن ۾ ڪنهن ماڻهو جي ڪنهن به ملڪيت، پکي، حيوان کي مارڻ يا نقصان پهچائڻ جي لاءِ به  قيد جي سزا رکي وئي آهي. اهڙن قانونن کي جيڪڏهن پوري طرح لاڳو ڪيو وڃي ته ڪوبه لُچو، ڪابه لچائي نه ڪري سگهندو جنهن سان عوامي، ذاتي يا قومي ملڪيتن کي ڪنهن نقصان جو انديشو ٿي سگھي. انهن سزائن وارن قانون جي اھا خرابي ته آهي جو اهي قانون قابلِ دست اندازي پوليس نه آهن، نقصان رسائيندڙن کي وارنٽ کانسواءِ پوليس گرفتار نٿي ڪري سگهي ۽ انهن ڏوهن ۾ وارنٽ تي گرفتار جوبدارن کي جيل وڃڻو پئجي سگھي ٿو، اهڙن ڪارائتن ۽ اهم قانونن کي پوليس لاڳو نه پئي ڪري جنھن سان ماڻھن توڙي ملڪي ملڪيتن (پبلڪ پراپرٽين) کي وڏا نقصان رسن پيا جيڪي اربين رپين جا ساليانه نقصان چئي سگھجن ٿا.

بيشمار عوامي ملڪيتن جن کي ماڻهن جون گڏيل ملڪيتون به چئي سگهجي ٿو جن کي لچا ماڻهو ڄاڻي ٻجهي يا لاپرواهيءَ ۾ نقصان پهچائيندا رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ وارو چڪر انتهائي آسان به آھي ۽ عام ماڻهن کي لچن ماڻهن کي لچائي ڪندي جهلي پوليس حوالي ڪرڻ جو اختيار به مليل آهي ۽ پوليس اهڙي نوعيت جي اڪثر ڏوهن ۾ اختيار هوندي به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري عوامي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جو سلسلو لڳاتار جاري آهي ۽ رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. پي پي سي جي سيڪشنن 425 کان 462 تائين جي لڳ ڀڳ 37 سيڪشنن کي پڙهجي ته ڳالھ چٽي ٿي پوي ٿي ۽ هڪ سال کان 5 سالن تائين جي سزائن وارا قانون ملن ٿا، ڪنهن جي پاليل جانور کي مارڻ يا زخمي ڪرڻ، آبپاشي جي پاڻي جو رخ ڦيرائي نقصان پهچائڻ، رستي، پل، درياءَ، واھ کي نقصان رسائڻ، ٻوڏ جو سبب بڻجڻ، عوامي واهر ۾ رڪاوٽ وجهڻ، ڪنهن روشني جي مينار يا سامونڊي رستي يا نشان کي ضايع ڪرڻ، سرڪاري نشانن کي ميسارڻ، باھ يا باھ ٻاريندڙ يا ڌماڪي سان ڦاٽڻ وارين شين سان نقصان رسائڻ سميت بيشمار ڏوھ اهڙا آهن جن کي روڪڻ جي لاءِ قانون جي سيڪشنن کي لاڳو نٿو ڪيو وڃي ۽ قانون جي خامين جو ناجائز فائدو ڏوهارين کي ملندو رهي ٿو ۽ ان فائدي ۾ ڪٿي ڪٿي پوليس به ڀاڱي ڀائيوار نظر اچي ٿي. ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ان جو فائدو کڻندا رهن ٿا. اهڙي طرح ڪيترائي ڏوھ اهڙا به آهن، جن جي هڪ روايت پئجي وئي آهي، جن کي روڪڻ جو پوليس وٽ اختيار هجڻ باوجود پوليس انهن کي سالن کان نه پئي روڪي جنهن سان عوامي ملڪيتن کي شاهي نقصان رسي رھيو آھي. بدين، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي تقريبن سمورن ضلعن ۾ ڊگھي عرصي کان مجرماڻي غفلت سان ٽريڪٽرن جا گوبل ھر ٿالھين سان مين ۽ بيشمار لنڪ روڊن تي اچي، روزانو روڊن جي ساخت کي وڏو نقصان رسائي رھيا آھن، جنھن طرف ڪنھن جو ڌيان نه پيو وڃي، سمورا روڊ وڏيون نعمتون آهن، جن