خاصنئون

 ڪوڙن اڪائونٽ ڪيسن ۾ پهرين رڪوري، ٻن ملزمن کان 2 ارب 12 ڪروڙ وصول

نيب راولپنڊي سنڌ نوري آباد پاور ڪمپني ۽ سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي منصوبن ۾ ڌانڌلي ۽ ميسرز ٽيڪنومين ڪائنيٽڪ پرائيويٽ لميٽيڊ کي غير قانوني فائدو ڏيڻ مطابق ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن اسڪينڊلن جي ملزمن کان تفتيش دوران پلي بارگين ذريعي 2 ارب 12 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ورتا آهن. ٽيڪنومين ڪائنيٽڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ سنڌ نوري آباد ڪمپني جي ڊائريڪٽرن آصف محمود ۽ عارف علي سرڪاري آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري سنڌ ۾ بجلي جي منصوبن ۾ بدعنواني ڪئي. ٻنهي ملزمن نيب آڏو پلي بارگين جي درخواست ڪئي جنهن کي تفتيشي آفيسرن منظوري لاءِ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايو. جنهن بعد نيب ان پلي بارگين جي درخواست کي منظور ڪري ورتو. ٻنهي ملزمن مطابق اهي ڪوڙيون ڪمپنيون ٺاهي ٺيڪا وٺندا رهيا ۽ حاصل ٿيندڙ رقم ڪوڙن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪندا رهيا. هن وقت ٻئي ڄڻا نيب جي تحويل ۾ آهن. جڏهن ته ڪيس جي مک ڪردار خورشيد انور جمالي جي پلي بارگين درخواست اڃان تائين منظور نه ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته هن ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي به ڏوهي جي طور تي تفتيش ۾ گهرايو ويو هو.