افغان طالبان ڳالهين ذريعي جنگ بندي لاءِ تيار
افغان طالبان آمريڪا کي جنگ بندي لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته هنن جو چوڻ آهي ته ان کي اسان جو جنگ کان ٿڪجڻ نه سمجهيو وڃي. واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ آمريڪا طرفان افغانستان ۾ نوان هوائي حملا شروع ڪيا ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي افغان طالبان ڳالهين لاءِ تيار ٿيا آهن. اهو به واضح رهي ته افغان طالبان افغانستان جي وڏي حصي تي قابض آهن. جنهن پاران گذريل ڏينهن ۾ ڪابل اندر به حملا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 150 ماڻهو مارجي ويا هئا. انهن ٻنهي حملن کانپوءِ آمريڪي ۽ افغان حڪومتن تي زور هو ته انهي 17 سالن کان جاري جنگ جي ماحول کي ختم ڪيو وڃي. انهي دوران آمريڪي گورنمينٽ اڪائونٽنٽ بلٽي آفيس ۾ هڪ رپورٽ پيش ٿي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪا افغانستان گذريل 16 سالن ۾ افغان فورسز تي 76 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن. جنهن باوجود به آمريڪا افغانستان ۾ ڪامياب ٿيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. افغان طالبان پنهنجي هڪ پيغام ۾ آمريڪي عوام کي چيو آهي ته اهي ڳالهين ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ تيار رهن. پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ موجود غير ملڪي فورسز جي بي دخلي ۽ آمريڪي حمايت رکندڙ افغان حڪومت سان هنن جي ويڙهه جاري رهندي. ان کان علاوه آمريڪا پنهنجو قبضو ختم ڪري افغان عوام جي مرضي مطابق حڪومت ٺاهڻ لاءِ طالبان جا حق تسليم ڪري. واضح رهي ته هن معاملي تي افغان حڪومت ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.