جي وسيلي ماڻهو هڪ کان ٻي جاءِ تائين پهچن ٿا، پر سنڌ ۾ اهي سمورا روڊ جيڪي صوبائي هاءِ وي اٿارٽي حوالي آهن جن کي غيرقانوني طور کوٽي انهن ۾ کڏا هڻي غير قانوني اسپيڊ بريڪر ٺاهڻ، روڊن تي ٽريڪٽرن جي پويان لڳل گول ٿالهين وارا “گوبل“ هر بغير ويلن جي هلائڻ سان انهن روڊن جي افاديت کي گهٽائي انهن کي ساليانو اربين رپين جو نقصان رسايو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن ٺهيل قانون تحت ڪوبه روڪڻ جي ڪوشش نه پيو ڪري ۽ نه ئي ان نقصان بابت ڪي نوان ۽ موثر قانون ٺاهڻ جون ڪي تجويزون بحث هيٺ آهن، روڊ به ماڻهن جي ٽيڪسن جي رقمن مان ٺهن ٿا ڪميشن جي خوبصورت نالي سان منظور پئسن ۾ 47 سيڪڙو تائين حصا پتيون ٿينديون رهن ٿيون، باقي 53 سيڪڙو رقم مان ٺيڪيدار پنهنجي بچت رکي روڊ ٺاهين ٿا، جيڪي ان ساخت جا نٿا هجن جهڙي ساخت ۽ معيار جا هجڻ کپن، روڊ ٺهي وڃڻ کانپوءِ اهي افتتاح کان اڳ ۾ ئي برباد ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي بربادي جو سلسلو ايترو ته تيز رهي ٿو جو ڪوبه روڊ ٻن کان ٽن سالن اندر ئي برباد ٿي وڃي ٿو، جنھن کي 15 کان 20 سالن تائين قائم ۽ ڪارائتو رھڻ کپي، روڊن جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب ٽريڪٽرن جا گوبل هر روڊن مٿان آزادي سان هلڻ آهي، گوبل هرن کي ويل لڳائي روڊن تي آڻڻ جو قائدو به لاڳو آهي، پر ڪنهن به ان جي پرواھ نه ڪئي آهي. هڪ زمين کان ٻي زمين تي ٽريڪٽر جو گوبل هر پهچائڻ جي لاءِ گوبل وارو ٽريڪٽر روڊن تي لازمي چڙهي ٿو ۽ روڊ جي جنهن به حصي تي گوبل هر گهمي ٿو اهو حصو تيز ڌار ٿالهين سان کيڙجي وڃي ٿو ۽ گوبل هر بار بار روڊن تي اچڻ ڪري سنڌ جا اهي هڙئي مين ۽ ھزارين لنڪ روڊ تيزي سان برباد ٿي رهيا آهن، جن جي نه رڳو وڏي افاديت آهي پر انهن روڊن جون عمريون به 80 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃن ٿيون، ڪو روڊ جيڪڏهن 20 سالن تائين پنهنجي ساخت برقرار رکي سگهي ٿو ته اهو گوبل هرن جي هلڻ ڪري وڌ ۾ وڌ 3 سالن تائين ڪم جي لائق رهي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي تعمير لاءِ نئين سر نون پئسن جي ضرورت پوندي رهي ٿي. پبلڪ پراپرٽين خاص طور تي روڊن کي نقصان رسائڻ يا انھن جي افاديت کي گھٽائڻ جي لاءِ پي پي سي جو سيڪشن 431 سڌي طرح لاڳو ٿي سگھي ٿو، جنھن گوبل ھر سميت ٽريڪٽر ۽ ان جو مالڪ يا ڊرائيور گرفتار ٿي جيل وڃي سگھن ٿا ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 5 سالن تائين جيل جي سزا ۽ ڏنڊ به ڀري سگھن ٿا، پر پياري پوليس وڏيرن سان ڦٽائڻ نٿي چاھي، ڇو ته ٽريڪٽر غريبن جا نه آھن انھن جا آھن جيڪي ايس ايڇ اوز کي به بدلي ڪرائي سگھن ٿا. سنڌ ۾ جيڪي به روڊ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي حوالي آهن انهن جي سنڀال تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ انهن روڊن تي ٽريڪٽرن جي گوبل هرن کي ويلن کانسواءِ چڙهڻ نه ڏنو ويندو آهي، انهن روڊن ۾ سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي نمايان طور تي شامل آهن، جنهن جي ڪري انهن روڊن جون عمريون عام روڊن کان گھڻيون وڏيون آهن. بدين کان گولاڙچي ڏانهن ويندڙ روڊ جي ڀر ۾ فوجي اسڪول ۽ فوجين جي رهائش هجڻ جي ڪري ان روڊ تي ٽريڪٽر گوبل هرن سان ويلن کانسواءِ نٿا چڙهن ۽ گوبل هر وارن ٽريڪٽر جي ڊرائيورن کي فوجين جو خوف آهي ان ڪري اهو روڊ نهايت محفوظ، سڌو ۽ چمڪندڙ نظر اچي ٿو ۽ ان روڊ جي عمر به وڏي ٿي وئي آهي. حيدرآباد کان بدين تائين مين روڊ جيڪو سنڌ جي مصروف ترين روڊن ۾ شمار ٿئي ٿو سو اربين رپين جي لاڳت سان ويجهڙائي ۾ نئين سر تعمير ٿيو ۽ ٽريڪٽرن جي گوبل هرن سان تيزي سان تباھ ٿي رهيو آهي. سجاول کان ڪراچي، ٺٽي کان حيدرآباد، ماتلي کان ڊگهڙي، ڄامشوري کان لاڙڪاڻي، ٽنڊوباگو کان بدين، تلهار کان ٽنڊو باگو، ٽنڊو محمد خان کان سجاول، ماتلي تلهار وايا ڏندو روڊ ۽ اهڙا بيشمار بلڪه سمورا مين ۽ لنڪ روڊ ويجهڙائي ۾ نئين سر اربين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيا ويا آهن، جن جي بربادي جي سببن کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ نه ئي وري هاءِ وي اٿارٽي جي اختيارين ڪو نوٽيس ورتو آهي. ڳالهيون هلن ٿيون ته پوليس بااثر ماڻهن جي ٽريڪٽرن کي روڪي پاڻ لاءِ مفت ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ نٿي چاهي ۽ هاءِ وي اٿارٽي جون مجاز اختياريون روڊن جي مالڪي بجاءِ گهڻي ڀاڱي ان خيال جون آهن ته ٺهيل روڊ جيترو جلدي برباد ٿيندا اوترو گهڻو انهن جو فائدو آهي. هي ڳالھ به ٿي آهي ته سنڌ ۾ هڪ سال اندر ڇڙواڳ ٽريڪٽرن جا گوبل هر جيتري قيمت جا روڊ برباد ڪن ٿا، اوتري قيمت جا اهي سمورا ٽريڪٽر مجموعي طور تي نه آهن، ڪنهن به هڪ روڊ جو مثال وٺي ڏسجي ۽ ان روڊ جي بربادي جو سبب بڻيل ٽريڪٽرن جو تعداد معلوم ڪجي ته نقصان جو اندازو پاڻ مرادو ٿي ويندو. ماتلي تلهار وايا ڏندو روڊ تازو ڪروڙين رپين جي لاڳت سان نئين سر تعمير ٿيو، جنهن کي 50 جي لڳ ڀڳ ٽريڪٽرن جي گوبل ھرن وقت کان پهرين برباد ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح وڌ ۾ وڌ 3 ڪروڙ رپين جي مجموعي ماليت جا چند ٽريڪٽر وڏي قيمت جا روڊ تباھ ڪري چڪا آهن يا تيزي سان تباھ ڪري رھيا آھن. روڊن تي غير قانوني کڏا هڻي هٿرادو اسپيڊ بريڪر ٺاهڻ، روڊن کي کوٽي انهن هيٺان بجلي، فون، گئس ۽ پاڻي جون لائينون وڇائي روڊن کي سڌي طرح نقصان پهچائڻ وارن عملن جي به ماڻهن کي لوڪل سطح تي جهڙوڪر اجازت مليل آهي. غير قانوني اسپيڊ بريڪر وڏن حادثن جو سبب به بڻيا آهن جن ۾ بيشمار انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ جاني مالي نقصانن جو اهو سلسلو بنا بريڪ جاري آهي.

روڊن کي نقصانن کان بچائي انهن تي خرچ ايندڙ هر سال اربين رپيه بچائي انهن مان ٻيا نوان روڊ ٺاهي سگهجن ٿا. پي پي سي جو سيڪشن 431 سڌي ڳالھ ڪري ٿو ته ڪير به ڪنھن عام رستي کي نقصان رسائيندو ته ان کي 5 سالن تائين قيد جي سزا سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ملي سگھي ٿي، پوليس روڊ تي گوبل ھر سان ايندڙ ڪنھن به ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي سگھي ٿي، ان جي ڊرائيور يا مالڪ کي گرفتار ڪري، 431 سيڪشن لڳائي ايف آءِ آر داخل ڪري سگھي ٿي، گرفتار جوابدار جيل وڃي سگھن ٿا، ضمانتن تي ٻاھر اچي ڪيس کي منھن ڏئي سگھن ٿا، مگر ڀٽاري پوليس ايئن نٿي ڪري. سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته ڪو زميندار جڏهن 30 کان 40 لکن جو ٽريڪٽر خريد ڪري ٿو ۽ 4 کان 6 لکن جو گوبل هر به وٺي ٿو ته پوءِ 10 کان 20 هزارن جا ويل ڇو نٿو وٺي سگهي؟ جن جي نه هجڻ ڪري هڪڙو ٽريڪٽر هڪڙي سال ۾ پنهنجي قيمت جيترو وڏو نقصان عوامي ملڪيتن کي ڏئي رهيو آهي ۽ سرڪار به اهو ڇو نه پئي سوچي ته اها قانون کي لاڳو ڪري يا نئون قانون ٺاهي هر سال روڊن کي اربين رپين جي مجموعي نقصان کان بچائي سگهي ٿي ۽ اهڙي بچت مان هر سال ٻيا نوان روڊ ٺهرائي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ ماڻهن کي وڌيڪ سهولتون پهچائي سگهجن ٿيون، حڪومت ڪندڙ هر سياسي پارٽي به ان طرح عوام جي وڌ کان وڌ مقبول پارٽي ٿي سگهي ٿي. ان سان حڪومت ڪندڙ پارٽي جي عوام ۾ ساک بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو ووٽ بئنڪ به وڌي سگهي ٿو. پوليس 431 سيڪشن لاڳو ڪري اگر ھر ٿاڻي جي حد ۾ اھڙا 3- 4 ڪيس داخل ڪري جنھن ۾ ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري، جوابدار جيل وڃي ۽ ڪيس کي منھن ڏئي ته وڏي ٺاپر اچي سگھي ٿي ۽ سنڌ صوبي جا ايئن اربين رپيا جيڪي روڊن جي نئين سر تعمير تي خرچ ٿين ٿا بچي سگھن ٿا. ڇا سنڌ جي ڪنھن ضلعي جو ايس ايس پي اھڙي شروعات ڪري نالو ڪمائي سگھي ٿو.