ايڊيٽوريلنئون

علاقائي واپار ۾ واڌ جي ضرورت

                وفاقي وزير خزانه جيڪو اڄ ڪلهه آمريڪا جي دوري تي آهي ۽ اهم مالياتي ادارن جي سربراهن ۽ معاشي ماهرن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. هن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي فورم تي خطاب ڪندي چيو آهي ته غير يقيني عالمي صورتحال جي ڪري مختلف ملڪن تي انهيءَ جا ناڪاري اثر پوندا. واپار ۽ ترقي سست رفتار ٿيندي، ان جي تناظر ۾ علاقائي تجارت کي فروغ ڏيڻ گهرجي.

                آئي ايم ايف جي مباحثي ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير خزانه چيو ته واپار ۽ معاشيات لاءِ عالمي صورتحال ڏينهون ڏينهن مٽجي رهي آهي. تڏهن اُسرندڙ ملڪن کي اهڙي پسمنظر ۾ پنهنجي مالياتي مسئلن جي حل لاءِ علاقائي تجارت کي وڌائڻ گهرجي. ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ انهيءَ جو واپار اهم بنياد آهي. انهيءَ ڪري دنيا آزاد واپار يعني “فري ٽريڊ” جي حق ۾ رهي آهي ۽ آزاد واپار جي ڪري اهي ملڪ ۽ انهن جو عوام خوشحال ٿيو آهي. واپار جيئن ته ترقيءَ ڏانهن ويندڙ رستو آهي. اسين پنهنجو مثال وٺون ته اسانجي زرعي پيداوار ۽ اسانجي صنعتي پيداوار جا خريدار علائقي جا ملڪ ۽ عالمي ملڪ آهن تڏهن اسانجي پيداوار جو لاڀ اسانجي هاري، آبادگار، مزدور ۽ صنعتڪار کي ملي ٿو. وفاقي وزير خزانه عالمي فورم تي اها ڳالهه رکي آهي، پر اسين وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن مان اها اميد ٿا ڪريون ته اهي علائقي جي ملڪن لاءِ واپار دوستي وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. وفاقي وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ (Vulnerable 20) V20 سيمينار کي به خطاب ڪيو ۽ انهي ۾ چيو ته پاڪستان ماحول جي بچاءُ جو هڪ منصوبو تيار ڪري رهيو آهي ۽ اسان آئي ايم ايف سان ريزيلينس اينڊ سسٽينئبلٽي فيسيلٽي جي تحت هڪ نئين انتظام تحت اسٽاف ليول معاهدو ڪيو آهي.

                 ورلڊ بينڪ جو پاڪستان لاءِ منظور ڪيل 10 سالا ڀائيواري جو پروگرام به ماحوليات جي متعلق آهي. اسانجي وزارت خزانه چيو ته هيءَ حڪومت جيڪا8  فيبروري 2024 جي چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي آهي. انهيءَ معاشي ۽ مالياتي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ ملڪ کي معاشي ۽ مالياتي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. سڄي دنيا جي مالياتي مرڪزن ۾ وزير خزانه جي اچ وڃ ملڪ جي معاشي ۽ مالياتي ڀلائي لاءِ ضروري آهي. انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن پنهنجي ڳالهه ورجائي ته پاڪستان گذريل ڏيڍ سالن جي دوران حاصل ٿيل معاشي ۽ مالياتي ڪاميابين کي برقرار رکندي ترقي جي راهه تي گامزن آهي.

                هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي اها ڳالهه به ڪئي ته عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ڪئي وئي آهي. جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ۾ ٿيل معاشي ۽ مالياتي اصلاحات کي بين الاقوامي مالياتي حلقن ۾ ساراهيو پيو وڃي. وفاقي وزير خزانه پنهنجي پرڏيهي دوري ۾ علاقائي تجارت ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هن غير يقيني عالمي صورتحال جو به ذڪر ڪيو آهي. هن جو اشارو تازو چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن آهي، جنهن پنهنجي ملڪ جي ماليات جي بهتري لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن، جن ۾ ٽرمپ ٽيرف به آهي. انهيءَ ڪري دنيا جو واپار متاثر ٿيو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽون لاٿ ۾ هليون ويون آهن. تيل جون عالمي قيمتون في بيرل گهٽ ٿيون آهن. انهيءَ غير يقيني عالمي صورتحال کي ڏسندي، وزير خزانه علاقائي تجارت کي فروغ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ڪنهن به ملڪ لاءِ علاقائي تجارت ان جي ترقي لاءِ اهم هجي ٿي. ڇاڪاڻ جو زرعي ۽ صنعتي پيداوار جو واپار جيڪڏهن ويجهن ملڪن سان ڪيو ويندو ته اهو علائقي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند هوندو. ڇاڪاڻ جو انهيءَ تي سفر جو خرچ به گهٽ ايندو ۽ علاقائي واپار وقت به گهٽ وٺندو. وقت جي وڏي اهميت آهي، پر واپار ۾ وقت جي اهميت کان انڪار ممڪن نه آهي. واپاري تعلقات ۽ سيڙپڪاري جي واڌ لاءِ اسانجي واپار ۽ خزاني جي وزارت کي جلد اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن علائقي جي مختلف ملڪن سان واپار ۾ واڌ ڪري سگهجي. زراعت، صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ اڳڀرائي ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي.