نئون

مستقبل ۾ ڀتيون به سمارٽ هونديون

 

 

 

سائنس هر روز نيون ايجادون پيش ڪندي رهي آهي، فون کانپوءِ موبائل، موبائل کانپوءِ سمارٽ فون، هاڻي وري پيش آهن سمارٽ وال (سمارٽ ڀتيون)، اڄڪلهه ته هر شيءِ سان انٽرنيٽ جڙيل آهي، ڊور بيل، ٽوسٽر، لائٽ بلب ايتري قدر جو فرج به سمارٽ ٿي ويا آهن، جيڪي آرگينڪ کاڌا نه کائڻ تي اسان کي ياد ڏياريندي آهي. آمريڪا جي ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي جي ماهرن پاران اهڙي ڀت تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سينسر لڳايا ويا آهن، جيڪي ڪمري ۾ موجود ماڻهن جي حرڪتن تي نظر رکي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڀت تي هٿ رکڻ جي صورت ۾ اها ان کي محسوس به ڪري سگهندي جيئن سمارٽ فون جي اسڪرين اسان کي محسوس ڪري سگهندي آهي. هن قسم جي ڀت ۾ ڪابه ڪئمرا ڪونهي پر اليڪٽروڊ جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جيڪو پاڻي مليل پينٽ سان ڍڪيل هوندو آهي. هاڻي پيش ڪجن ٿا هن ڀت جا ڪم هڪ ته توهان هن ڀت سان ٽوئسٽر راند کيڏي سگهو ٿا. ان کان علاوه اها ڀت ٻڌائي سگهي ٿي ته توهان جي هٿ ۾ ڇا آهي. هي ته اهي ڪم آهن جيڪي اها ڀت هاڻي ڪري سگهي ٿي پر ان جي ٺاهڻ واري جو مقصد آهي ته هن ڀت کان مستقبل ۾ ٻيا ڪم به وٺي سگهجن، جنهن ۾ ماڻهو هن ڀت سان وڊيو گيم کيڏي سگهندا. ٽي وي جي چينل کي تبديل ڪري سگهندا، هڪ تاڙي وڄائڻ سان بتيون بند ڪري يا هلائي سگهندا.