بلاگنئون

پنڪج اڌاس جي چٺي اچي وئي …

برصغير جو سھڻو غزل راڳي پنڪج اڌاس 72 ورھين جي ڄمار ماڻي گذاري ويو، گذاري ته هر ڪنهن کي وڃڻو آھي، پر هن گائڪ جو هتان کان هميشھ لاءِ وڃڻ مڌر آوازن جي ڪنٺي مان هڪ پرسوز آواز جو ڇڄڻ ھو. اهي گلو ته هاڻي ناهي رهيو، جن مان سُر نڪري سِرن جون صدائون هڻندا هئا. موت ان کي نيٺ خاموش ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو سدا امر آواز نون نغمن کي زندگي ڏيئي نه سگهندو، ليڪن فضائن ۾ وري به صدين تائين پيا گونجندو، سندس ڳايل گيتن جي گونجار ڪنهن مخصوص رت جي محتاج ناهي رهڻي. پنڪج اڌاس جي آواز ۾ زخمي ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي.ڳائڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو آھي، ڳائيندڙن لاءِ ھڪ ته ذاتي درد ٻيا وري شاعر جا درد، هڪ ئي وقت اچي ڪٺا ٿيندا آھن. پوءِ ته ڪڏھن ڪڏھن راڳيندڙ ڳائيندي ڳائيندي روئي پوندا آھن. گهايل گيتن ۽ غزلن ۾ ڪيڏا نه درد سمايل هوندا آھن. راڳي انهن درد ڀرين گيتن کي ڇيڙي ڄڻ ته نانگن سان کيڏڻ ٿو لڳي. جڏھن ڪوئي راڳي پنهنجن دردن کي آواز ۽ شاعري جي لفظن ۾ بيان ڪندو آھي ته هن جا ڦٽ ايئن چڪي پوندا آھن جيئن ڪڙھندڙ ڦٽن تان ڪوئي اوچتي لپري لاهيندو هجي.
زخمي سُرن جو سھڻو سرجڻھار ، ننڍي کنڊ جو ناميارو غزل راڳي پنڪج اڌاس 17 مئي 1951ع تي گجرات جي جيت پور ويجھو چرخدي ڳوٺ ۾ موسيقي ۽ فن سان چاھه رکندڙ ڪيشوڀائي اُڌاس ۽ جيتوبين اُڌاس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو ٽن ڀائرن مان ننڍو هو. سندس وڏي ڀاءُ منوهر اُڌاس بالي ووڊ فلمن ۾ هندي پلي بيڪ سنگر طور ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون. سندس ٻيو وڏو ڀاءُ نرمل اڌاس پڻ مشهور غزل ڳائڻو آهي.
پنڪج اڌاس سر بي پي ٽي آءِ ڀاوا نگر ۾ پڙهيو. سندس خاندان جڏهن ممبئي منتقل ٿيو ته اتي ھن سينٽ زيويئر ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هن ولسن ڪاليج ۽ سينٽ زيويئر ڪاليج ممبئي مان سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي.
پنڪج جڏهن ٻار هو، تڏهن سندس پيءُ ڪيشو ڀائي هڪ تار وارو ساز دلربا وڄائيندو هو. سندس ۽ ٻنھي ڀائرن جي موسيقيءَ ۾ دلچسپي ڏسي، ھُن کين راجڪوٽ جي سنگيت اڪيڊمي ۾ داخل ڪرايو. شروع ۾ پنڪج طبلو سکڻ لاءِ پاڻ کي داخل ڪرايو پر پوءِ غلام قادر خان صاحب کان هندستاني ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي سکيا وٺڻ لڳو. ان کان پوءِ گواليار گھراڻي جي هڪ ڳائڻي، نورانگ ناگپورڪر جي سرپرستيءَ هيٺ تربيت وٺڻ لاءِ ممبئي هليو ويو.
پنڪج کي وڏي ڀاءُ اسٽيج پرفارمر منوهر اُڌاس موسيقيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي پهرين اسٽيج پرفارمنس چين-ڀارت جنگ دوران “اي ميري وطن ڪي لوگو” هئي. چئن سالن کان پوءِ هن راجڪوٽ ۾ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ طبلي وڄائڻ جا نرالا علم حاصل ڪيائين. هن ماسٽر نارنگ جي نگراني هيٺ هندستاني ڪلاسيڪل موسيقي جي تربيت وٺڻ شروع ڪئي.
