پوليو وائرس جي جاچ ڪرڻ جي طريقي کي بهتر بڻايو ويندو
پاڪستان حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پوليو وائرس جي باري ۾ نئين ريسرچ ڪري ان جي سبب کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن ڪم لاءِ نه صرف مشينون خريد ڪيون وينديون پر ان جي استعمال لاءِ اسٽاف کي به تربيت ڏني ويندي. پوليو جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري (نيشنل آپريشن سينٽر فار پوليو ريڊيڪشن) جي سربراهه ڊاڪٽر رانا محمد صفدر چيو ته پوليو وائرس جي جاچ مشڪل ٿيندي پئي وڃي جنهن جو ڪارڻ ملڪ ۾ پوليو جي وائرس جو گهٽجڻ آهي. ساڳئي موقعي تي افغانستان مان وائرس جي پاڪستان ۾ منتقلي به تمام گهڻي وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته گذريل سال پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس رجسٽرڊ نه ٿيو. جڏهن ته افغانستان مان پاڪستان ۾ وائرس جي ڦهلجڻ جا خطرا تمام گهڻا وڌيل آهن. 2018 ۾ هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪوبه ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو پر افغانستان ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته اها وائرس ملڪ اندر ڪٿان اچي رهي آهي ۽ ان جو ڦهلاءُ ڪيستائين وڃي رهيو آهي ۽ ان جو جينياتي لاڳاپو معلوم ڪرڻ لاءِ ته اهو وائرس ڪٿان کان ڦهلجڻ شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي ڪيئن روڪيو وڃي. ڊاڪٽر صفدر چيو ته جاپان جيڪو اسان جي 1996 کان مدد ڪري رهيو آهي، ان هاڻي 3.2 ملين (لڳ ڀڳ سوا ٽي ڪروڙ رپيا) ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. جاپان نه صرف مشينون خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪندو پر اهو ان کي هلائڻ واري عملي جي تربيت به ڪندو. ڊاڪٽر صفدر وڌيڪ چيو ته پهرين صرف معذور ٻارن جي جاچ ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي اهڙن ٻارن جي به جاچ ٿي سگهندي جن ۾ وائرس نه آيو آهي، پر اهي اهڙن علائقن ۾ رهي رهيا آهن جتي وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو موجود هوندو. جنهن ڪارڻ ليب ۾ ڪم وڌي ته ويندو پر نين مشينن سان ان ڪم کي تيزي سان ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

