ڪي اھڙا ننڍڙا معاملا به ٿين ٿا جن سان قومي ملڪيتن کي وڏا نقصان رسن پيا، پر واسطيدار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ستا پيا ھوندا آھن ۽ ڪو ايڪشن نه وٺي قومي ناڻي کي وڏا نقصان رسائي رھيا ھوندا آھن. ملڪي ۽ صوبائي قانونن ۾ ماڻھن ۽ انھن جي اجتماعي ملڪيتن کي نقصان پيا ڏيندا آھن. انھن ۽ ٻين معاملن جا قانون ۾ پورا حل ۽ سزائون موجود آهن، پر اسان وٽ قانون ڪٿي به پوري طرح لاڳو ناهي ۽ جن کي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏنل آهن. اهي مجموعي طور تي قانون جو غلط استعمال ڪري ان جو فائدو کڻندڙ آهن ۽ ورديون لاھي ستا پيا آھن، جنهن ڪري انصاف ۽ سڌارا مشڪل بڻجي ويا آهن. نتيجي ۾ نقصان وڌي رھيا آھن، قانون ۾ اھو به آھي ته ڪوبه ڪنهن انسان يا حيوان توڙي قومي ملڪيتن کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه نقصان نٿو رسائي ته اهڙي لچائي يا اهڙو ذيان جيڪو ڄاڻي ٻجهي ۽ سمجهي ڪيو وڃي جنهن سان ڪنهن ماڻهو يا ان جي ملڪيت کي ڪو نقصان رسي ان لاءِ قيد جي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي. پي پي سي جي سيڪشن 425 ۾ لچائي يا ذيان بابت ٻڌايل آھي ته ڄاڻ هوندي ڪنهن کي يا عوام کي ڪو اجايو نقصان پهچائڻ، ڪنھن جي ملڪيت کي تباھ ڪرڻ، ملڪيت جي جاءِ يا شڪل بدلائي ان جي افاديت يا اھميت کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ جيل جي سزا جو ڏوھ آھي، سيڪشن 426 ۾ لچائي جي سزا 2 سال قيد مقرر ڪئي وئي آهي. 427 نمبر سيڪشن ۾ ڪنهن ماڻهو جي ڪنهن به ملڪيت، پکي، حيوان کي مارڻ يا نقصان پهچائڻ جي لاءِ به قيد جي سزا رکي وئي آهي. اهڙن قانونن کي جيڪڏهن پوري طرح لاڳو ڪيو وڃي ته ڪوبه لُچو، ڪابه لچائي نه ڪري سگهندو جنهن سان عوامي، ذاتي يا قومي ملڪيتن کي ڪنهن نقصان جو انديشو ٿي سگھي. انهن سزائن وارن قانون جي اھا خرابي ته آهي جو اهي قانون قابلِ دست اندازي پوليس نه آهن، نقصان رسائيندڙن کي وارنٽ کانسواءِ پوليس گرفتار نٿي ڪري سگهي ۽ انهن ڏوهن ۾ وارنٽ تي گرفتار جوبدارن کي جيل وڃڻو پئجي سگھي ٿو، اهڙن ڪارائتن ۽ اهم قانونن کي پوليس لاڳو نه پئي ڪري جنھن سان ماڻھن توڙي ملڪي ملڪيتن (پبلڪ پراپرٽين) کي وڏا نقصان رسن پيا جيڪي اربين رپين جا ساليانه نقصان چئي سگھجن ٿا.