59 کرب 32 ارب 50 ڪروڙن جو مالي سال 2019 جو بجيٽ پيش
وفاقي حڪومت نئين مالي سال 19-2018 جو59 کرب 32 ارب 50 ڪروڙن جو ساليانو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو. بجيٽ تفصيلن موجب پنجاب جو حصو 12 کرب 81 ارب 98 لک، سنڌ جو حصو 6 کرب 48 ارب 81 ڪروڙ 30 لک، ڪي پي ڪي کي 4 کرب 26 ارب 9 ڪروڙ 70 لک ملندا. ياد رهي ته سنڌ جي بجيٽ 5 مئي تي پيش ڪئي ويندي. بجيٽ بابت وڌيڪ تفصيلن موجب ترقياتي منصوبن لاءِ 20 کرب 43 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مطابق وفاق لاءِ 10 کرب 30 ارب ۽ صوبن لاءِ 10 کرب 13 ارب رکيا ويا آهن. دفاع جي لاءِ 1100 ارب رپيا رکيا ويا آهن. صحت جي شعبي لاءِ 30 ارب 73 ڪروڙ 44 لک رپيا رکيا ويا آهن. تعليم جي بجيٽ ۾ 7 اربن جو اضافو ڪري 97 ارب 42 ڪروڙ رکيو ويو آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي لاءِ هڪ ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 124 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم لون پروگرام لاءِ 10 ارب رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ مختلف ادارن لاءِ سبسڊي لاءِ هڪ کرب 38 ارب 84 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي لاءِ 25 ارب جو پئڪيج ۽ سمنڊ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ جو پلانٽ لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ايف بي آر ٽيڪسن جي مد ۾ 4 هزار 435 ارب رپين جي وصولين جو هدف رکيو ويو آهي. ڪمپيوٽر جي پرزن جي درآمدگي تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ايل اين جي تي 3 سيڪڙو ويلو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. فلمي صنعت سان وابسته ماڻهن جي آمدني تي ٽيڪس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ياد رهي ته بجيٽ پيش ٿيڻ وقت اپوزيشن پاران احتجاج ڪيو ويو، جنهن جو چوڻ هو ته حڪومت جو مدو صرف هڪ مهينو رهجي ويو آهي اها بجيٽ نٿي پيش ڪري سگهي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته اها سنڌ صوبي جو بجيٽ صرف ٽن مهينن لاءِ پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ نئين حڪومت باقي 9 مهينن جو بجيٽ ڏيندي.