خاص

حيدرآباد ۾ 1 لک 25 هزار غير قانوني افغانين جي هجڻ جو انڪشاف، نادرا جا خصوصي سينٽر قائم ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ 1 لک 25 هزار غير قانوني افغان مهاجرن جي هجڻ جو انڪشاف ڪمشنر حيدرآباد پاران هڪ گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو. غير قانوني پرڏيهين جا ٺهرايل سڃاڻپ ڪارڊ نادرا کان ڇنڊڇاڻ ڪرائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ نادرا جا خصوصي سينٽر قائم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. پهرين نومبر کان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڻمرادو ملڪ ڇڏڻ لاءِ پشتو ۽ اردو ٻولين ۾ اشتهار ۽ پڙها ڏيڻ ۽ پرڏيهي افغانين جي واپسي لاءِ ايندڙ هفتي افغان ڪمشنر کي حيدرآباد ۾ گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت پاران سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ رهندڙ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي پاڻمرادو پنهنجن ملڪن ڏانهن ويندڙ ڊيڊ لائن ۾ باقي 11 ڏينهن بچيا آهن. حيدرآباد جي ڪمشنر خالد حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ حيدرآباد جي ڊي.سي طارق قريشي ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سميت ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊي سين ۽ ڳجهن ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڏنل بريفنگ ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ڄامشورو، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد سميت ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ 1 لک 25 هزار غير قانوني افغان شهرين جي سالن کان رهڻ جو انڪشاف ٿيو. گڏجاڻي ۾ تجويز ڏني وئي ته غير رجسٽرڊ افغانين جي نشاندهي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني پشتون معززين کان به مدد ورتي وڃي.