سنڌ ورهائڻ واري بيان تي گورنر سنڌ کان استعيفيٰ جو مطالبو
سنڌ حڪومت، گورنر سنڌ عمران اسماعيل کان سنڌ مخالف بيان تي کانئس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گورنر، سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان بيان بعد هو گورنر جي عهدي جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي کيس فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر آئيني عهدو آهي گورنر سنڌ آئيني حدن ۾ رهي ۽ اهڙن بيانن کان پاسو ڪري. صوبائي حڪومت ۽ عوام پاران سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿيڻ بعد گورنر سنڌ عمران اسماعيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ اسان جو مادر وطن آهي جنهن پاران ڏنل عزت سبب ئي هن عهدي تي پهتو آهيان. مان صرف اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جي ڳالهه ڪئي هئي.

