بلاگنئون

عبد الجبار ”تاثير“ سومرو،  يارن جو يار 

سنڌ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن تي نظر ٿي پوي ته کوڙ ساريون شخصيتون سنڌ جي سرزمين تي نمايان نظر اينديون، جنهن پنهنجي علم ۽ ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. انهن روشني ڦهلائيندڙ شخصيتن مان محترم “عبدالجبار تاثير سومرو” به هڪ آهي، جيڪو علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ روشن ستاري جيان چمڪي رهيو آهي.

“محمد ادريس سومرو” جي گهر 15 جون 1953 نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٽي جو نالو عبدالجبار رکيو ويو، سندس ذات سومرو جي نسبت سان عبدالجبار سومرو، جنهن پنهنجي ادبي کيتر ۾ پير پائيندي تخلص “تاثير” رکيو ۽ هاڻ هو “عبدالجبار تاثير سومرو” جي نالي سان جڳ مشهور آهي.

سنڌ جو نالي واري تعليمدان پنهنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري (مين) اسڪول نصير آباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1969 ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ ضلعي دادو، انٽر 1974 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو، بي اي 1977 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جڏهن ته ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) به ساڳئي ڪاليج مان 1981، ايم ڊي (ماسٽر آف ڊرائنگ) 1981 ۾ نارمل ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد، ايل ايل بي جي ڊگري 1985 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. جڏهن ته بي ايڊ 1993 علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي.

تعليم جون سڀئي ڊگريون حاصل ڪندڙ ۽ انتهائي ذهين عبدالجبار سومرو کي پيغمبري پيشي استاد (ڊرائنگ ٽيچر) جي نوڪري 5 نومبر 1971 گورنمينٽ مڊل اسڪول حاجي خان تعلقو جوهي ضلعي دادو ۾ ملي جڏهن ته سندس رٽائرمينٽ 14 جون 2013 ۾ تقريبن 42 سال پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندي گورنمينٽ (بوائز) هاءِ اسڪول رشيد وڳڻ ضلعو لاڙڪاڻي مان  حاصل ڪئي.

سنڌ جي سدا بهار شخصيت عبدالجبار تاثير سومرو جون 1969ع ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻين جو اولاد آهي. هڪ وڏي ڪٽنب وارو پاڻ نانو ۽ ڏاڏو به ٿي چڪو آهي، هن وقت قاسم آباد جي علمدار چوڪ جي ويجهو رهائش پذير آهي.

ادبي کيتر ۾ تاثير هڪ وڏي ادبي حثيت رکندڙ شخصيت جو ادبي سفر 1973 ۾ شروع ٿيو. سندس پهرين لکڻي (نثر) عبرت مئگزين ۾ ڇپي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ اديب طور آهي، شاعري ۾ استاد ۽ رهبر اسحاق راهي (سندس مامو) کي مڃي ٿو، جڏهن سندس تخلص “تاثير” سنڌ جي سدا حيات شاعر احمد خان مدهوش کان مليو.

عبدالجبار تاثير سومرو جي شاعري ۾ پسنديده صنف غزل آهي، سنڌ جي هر هڪ اخبار، رسالن ۽ ميگزينن ۾ سدائين هن جي شاعري ڇپبي رهي آهي. سندس چوڻ موجب ٽماهي مهراڻ، ماهوار سرتيون، نئين زندگي، همسري، هزار داستان، سورمي، عبرت مئگزين، سنڌ راڻي ميگزينن کان علاوه روز وارين اخبارن جنهن ۾ ڪاوش، ڪاوش دنيا، شام، ڪوشش، عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، عوامي آواز، اپيل ۽ مهراڻ ۾ سدائين ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس شاعري ڇپجندي رهي آهي.

سنڌ جي عوامي شاعر عبدالجبار تاثير سومرو جا هيستائين ٽي شاعري جا ڪتاب ڇپيا آهن. (1) آس جا ڏيئا (2013). (2) اوسيئڙو ۽ آس (2017). (3) اڌوري آس (2019). ايندڙ ڪتابن بابت چيائين ته ڪيترائي ڪتاب سهيڙيل آهن، پر خوشخبري ٻڌائيندي چيائين ته آتم ڪٿا لکان پيو، ان ڪتاب کي آڻڻ چاهيان ٿو انشاءَ الله جلد آتم ڪٿا جو ڪتاب شايع ڪرائبو.

ادبي سنگتن، مشاعرن، ادبي تقريبن ۾ سندس شرڪت باعث افتخار سمجهي ويندي آهي. هر ادبي محفل ۾ گهڻو ڪري شرڪت ڪندڙ سنڌ جو نالي وارو شاعر محترم تاثير ادب جي ڪيترن ئي تنظيمن سان وابستا رهيو  آهي.

سابق سيڪريٽري س ا س شاخ نصير آباد

سابق سرپرست اعلي’ اسحاق “راهي” ادبي فورم نصير آباد.

سابق رابطا سيڪريٽري سگا شاخ نصير آباد ۽ انچارج ف۔م۔ لاشاري لائبريري نصير آباد.

سابق صدر سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن سني بنگلوز ڪالوني قاسم آباد۔

هن وقت س ا س سنگت شاخ حيدرآباد ۾ ڪاروباري ڪميٽي ۽ بزم روح رهاڻ ۾ ميمبر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

ادبي کيتر ۾ هن لاتعداد ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن.

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر تاثير سومرو ادب ۾ پنهنجي استاد ۽ سندس مامي  اسحاق راهي، تاثير جو لقب ڏيندڙ احمد خان مدهوش، تنوير عباسي، ف۔م لاشاري، شبير هاطف، نوالهدي’ شاهه، تاج جويو، نصير مرزا، نياز پنهور، ادل سومرو، اياز گل، احسان دانش ۽ ننگر چنا کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي شاعر اديب پسند آهن.  جڏهن ته سياستدانن مان ڪنهن به سياستدان کي پسند نه ڪندي، سياست کان ئي سخت نفرت ڪري ٿو.

سنڌ جي سدا بهار شخصيت ادبي کيتر جي هر محفل ۾ نظر ايندڙ ۽ محفل جي جان سمجهيو ويندڙ جبار تاثير سومرو جيڪو سدائين اڇي ڪاٽن جي وڳي ۽ ڪاري چشمي ۾ نظر ايندڙ کان سندس پسنديده ڪپڙن جي رنگن بابت پڇيم ته ٺھ پھ وراڙايائين اڇو ڪپڙو ۽ اهو به ڪاٽن جو هجي، بس مان ته پائيندو ئي هڪ ڪلر آهيان، واقعي ائين ئي آهي هو سدائين اڇو ڪاٽن جو وڳو پائيندو آهي. جڏهن حيدرآباد شهر کي علمي، ادبي ۽ محبتن جو شهر ڪوٺيندي دل کي وڻندڙ پسنديده شهر جو درجو ڏئي ٿو. موسمن ۾ بهار جي موسم ۽ اها موسم جنهن ۾ آسمان تي ڪڪر ڇانيل هجن ۽ رمجهم جهڙي بوند وسندي هجي. خوشبوئن ۾ گلاب جي مهڪندڙ خوشبوءِ، پهرن ۾ شام جي پهر ۽ سج لهڻ وارو منظر کيس پسند آهي، کاڌي معاملي ۾ پاڻ صابر ۽ شاڪر آهي، جيڪو کاڌو ملي صبر ۽ شڪر سان کائيندو آهي. فنڪارن ۽ موسيقي جي پسند واري سوال جي جواب ۾ چيائين آڳاٽي زماني ۾ سوڍل فقير، استاد منظور علي خان، استاد گلزار علي خان ۽ هن وقت مانجهي فقير کان علاوه پنهنجي پٽ نديم سومرو جيڪو پاڻ کي سچ ۽ سونهن جو فنڪار ڪوٺي ٿو هن کان متاثر آهيان. سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ نديم سومرو سندس لاتعداد شاعري کي آواز جو ترنم ڏنو آهي، سندس ڪيترائي گيت مقبوليت جي درجي تي پهتل آهن. سدائين محبتون ارپيندڙ ۽ وٺندڙ سنڌ جي البيلي شاعر تاثير سومرو کان پڇيم ته  زندگي ڇا آهي؟ جواب ڏيندي چيائين ته زندگي ڏکن ۽ سکن جو مجموعو آهي، ڪڏهن خوشين جا انبار ته ڪڏهن غمن جا داستان، ڪڏهن گلاب جي گلن واري سکن جي سيج ته ڪڏهن راهن ۾ ڪنڍا وڇايل هوندا آهن، انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏيڻ ئي زندگي چئبو آهي.

پيار ڇا آهي۔۔۔؟

پيار کانسواءِ زندگي اڌوري آهي.

رشتيدارن جي پيار مان ڪيترا مطمئن آهيو؟

ڪڏهن به نه رشتيدارن کان وڌيڪ دوستن جي پيار مان مطمئن آهيان.

ڪا اهڙي خوشي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي؟

تعليم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، تعليمدان جي حيثيت پيغمبري پيشي ۾ استاد جي حيثيت ملڻ، ادبي دنيا ۾ اچڻ، شاعري ڪرڻ ۽ شاعري جي ڪري شهرت ملڻ جي خوشي منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي ۽ تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي.

ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي يا وساري نه سگهيا هجو؟

ها هڪ غم جنهن کي ڪڏهن به نه وساري سگهيو آهيان ۽ شايد ڪڏهن وسري به نه سگهي، انهيءَ غم هميشه دل کي چير پئي ڏنا آهن، جنهن مون کان سڀ ڪجھ کسي ورتو۔ 4 اپريل 1974 ڪنڊياري جي پاسي منهنجي سئوٽ جي شادي ۾ درياءَ پار ڪندي ٻيڙي جي اٿلجڻ سبب منهنجي خاندان جا 17 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، انهي حادثي ۾ منهنجون ٻه سڳيون ڀيڻون ۽ هڪ ڀاءُ به شامل هئا، بس اهو غم ڪڏهن به وسري نه سگهيو آهي ۽ شايد ڪڏهن به وسري نه سگهي.

ڪي خواهشون جيڪي رهجي ويون هجن؟

هر خواهش کانپوءِ ٻي خواهش جنم وٺي ٿي، ٻي کانپوءِ ٽي، ٽي کانپوءِ چوٿين ائين خواهشن جو اڻ کٽ سلسلو انسان جي جيئري زندگي ۾ رهي ٿو، هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي.

طبيعت ۾ ڪهڙو مزاج رکو ٿا؟

زندگي جي تلخ ۽ ڏکين تجربن مان گذرندي ۽ تمام گهڻن ڏکن، تڪليفن، ايذائن، بيمارين ۽ حادثن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جي ڪري طبيعت ۾ هاڻ ضد ۽ چڙچڙائپ وڌي وئي آهي، هر ڳالھ ۾ تلخي  محسوس ڪندو آهيان.

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ڏيندي چيائين اڄڪلھ سنڌي پنهنجا ڪتاب ڇپرائين ٿا، پوءِ ورهائين ٿا، ڏک اهو ٿئي ٿو ته پوءِ به ڪتاب پڙهجي ڪونه ٿو، سو خدارا سنڌي ڪتاب خريد ڪريو ۽ پڙهو توهان جي علم ۾ اضافو ٿيندو ۽ ليکڪ جي همت افزائي ٿي پوندي.

سنڌ جي من موجي شخص جنهن زندگي جا ڪيترائي لاڙها چاڙها ڏٺا آهن، زندگي جا اڻ وسرندڙ ڏک هن اکين سان ڏٺا آهن، هو هڪ وڏي ڪٽنب جو سنڀاليندڙ جنهن پنهنجي ڪٽنب کي پيار جي زنجيرن سان جوڙي هڪ تسبيح جيان پروئي سنڀالي رکيو آهي، هن جون علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيون ۽ ياد ڪيون وينديون. منهنجي دعا آهي هي سدا بهار شخصيت جو مالڪ سدائين بهارن سان هجي، وڏي حياتي، صحت ۽ تندرستي واري ماڻي، شل ڪوبه ڪوسو واءُ نه لڳيس، ائين سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي، سدا خوش رهي پنهنجن پيارن سان، سنڌي ادب جي گهڻگهرن کي سندس ايندڙ ڪيترن ئي ڪتابن خاص ڪري آتم ڪٿا جو انتظار رهندو.

“جانب جيئن شال چمڪين چوڏهين چنڊ جيان.”

***