چاندي جيسا رنگ آهي تيرا، سوني جيسي بال اهو مشهور غزل آهي جيڪو پنڪج اُڌاس ڳايو ۽ اهوئي غزل سندس سڃاڻپ بڻيل رهيو. پنڪج جو پهريون گانو فلم “ڪامنا” ۾ هو جيڪو نقش لائلپوري لکيو، فلم فلاپ رهي پر سندس گاني کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. کيس غزلن ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ غزل ڳائڻي جي حيثيت سان ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ اردو ٻولي سکيائين. هن ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ ڏهه مهينا غزلن جي محفلن ۾ گذاريو ۽ نئين جوش ۽ اعتماد سان ڀارت موٽي آيو. سندس پهريون غزل جو البم “آهٽ” 1980ع ۾ رليز ٿيو، جنهن کان پوءِ ھن جي ڪاميابيءَ جو سفر شروع ٿيو ۽ 2011ع تائين هن جا پنجاهه کان وڌيڪ البم ۽ سؤ کان وڌيڪ تاليف ٿيل البم رليز ٿيا . 1986ع ۾ کيس فلم “نام” ۾ پرفارم ڪرڻ جو ٻيو موقعو مليو، جنهن ۾ ڳايل غزل چٺي آئي ھي کيس شهرت جي بلندين تي پھچايو. هن 1990ع ۾ فلم گهايل لاءِ لتا منگيشڪر سان گڏ “ماهيا تيري قسم” ڳايو. ان گيت وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. 1994ع ۾ ساڌنا سرگم سان گڏ فلم مهرا جوگانو “نا ڪجري ڪي ڌار” ڳايو جيڪو پڻ تمام گهڻو مشهور ٿيو. هن ساجن، يه دلگي، نام ۽ ڦر تيري ڪهاني ياد آئي فلمن جا گانا ڳايا، جيڪي سدائين ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ موسيقي جو سرور ڀريندا رھن ٿا. ميوزڪ انڊيا ڊسمبر 1987ع ۾ سندس البم شگفته لانچ ڪيو ويو، جيڪو پهريون ڀيرو هندستان ۾ ڪمپيڪٽ ڊسڪ تي رليز ڪيو ويو. هن سوني انٽرٽينمينٽ ٽيليويزن تي “آداب عرض هي” ٽيلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو. مشهوراداڪار جان ابراهام اُداس کيس پنهنجو مرشد سڏيندو ھو.
خوبصورتيءَ سان غزل ڳائڻ جي فن تي پنڪج اُڌاس کي 2006ع ۾ پدما شري ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان کانسواءِ هن ڪلاڪر، ايم ٽي وي اميز، بالي ووڊ ميوزڪ، اسپيشل اچيومينٽ ايوارڊ، دادا ڀائي ناروجي ملينيم، ووڪيشنل ريڪگنيشن، ڀارتيه وديا ڀون، آرٽسٽڪ اچيومينٽ، اندرا گانڌي پريا درشني، گيانٽس انٽرنيشنل ۽ ڪي ايل سهگل ايوارڊ حاصل ڪيا.
پنڪج اڌاس 1982ع ۾ فريده سان شادي ڪئي، کين 2 ڌيئرن ناياب ۽ ريوا جو اولاد ھو.
غزل جي دنيا جي مهان راڳي پنڪج اڌاس جو روح 26 فيبروري 2024ع تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ سندس جسم مان پرواز ڪري ويو. لاڏاڻي وقت سندس ڄمار 72 ورھيہ ھئي.
پنڪج هاڻي پرلوڪ پڌاري چڪو آھي. هاڻي ان جو سازن ۽ آوازن سان ساٿ ڪونهي، ھوھاڻي خاڪ ۾ پنهان ٿي ويو آھي ۽ راڳ جي دنيا ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي آھي. راتيون جڏھن خاموش ٿينديون آھن ته شبنم ڇاڻينديون آھن ۽ شبنم ۾ ڪنول ڦلاربا آھن، هاڻي ننڍي کنڊ ۾ رهاڻيون ۽ راڳ جون راتيون اهي راتيون ناهن رهيون، جن راتين ۾ شمعون ٻرنديون هيون ۽ راڳ، ويراڳ جا ورلاپ سمهڻ نه ڏيندا هئا ۽ جن راڳڻين ۾ نه رڳو راڳ ۽ ويراڳ جون نديون وهنديون هيون، پر اتي صفت ۽ ساراهه سان صبوح به ڪر کڻندا هئا.ننڍي کنڊ جي اها وڏي خوشنصيبي آھي، جو ان جيترا وڍ ورهاڱن، جنگين ۽ قتلن جا سٺا آھن ته اتي ڏکويل روحن راڳ ۽ ويراڳ سان به پاڻ ريجهايو آھي، ۽ زخمي زندگي جي ڦٽن تي مرھم به رکيو آھي ۽ اهو ئي راڳ ۽ ويراڳ سدابهار آوازن جي ڪلا آھي.