بلاگنئون ماتلي ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ Zahida Abro August 13, 2024August 13, 2024 18 Hourse Loadsheding, column, Daily Humsari Newspaper, Matli ماتلي ۾ جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو دير تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻھن جون گرمي ۾ ننڊون خراب ڪرڻ ۽ کاٽڙين چورن کي چورين جا موقعا مھيا ڪرڻ جا مسئلا وڌي ويا آھن، ھونئن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جا ڪي به جواز نه آھن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪ سپلاءِ جاري رکڻ باوجود 13 ھزار ميگا واٽ اضافي پيداوار آھي. 24 ڪلاڪ بجلي جاري رھي تڏھن به ملڪ کي 31 ھزار ميگا واٽ گھرجن جڏھن ته ملڪ وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 44 ھزار ميگا واٽ آھي، جنھن جي سرڪاري خزاني مان پاور پلانٽس کي ادائگي به جاري آھي، ان باوجود لوڊ شيڊنگ کي لاڳو ڪيو ويو آھي، ماتلي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ لاڳو ڪيل آھي، جنھن جو ڪو شيڊيول به پڌرو ڪيل نه آھي، جڏھن ته ان لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ روزانو سراسري طور تي 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رکي وڃي ٿي جنھن سان ماتلي ۽ آسپاس جي علائقن جا ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھزارين مزدورن جو روزگار بجلي سان جڙيل آھي، درزي، ڌوٻي، آرا ميشينن، رائيس ملن سميت بيشمار ڪمن تي لڳل ھزارين پورھيت بجلي بند رھڻ سبب بيروزگاري ڀوڳين ٿا، شاگردن جي پڙھائي متاثر ٿئي ٿي ۽ آفيسن جي ڪمن ۾ به خلل پوي ٿو، سڀ کان وڏو مسئلو واٽر سپلاءِ جو پيش اچي ٿو، گھرن تائين پاڻي بجلي کانسواءِ نه ٿو پھچي. لوڊشيڊنگ جي ٽائيمنگ کان علاوه مجموعي طور تي روزانو وڌيڪ 4 کان 6 ڪلاڪ بجلي بغير ڪنھن سبب جي بند رکڻ جي خلاف ماتلي جي شھرين جي سخت احتجاجن باوجود حيسڪو ماتلي جي اختيارين پنھنجو قبلو درست نه ڪيو آھي. جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو ٻين وڳي کانپوءِ بجلي بند ڪرڻ خلاف سجاڳ شھرين، تنظيمن بار بار سخت احتجاج ڪيا آھن ان باوجود ويتر جبري لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آھي. 24 ڪلاڪن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وري به جاري آھي. 6-6 ڪلاڪ لڳاتار بجلي بند رکن ٿا، حيسڪو ماتلي جي اختيارين کي عوام جي بددعائن ۽ الله جي عذاب جو به خوف نٿو ٿئي، اھي پنھنجو ڪم جاري رکيو اچن، ايئن ٿو لڳي جھڙوڪر ماتلي ۾ وڌ ۾ وڌ ٽائيم تائين بجلي جي سپلاءِ بند رکڻ تي انھن کي مٿان کان ڪي تحفه يا انعام ملندا ھجن، جنھن ڪري اُھي رڳو برساتي موسم شروع ٿيڻ تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪريو ڇڏين. 2-3 ڦڙيون وسن ٿيون ته به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب ڪريو ڇڏين، اھو بلڪل نٿا سوچين ته ان سان ماڻھو ڪھڙن مسئلن کي منھن ڏيندا ھوندا ۽ انھن جون آھون، دانھون ۽ پاراتا ڪھڙا ھوندا. بجلي جي جبري لوڊشيڊنگ خلاف شھرين بار بار مختلف طريقن جا احتجاج ڪيا آھن، حيسڪو ماتلي جي آفيسن جي دروازن تي احتجاجي ڌرڻا ھنيا آھن، احتجاجي طور تي روڊ بلاڪ ڪيا آھن، تازو ماتلي شھري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين علي رضا سوڍو جي اڳواڻي ۾ 3 سادن مسئلن جي حل لاءِ سماجي ڪارڪنن مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جو به احتجاجي سلسلو جاري ڪيو، جن جا 3 سادا مطالبا ھئا ته رات جو 2 وڳي واري لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، اگر شيڊيول مطابق 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي ته 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم تائين بجلي بند نه ڪئي وڃي. اگر ڪا فني خرابي ٿئي ٿي ۽ بجلي بند ڪرڻي پوي ٿي ته جيترو ٽائيم بجلي بند رھي ٿي اوترو ٽائيم لوڊشيڊنگ گھٽائي وڃي، مرڻ گھڙي تائين احتجاجي بک ھڙتال دوران ڪئي ڪارڪن بلڊپريشر گھٽجڻ سبب بيھوش به ٿيا، احتجاجي ڪئمپ تي پھرين ڏينھن ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي، ماتلي ميونسپل جي چيئرمين حاجي رضوان قائم خاني، وائيس چيئرمين قاضي وھاب عباسي، ڪائونسلرن اچي مطالبن کي جائز قرار ڏئي احتجاج جي حمايت ڪئي، پر حيسڪو جو ڪوبه عملدار نه پھتو، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي ڊي سي بدين جي ھدايت تي احتجاجي ڪئمپ تي اچي 5 ڏينھن اندر مطالبا پورا ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي احتجاجي بُک ھڙتال ختم ڪرائي، اھي 5 ڏينھن 2 ھفتا ٿي ويا آھن نه جبري لوڊشيڊنگ ختم ٿي آھي نه 2 وڳي رات جو بجلي وڃڻ بند ٿي آھي، ان ڪري ماتلي شھري ايڪشن ڪميٽي جا ڪارڪن ۽ شھري وڌيڪ مايوس ٿيا آھن ۽ انھن جي ڪاوڙ ۾ اضافو پڻ ٿيو آھي، انھن وري احتجاج جي نئين رٿا بندي شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ 18 آگسٽ تي ماتلي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي جلسو ڪوٺائڻ جو سڏ ڏنو آھي جنھن ۾ وري احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويندا. ھاڻ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ماتلي جون تنظيمون ۽ ساڳيا شھري حيسڪو (حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني) کي نجڪاري ۾ ڏيڻ جي تحريڪ ھلائين، لوڪل ملازمن جي ماتلي مان بدلي جا مطالبا ڪن ۽ ايس ڊي او حيسڪو ماتلي جو گھيرو تنگ ڪن، ان کانسواءِ جبري لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو ڪو ٻيو حل نڪرندي نظر نٿو اچي. Post Views: 58