آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهيون، پاڪستان بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ لاءِ تيار

آءِ ايم ايف کان نئون بيل آئوٽ پيڪيج وٺڻ بابت ٿيندڙ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون. حڪومت بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ سميت عالمي مالياتي اداري جون ڪيتريون ئي شرطون مڃي ورتيون آهن. آءِ ايم ايف پاڪستان کي بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي . جڏهن ته حڪومت نئين بجيٽ ۾ 500 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ لاءِ تيار ٿي آهي. نون شرطن مطابق ايندڙ 3 سالن ۾ بجلي ۽ گيس مهانگي ڪري صارفن کان 340 ارب رپيا وڌيڪ وصول ڪيا ويندا. هن طرح سان هر سال بجلي تي 114 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳايا ويندا. آءِ ايم ايف کي ميمورينڊم آف اڪانامڪ اينڊ فنانشل پاليسي وارن معاملن تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽيرف ۾ تبديلي هر ٽن مهينن بعد ڪئي ويندي جڏهن ته بجلي جي قيمت طئي ڪرڻ لاءِ نيپرا ۽ گيس جي قيمتون طئي ڪرڻ لاءِ اوگرا کي فري هينڊ ڏنو ويندو. 300 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن ۽ پرڏيهي ڪاروبار سان لاڳاپيل صنعتي صارفن کان علاوه سڀني لاءِ سبسڊي ختم ڪئي ويندي. آخري معاملا طئي ٿيڻ بعد گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر رضا باقر آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدن تي صحيحون ڪندو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *