ادبنئون

ڪهاڻي: نامرد

ليکڪ: اسد عباس بٽ
منھنجو ”مڙس نامرد آھي ۽ مونکي طلاق کپي…“
اھو تنسيخ نڪاح جو عام ڪيس ھو… تمام گھڻو پڙھيل لکيل خاندان ھو، ٻه پيارا ٻار ھئا، پر خاتون بضد ھئي ته ھن کي ھر حال ۾ خُلع کپي، جڏھن ته منھنجو موڪل (مڙس) شديد صدمي جي ڪيفيت ۾ ھو. جج صاحب چڱو ماڻھو ھو، ان مونکي چيو ته توھان زال مڙس کي منهنجي چيمبر ۾ وٺي وڃو ۽ انھن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريو، شايد پاڻ ۾ ٺھي وڃن. آئون ان عورت جي مُڙس جو وڪيل هئس، انهيءَ ناتي مون يڪدم حامي ڀري، جڏھن ته زال جي وڪيل ان ڳالھ تي چڱو خاصو هُل ڪيو، پر خاتون ڳالھ ٻولھ لاءِ راضي ٿي وئي. چيمبر ۾ ٻئي زال مڙس آمھون سامھون ويٺا ھئا:
”ھا محترمه… اوھان کي پنھنجي مڙس سان ڪھڙو مسئلو آهي؟“
”وڪيل صاحب! ھي شخص مردانه طور تي ڪمزور آھي.“
آئون عورت جي بيباڪي تي حيران ٿي ويس، ھونئن ته ڪورٽن ۾ گھڻو ڪري بيباڪ عورتن سان ئي واسطو پوندو رھندو آھي، ليڪن ھن خاتون جي ڳالھ ئي ڪجھ جدا ھئي. ھن جي مڙس ھڪ شڪايتي نظر پنھنجي زال تي وڌي ۽ امداد طلب نظرن سان مونکي گھورڻ لڳو، آئون ٿورو گھٻرائجي ويس ته ڪھڙي عورت آھي، ذرو به شرم حيا ڪونھيس. بهرحال مون به شرم ۽ حيا کي ھڪ طرف رکيو ۽ تيز تيز سوال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. جڏھن ھن کان پڇيم: ”ڇا توھان جو پنھنجي مرد مان گذارو نٿو ٿئي؟“
ته چوڻ لڳي ”ماشاءَالله ٻه ٻار آھن اسان جا، ھي جسماني طور تي ته بلڪل ٺيڪ آھي“
”ته پوءِ محترمه ھي مردانه طور تي ڪمزور ڪيئن آھي؟!“ مون پڇيو…
”وڪيل صاحب! منھنجو بابا ٻھراڙيءَ ۾ رھندو آھي ۽ زميندار آھي، اسين ٻه ڀينرون آھيون منھنجي بابا ڪڏھن به اسان کي ”ڌيءَ راڻي“ کان گھٽ سڏيو ئي نه ھو، جڏھن ته منھنجو مڙس مونکي ڪُتي ڪري سڏيندو آھي!! ڪھڙي مردانه صفت آهي وڪيل صاحب؟.. مون کان ڪا ننڍي وڏي غلطي ٿي وڃي ته ھي منھنجي پوري آل عيال کي گاريون ڏيندو آھي!! ھاڻي توھان ئي ٻڌايو ته ان ۾ منھنجن مائٽن جو ڪھڙو ڏوھ؟ ھيءَ مردانه صفت ته ناھي جو ٻين گھروارن ۽ مائٽن کي گاريون ڏنيون وڃن!! وڪيل صاحب… منھنجو بابا مونکي شھزادي ڪوٺي ۽ ھي غصي ۾ مون کي ”ڪڃري“ چوي.!! وڪيل صاحب! مرد ته اُھو ھوندو آھي جيڪو ڪڃريءَ کي به ايتري عزت ڏي جو ھوءَ ڪڃري نه رھي ۽ ھي ته پنھنجي زال کي ئي ڪڃري ڪري سڏي ٿو!! اھا ڪا مردانه ڳالھ ته نه ٿي نه، وڪيل صاحب ھاڻي توھان ئي ٻڌايو ڇا ھي مردانه طور تي ڪمزور ناھي.؟؟ منھنجو ته ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو. ھن جي مڙس ھن جي طرف ڏسي چيو
”جيڪڏهن اھو ئي مسئلو ھو ته تون مونکي ٻڌائي ٿي سگهئين نه، ھھڙي ذھني ٽارچر ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي..؟“ مڙس ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”توکي ڇا ٿو لڳي جڏھن تون منھنجي ماءُ ڀيڻ کي ڪنھن ناجائز رشتي سان ڳنڍيندو ھئين ته آئون خوش ٿيندي ھوندس…؟ ھيترن سالن کان اوھان جو ڪيل ھي ذھني تشدد برداشت ڪري رھي آھيان، اُن جو حساب ڪير ڏيندو؟!“
زال جي غصي جو پارو ڪنھن به طرح سان گھٽ نه ٿي رھيو ھو. خير جيئن تيئن منٿ ميڙ ڪري ھنن ٻنھي ۾ صلح ڪرايم. عورت جي مڙس مون سان وعدو ڪيو ته آئنده ھو پنھنجي زال کي ڪڏھن به گار گند نه ڪندو ۽ پوءِ ٻئي پنھنجي گھر ھليا ويا.
آئون ڪافي دير اُتي ويٺي سوچيندو رھيس ته گاريون ته مون به ھن خاتون کي ھن جي پھرين جواب تي دل ئي دل ۾ خوب ڏنيون ھيون ته شايد آئون به نامرد آھيان ۽ شايد اسان جو سڄو معاشرو نامردن سان ڀريل آهي.
***